ساھ کڻڻ جو سرشتو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

انسان ۾ ساھ کڻڻ جو عمل ڦڦڙن ۽ ان سان ڳنڍيل نالين تي مشتمل هوندو آهي، جنهن سان هوا نڪ وسيلي جسم ۾ اندر داخل ٿيندي آهي. ڦڦڙ جسم ۾ سيني جي اندر ٿين ٿا. ساھ کڻڻ وقت هوا ڦڦڙن ۾ اندر داخل ٿيڻ کي ’ساھ کڻڻ‘ ۽ جسم کان ٻاهر نڪرڻ کي ’ساھ ڪڍڻ‘ چئبو آهي. هوا جڏهن نڪ مان گذرندي آهي تہ اها گرم ۽ گهميل ٿي ويندي آهي. نڪ جي اندرئين حصي ۾ اهڙا گهرڙا هوندا آهن، جيڪي مِيُوڪس (Mucous) نيڪال ڪندا آهن، جنهن سان نڪ جو اندريون حصو آلو رهي ٿو ۽ ان آلاڻ جي ڪري ٻاهرين مٽي يا جيوڙا اٽڪي پوندا آهن ۽ صاف هوا ڦڦڙن ڏانهن رواني ٿيندي آهي. ان ئي ڪري طِبي ماهر (ڊاڪٽر) اسان کي نڪ مان ساھ کڻڻ جي صلاح ڏيندا آهن.[1]

حوالا[سنواريو]