بخار

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا

عام ماڻهوءَ جي بدن جي سراسري گرميءَ جو پد سراسري طور 98 سينٽي گريڊ ٿئي ٿو ۽ جڏهن اهو وڌي ٿو ته پوءِ اُن کي ”-بخار-“ چئبو آهي. جسم ۾ -جراثيم- داخل ٿيڻ، عضون جي سور، ٿڪ، گرميءَ ۽ اُس ۾ رهڻ يا ڪنهن ٻيءَ اندروني تڪليف جي ڪري -بخار- ٿي پوندو آهي. -بخار- جا ڪيئي قسم آهن. موسمي -بخار-، مڇرن جي ڪري مليريا جو -بخار-، مدي جو تپ، ڳاٽي ٽوڙ -بخار- وغيره. جانورن کي به -بخار- ٿيندو آهي، جنهنڪري جسم جي حرارت جو درجو وڌي وڃي ٿو. جڏهن جسم ۾ گرميءَ جي وڌيڪ پيدا ٿيڻ يا جذب ٿيڻ سان يا گرمي گهٽجڻ (Heat loss) ۾ خرابيءَ سبب گرمي پد وڌي وڃي، ته -ان- کي هيٽ اسٽروڪ (Heat stroke) ”ڏينهن لڳڻ“ چئبو آهي. درجه حرارت وڌڻ جو ٻيو سبب رت ۾ زهريلي مادي جو پيدا ٿيڻ آهي، جيڪو رت جي دوري ۾ ڪنهن به -جراثيم- يا وائرس وغيره جي داخل ٿيڻ سان ڇوت پيدا ڪري ٿو. جانورن ۾ -بخار- ٻن قسمن جو ٿيندو آهي: سيپٽڪ (Septic) ۽ ائنٽيسپٽڪ (antiseptic). سيپٽڪ بخار: هيءُ -بخار- جو اهو قسم آهي، جيڪو وائرس، بئڪٽريا، فنجائي يا ڪنهن پروٽوزوئا جي ڇوت سان ٿئي ٿو. انفيڪشن سڄي بدن ۾ بئڪٽيريميا Bacteraemia يا سيپٽيسيميا Septicaemia جي صورت ۾ ٿيندي آهي. بدن ۾ خاص ردعمل (reaction) ٿئي ٿو، جنهن جو اثر گرميءَ جي سينٽر تي ٿيڻ سبب گرمي وڌي وڃي ٿي. ائنٽيسپٽڪ بخار: -بخار- جو هيءُ قسم ڪيميڪل -بخار- آهي، جنهن جو ڪارڻ ٻاهران داخل ٿيل پروٽين جي ري ائڪشن سان ٿئي ٿو. علامتون: -بخار- ۾ ٽاڪسيميا ۽ هائير ٿرميا جو گڏجي اثر ٿئي ٿو، جنهن ۾ جسم جو درجه حرارت وڌي وڃي ٿو. نبض تيز ٿي وڃي ٿي، اڃ تيز، سهڪ وڌي ۽ -بک- ختم ٿئي ٿي، قبضي به ٿئي ٿي، جانور ۽ ماڻهو موڳو ۽ سست ڏسڻ ۾ ايندو آهي. پيشاب گهٽ ۽ گهاٽو پيلاڻ مائل ٿئي ٿو. -بخار- گهٽ وڌ به ٿي سگهي ٿو يا مسلسل به هوندو آهي. گهڻو ڪري ٻه يا ٽي ڏينهن وڌيل حد تي رهندو آهي، پوءِ گهٽجي ويندو آهي. ڪن بيمارين ۾ هڪ دفعو -بخار- گهٽجي وري وڌندو ويندو آهي.

علاج: زهر پيدا ڪندڙ -جراثيم- کي ختم ڪري وڌيل -بخار- جو علاج ڪبو آهي. جيڪڏهن -بخار- تمام وڌيڪ ۽ مسلسل هجي، رت جو دورو يا ساهه جو نظام جيڪڏهن ڪم ڇڏي رهيا هجن ته مٿي تي ٿڌيون -پٽيون- رکجن.[1]

  1. http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A8%D8%AE%D8%A7%D8%B1