ڪرڪيٽ عالمي ڪپ 2019ع
هي وڪيپيڊيا جو روان سڌارو لاءِ مضمون آهي – ۽ توهان وڪيپيڊيا جي مدد ڪري سگهو ٿا ان کي سنواريو! توهان ان کي ڪيئن بهترڪري سگهو ٿا، ان بابت انهيءَ جي بحث صفحو تي بحث ڪريو ۽ مدد ڊيسڪ يا چانهہ گهر تي سوال پُڇو. |
ڪرڪيٽ عالمي ڪپ 2019ء | |
---|---|
ڪرڪيٽ عالمي ڪپ 2019ع جو باضابطہ لوگو | |
تاريخ | 30 مئي – 14 جولاءِ 2019ء |
منتظم | بين الاقوامي ڪرڪيٽ ڪائونسل |
ڪرڪيٽ | هڪ ڏهاڙو بين الاقوامي |
ٽورنامينٽ | رائونڊ روبن ۽ ناڪ آئوٽ |
ميزبان | انگلستان ويلز |
فاتح | انگلستان[1] (1st بار) |
شريڪ ملڪ | 10 |
مقابلن جي تعداد | 48 |
بھترين کلاڙي | ڪين وليمسن |
گھڻيون رنسون | روهت شرما (648) |
گھڻيون وڪيٽون | مچل اسٽارڪ (27) |
ڪرڪيٽ عالمي ڪپ 2019ع (باضابطہ طور تي آءِ سي سي ڪرڪيٽ عالمي ڪپ، 2019ء)، ڪرڪيٽ عالمي ڪپ جو 12ھون ايڊيشن هيو[2][3]، جيڪو 30 مئي کان 14 جولاءِ، 2019ع تائين برطانيا ۽ ويلز ۾ منعقد ٿيو.[4]
ھن عالمي جي ميزبانيءَ جا حَقَ اپريل 2006ء ۾ برطانيہ کي ڏنا ويا، جڏھن برطانيا پاران ڪرڪيٽ عالمي ڪپ 2015 جي ميزباني ڪرڻ کان معذرت ڪئي، جيڪا پوءِ آسٽريليا ۽ نيوزي لينڊ ۾ منعقد ٿيو. ھن عالمي ڪپجو پھريون ميچ اوول جڏھن تہ فائنل ميچ لارڊز ۾ کيڏيو ويندو. 1975ء، 1979ء، 1983ء ۽ 1999ء کانپوءِ پنجون ڀيرو برطانيہ ۽ ويلز ۾ ھي ڪرڪيٽ عالمي ڪپ منعقد ٿيو. ٽورنامينٽ جو فارميٽ ھن ريت آھي تہ، 10 ٽيمن کي 1 گروپ ۾ وِرھايو ويو آھي، ھر ٽيم باقي 9 ٽيمن سان 1، 1 ميچ کيڏندي. گروپ جون پھريون چار درجي جون ٽيمون سيمي فائنل جي لاءِ ڪُواليفاءِ ڪنديون، سيمي فائنل کٽندڙ ٽيمون فائنل کيڏنديون. ھي پھريون عالمي ڪپ آھي جنھن ۾ سڀ ٽيسٽ کيڏندڙ ٽيمون موجود ناھين.[5]
ورلڊڪپ کٽيندڙ ٽيمون
[سنواريو]2019ع ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جون ڪُل 48 اوڊي آءِ ميچون کيڏيون وينديون. ھي ڪرڪيٽ ورلڊڪپ رائونڊرابن سسٽم تحت کيڏيو ويندو جنھن ۾ ھرھڪ ٽيم سڀني ٻين ٽيمن سان گھٽ ۾ گھٽ ھڪ ميچ کيڏندي ۽ سڀني ڏھن ئي ٽيمن کي ھڪ ئي گروپ ۾ رکيو ويو آھي. 1975ع کان 2015ع تائين ڪُل پَنج مُلڪن جي ٽيمن ورلڊ ڪپ کٽيو آھي. انھن ۾ ويسٽ انڊيز ٻہ ڀيرا، انڊيا ٻہ ڀيرا، پاڪستان ۽ شري لنڪا ھڪ ھڪ ڀيرو جڏھن تہ آسٽريليا پنج ڀيرا ڪرڪيٽ ورلڊڪپ کٽيو آھي انھن سڀني ورلڊڪپ جي ترتيب ھيٺئين ريت آھي.
1975 ۾ پھريون ورلڊڪپ ويسٽ انڊيز 291-8، آسٽريليا جو اسڪور 274، ويسٽ انڊيز 17 رنسن تان کٽيو.
1979 ۾ ويسٽ انڊيز ٻيو ڀيرو انگلينڊ کان 92 رنسن تان کٽيو، ويسٽ انڊيز جو اسڪور 286-9، ۽ انگلينڊ 194 اسڪور رھيو.
1983 ۾ انڊيا پھريون ڀيرو ورلڊڪپ ويسٽ انڊيز سان مقابلي ۾ 43 رنسن تان کٽيو، انڊيا جو اسڪور 184، ويسٽ انڊيز 140 اسڪور.
1987 ۾ آسٽريليا پھريون ڀيرو ورلڊڪپ 7 رنسن تان انگلينڊ کان کٽيو. ٻنھين ٽيمن جو اسڪور ھن ريت رھيو آسٽريليا 253-5 وڪيٽن تي، ۽ انگلينڊ 246 -8 وڪيٽن جي نقصان تي اسڪور رھيو.
1992 ۾ پاڪستان پھريون ڀيرو ورلڊڪپ انگلينڊ کان 22 رنسن تان کٽيو، جنھن ۾ پاڪستان جو اسڪور 249-6 وڪيٽن نقصان تي ۽ انگلينڊ 227 اسڪور رھيو.
1996 ۾ شري لنڪا پھريون ڀيرو ورلڊڪپ 7 وڪيٽن جي سوڀ سان آسٽريليا کان کٽيو، جنھن ۾ شريلنڪا جو اسڪور 245-3 وڪيٽ جي زيان سان ۽ آسٽريليا 241 اسڪور رھيو.
1999 ۾ آسٽريليا ٻيو ڀيرو ورلڊڪپ 8 وڪيٽن تان کٽيو، آسٽريليا 133-2 ۽ پاڪستان 132 اسڪور رھيو.
2003 ۾ آسٽريليا 125 رنسن تان انڊيا کان سوڀَ ماڻي ٽيون ڀيرو ورلڊڪپ کٽيو. جنھن ۾ آسٽريليا جو اسڪور 359-2 ۽ انڊيا 234 اسڪور رھيو.
2007 ۾ چوٿون ڀيرو آسٽريليا ورلڊڪپ جو تاج 53 رنسن جي سوڀَ ماڻي، جنھن ۾ آسٽريليا 281-4 ۽ شري لنڪا 215-8 اسڪور رھيو.
2011 ۾ انڊيا ٻيو ڀيرو ورلڊڪپ ۾ 6 وڪيٽن تان شري لنڪا کان سوڀ ماڻي، انڊيا 277-4، شري لنڪا 274-6 اسڪور رھيو.
2015 ۾ آسٽريليا پنجون ڀيرو ڪرڪيٽ ورلڊڪپ 7 وڪيٽن تان نيوزي لينڊ کان سوڀ ماڻي، آستريليا 186-3، نيوزيلينڊ 183 اسڪور رھيو. [6]
2019ع ۾ انگلينڊ پھريون ڀيرو ورلڊ ڪپ ڪرڪيٽ کٽيو، فائنل ۾ نيوزيلينڊ ۽ انگلينڊ کيڏيا جنھن ۾ پھرئين اننگ ۾ مقرر 50 اوورز ۾ نيوزيلينڊ 241/8 اسڪور ڪيو، جواب ۾ انگلينڊ ٽيم مقرر 50 اورز ۾ 241/10 آل آئوٽ ٿي وئي، ۽ ميچ ٽاءِ ٿي وئي جنھن کانپوءِ سپر اوور کيڏايو ويو، جيڪو بہ برابر ٿي ويو ۽ پوءِ انگلينڊ کي سوڀ ماڻيندڙ اعلان ڪيو ويو.
ڪوالي فيڪيشن
[سنواريو]2019ع عالمي ڪرڪيٽ ڪپ ۾ 10 ملڪ حصو وٺي رھيا آھن، جيڪو گُذريل عالمي ڪپ، جنھن ۾ 14 ٽيمن حصو ورتو، کان گھٽ آھي. ميزبان انگلستان ۽ 7 ٽيمن جو سيپٽمبر 2017ء تائين، آءِ سي سي ون ڊي رينڪنگ ۾ پھرئين 8 درجي تي ھئي، ان ٽورنامينٽ ۾ پاڻ ئي ڪُوالي فاءِ ٿي ويون. بچيل 2 نششتن جي لاءِ زمبابوي ۾ ڪُواليفائير کيڏيو ويو. افغانستان ڪواليفائير جي فائنل ۾ ويسٽ انڊيز کي ھارايو، انھن ٻنھين ٽيمن عالمي ڪپ جي لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.
ڪواليفڪيشن جو طريقو | تاريخ | مقام | نششتون | ڪواليفائيڊ[7] |
---|---|---|---|---|
ميزبان ملڪ | 30 سيپٽمبر، 2006ء[8] | 1 | انگلستان | |
آءِ سي سي او ڊي آءِ چيمپئن شپ | 30 سيپٽمبر، 2017ء | 7 | آسٽريليا بنگلا ديش ڀارت نيوزي لينڊ پاڪستان ڏکڻ آفريڪا سري لنڪا | |
ڪواليفائير | 23 مارچ، 2018ء | 2 | افغانستان ويسٽ انڊيز | |
ڪُل | 10 |
مقام
[سنواريو]شھر | برمنگھم | برسٽل | ڪارڊف | چيسٽر لي اسٽريٽ | ليڊز |
---|---|---|---|---|---|
گرائونڊ | ايجبيسٽن ڪرڪيٽ گرائونڊ | برسٽل ڪائونٽي گرائونڊ | صوفيا گارڊنز (ڪرڪيٽ گرائونڊ) | ريورسائيڊ گرائونڊ | ھيڊنگلي ڪرڪيٽ گرائونڊ |
گنجائش | 25,000 | 17,500 | 15,643 | 20,000 | 20,000 (ترقياتي ڪمن کانپوءِ) |
ميچن جو تعداد | 5 (سيمي فائنل سميت) | 3 | 4 | 3 | 4 |
لنڊن | لنڊن | مانچيسٽر | ناٽنگھم | سائوٿمپٽن | ولٽن، سومرسيٽ |
لارڊز ڪرڪيٽ گرائونڊ | اوول (ڪرڪيٽ ميدان) | اولڊ ٽريفرڊ ڪرڪيٽ گرائونڊ | ٽرينٽ برج | روز بائول (ڪرڪيٽ گرائونڊ) | ڪائونٽي گرائونڊ |
28,000 | 25,500 | 26,000 | 17,500 | 25,000 | 12,500 |
5 (فائنل سميت) | 5 | 6 (سيمي فائنل سميت) | 5 | 5 | 3 |
ٽيمون ۽ رانديگر
[سنواريو]پاڪستان | آسٽريليا | انگلستان | ڀارت | افغانستان | ويسٽ انڊيز | ڏکڻ آفريڪا | نيوزي لينڊ | سري لنڪا | بنگلہ ديش |
---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|
[13] | [14] | [15] | [16] | [17] | [18] | [19] | [20] |
گروپ مرحلو
[سنواريو]The group stage format is a round-robin, where all ten teams play each other once, in a single group. This means a total of 45 matches will be played, with each team playing a total of nine matches. The top four teams from the group will progress to the knockout stage. A similar format was previously used in the ڪرڪيٽ عالمي ڪپ 1992ء.
پوائنٽس ٽيبل
[سنواريو]Pos | ٽيم | کيڏيا | W | L | T | NR | پوائنٽس | NRR | Qualification |
---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|
1 | ڀارت | 9 | 7 | 1 | 0 | 1 | 15 | 0.809 | سيمي فائنل ۾ پهچي ويا |
2 | آسٽريليا | 9 | 7 | 2 | 0 | 0 | 14 | 0.860 | |
3 | انگلستان (H) | 9 | 6 | 3 | 0 | 0 | 12 | 1.151 | |
4 | نيوزي لينڊ | 9 | 5 | 3 | 0 | 1 | 11 | 0.176 | |
5 | پاڪستان | 9 | 5 | 3 | 0 | 1 | 11 | −0.431 | ٻاهر ٿي ويا |
6 | سري لنڪا | 9 | 3 | 4 | 0 | 2 | 8 | −0.919 | |
7 | ڏکڻ آفريڪا | 9 | 3 | 5 | 0 | 1 | 7 | −0.030 | |
8 | بنگلا ديش | 9 | 3 | 5 | 0 | 1 | 7 | −0.414 | |
9 | ويسٽ انڊيز | 9 | 2 | 6 | 0 | 1 | 5 | −0.225 | |
10 | افغانستان | 9 | 0 | 9 | 0 | 0 | 0 | −1.319 |
Rules for classification: 1) پوائنٽس؛ 2) رانديون کٽيون؛ 3) نيٽ رن ريٽ؛ 4) پاڻ ۾ مقابلي جو نتيجو؛ 5) Pre-tournament seeding
(H) ميزبان.
وارم آپ مقابلا
[سنواريو]مقابلا
[سنواريو]The ICC released the fixture details on 26 April 2018.[21]
ناڪ آئوٽ مرحلو
[سنواريو]ناڪ آئوٽ مرحلي ۾ ٻه سيمي فائنل کيڏيا ويندا، سيمي فائنل کٽيندڙ ٽيمون فائنل هڪ ٻئي جي آمهون سامهون مقابلو ڪنديون. فائنل لارڊز ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ کيڏي ويندو.[22]
سيمي فائنل | فائنل | |||||
9-10 جولائي – اولڊ ٽريفرڊ، مانچسٽر | ||||||
ڀارت | 221 | |||||
14 جولائي – لارڊز، لندن | ||||||
نيوزي لينڊ | 239/8 | |||||
نيوزي لينڊ | ||||||
11 جولائي – ايجبيسٽن، برمنگهم | ||||||
انگلستان | ||||||
آسٽريليا | 223 | |||||
انگلستان | 226/2 | |||||
سيمي فائنلز
[سنواريو]فائنل
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ "England win Cricket World Cup: Ben Stokes stars in dramatic finale against New Zealand". BBC Sport. حاصل ڪيل 14 July 2019.
- ↑ "برطانيا ۾ 2019ء جو عالمي ڪپ". Archived from the original on 2019-01-07. https://web.archive.org/web/20190107023601/http://news.bbc.co.uk/sport2/hi/cricket/4956010.stm%20/default.stm.
- ↑ "برطانيا، 2019ع جي عالمي ڪپ جي ميزباني ڪندو". وقت 7 جنوري 2019 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. Check date values in:
|archive-date=
(مدد) - ↑ "آءِ سي سي جي ميٽنگ". وقت 7 جنوري 2019 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. Check date values in:
|archive-date=
(مدد) - ↑ "رچرڊسن ٽي 20 ۾ ٻيون ٽيمون چاھي ٿو". وقت 7 جنوري 2019 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. Check date values in:
|archive-date=
(مدد) - ↑ "Cricket World Cup | History, Winners, & Facts". Encyclopedia Britannica. حاصل ڪيل 2019-05-30.
- ↑ "Cricket World Cup: The Final 10". International Cricket Council. وقت 7 جنوري 2019 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 23 مارچ 2018. Check date values in:
|access-date=, |archive-date=
(مدد) - ↑ "England lands Cricket World Cup". BBC Sport. حاصل ڪيل 2 اپريل 2018. Check date values in:
|access-date=
(مدد) - ↑ "London Stadium could stage 2019 Cricket World Cup matches". وقت 7 جنوري 2019 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. Check date values in:
|archive-date=
(مدد) - ↑ Wigmore, Exclusive by Tim. "ECB considering using Olympic Stadium to host 2019 Cricket World Cup games". وقت 7 جنوري 2019 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 23 January 2017. Check date values in:
|archive-date=
(مدد) - ↑ "London Olympic Stadium gets ICC approval". ESPN Cricinfo. وقت 7 جنوري 2019 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 23 January 2017. Check date values in:
|archive-date=
(مدد) - ↑ "2019 World Cup: London Stadium not one of 11 tournament venues". BBC Sport. 26 April 2018. Archived from the original on 7 January 2019. https://web.archive.org/web/20190107023616/https://www.bbc.co.uk/sport/cricket/43903877. Retrieved 26 April 2018.
- ↑ "Pakistan name squad for ICC Men's Cricket World Cup 2019". پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ. حاصل ڪيل 18 اپریل 2019. Check date values in:
|access-date=
(مدد) - ↑ "Big names left out of World Cup squad". Cricket Australia. حاصل ڪيل 15 اپريل 2019. Check date values in:
|access-date=
(مدد) - ↑ "England name preliminary ICC Men’s Cricket World Cup Squad". England and Wales Cricket Board. حاصل ڪيل 17 اپريل 2019. Check date values in:
|access-date=
(مدد) - ↑ "Karthik, Shankar included in India's World Cup squad" (en ۾). Cricbuzz. 15 اپریل 2019. https://www.cricbuzz.com/cricket-news/107572/world-cup-2019-india-announce-squad-for-world-cup. Retrieved 15 اپريل 2019.
- ↑ "ICC Squad". Cricket South Africa. حاصل ڪيل 18 اپريل 2019. Check date values in:
|access-date=
(مدد) - ↑ "BLACKCAPS squad named for ICC Cricket World Cup". New Zealand Cricket. حاصل ڪيل 3 اپريل 2019. Check date values in:
|access-date=
(مدد) - ↑ "Sri Lanka Squad for ICC Cricket World Cup 2019". Sri Lanka Cricket. حاصل ڪيل 18 اپريل 2019. Check date values in:
|access-date=
(مدد) - ↑ "Shakib back for World Cup, named Mortaza's deputy". Cricbuzz. حاصل ڪيل 16 اپريل 2019. Check date values in:
|access-date=
(مدد) - ↑ "ICC Cricket World Cup 2019 schedule announced" (en ۾). Archived from the original on 2019-01-07. https://web.archive.org/web/20190107023614/https://www.icc-cricket.com/media-releases/672392.
- ↑ "Old Trafford to host India-Pakistan World Cup clash". ESPNcricinfo. Archived from the original on 2019-01-07. https://web.archive.org/web/20190107023606/http://www.espncricinfo.com/story/_/id/23309263/old-trafford-host-india-pakistan-world-cup-clash.