ناٽنگھم
ناٽنگھم(انگريزي: Nottingham ). (
i/ˈnɒtɪŋəm/ NOT-ing-əm) يونائيٽيڊ ڪنگڊم جي ملڪ انگلينڊ جو ھڪ شھر آھي جنھن جي مڪاني حڪومت وحداني اختياري واري شھري ڪائونسل تي مشتمل آهي جيڪا لندن کان اتر طرف 128 ڪلوميٽرن تي تاريخي ڪائونٽي ناٽنگھم شائر ۾ واقع آهي. ھي شھر رابن ھڊ جي ڪھاڻي، راليگ موٽرسائيڪلن ۽ تماڪ جي صنعت جي ڪري مشھور آھي. 1897 م راڻي وڪٽوريا جي تاج پوشي جي ڊائمنڊ جوبلي جشن جي موقعي تي ان کي شھر جو درجو مليو . ھي شھر ھن وقت انگلينڊ جو ھڪ وڏو سياحتي مرڪز آھي. 2017 ۾ ناٽنگھم جي آدمشماري جو تخمينو 329,200 ھيو.[4]ھن شھر جو پبلڪ ٽرانسپورٽ نظام تمام بھترين آھي.[5]جنھن ۾ انگلينڊ جو سڀ کان وڏو پبلڪ جي ملڪيت وارين بسن جو نيٽورڪ ۽ [6] ناٽنگھم ريلوي اسٽيشن ۽ ٽرام جو جديد ايڪسپريس نظام شامل آهن. ھي شھر راندين جو مرڪز پڻ آھي. 2015 ۾ ھن شھر کي انگريزي راندين جو گھر قرار ڏنو ويو .[7] ھتي نيشنل آئيس سينٽر، نيشنل واٽر اسپورٽس سينٽر ۽ ٽرينٽ برج انٽرنيشنل ڪرڪيٽ گرائونڊ پڻ واقع آھي.[8] 11 ڊسمبر 2015 تي ھن شھر کي يونيسڪو پاران ادب جو شھر قرار ڏنو ويو.[9] ھن شھر ۾ ٻہ يونيورسٽيون واقع آھن جن ۾ ناٽنگھم ٽرينٽ يونيورسٽي ۽ يونيورسٽي آف ناٽنگھم شامل آهن. يا يونيورسٽي آف لا جو ڪيمپس پڻ ھن شھر ۾ واقع آهي.


حوالا
[سنواريو]- ↑ "Nottingham, "The Queen City of the Midlands," The official guide, Sixth Edition (1927)". Nottinghamshire History. 11 April 2015 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "A brief A-Z of Nottingham". Atschool.eduweb.co.uk. اصل نسخو مان 16 جنوري 2010 تي محفوظ ڪيل. 13 جُولاءِ 2010 تي حاصل ڪيل.
{{cite web}}: Unknown parameter|deadurl=ignored (|url-status=suggested) (مدد) - ↑ "British Urban Pattern: Population Data (Epson)" (PDF). Espon.eu. اصل نسخو (PDF) مان 24 سيپٽمبر 2015 تي محفوظ ڪيل. 9 نومبر 2017 تي حاصل ڪيل.
{{cite web}}: Unknown parameter|deadurl=ignored (|url-status=suggested) (مدد) - ↑ "ONS Mid-Year Population Estimates 2017". Nottingham Insight. 31 January 2019 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Hat-trick of prestigious award wins for Nottingham City Transport!". NCT. 19 November 2014. اصل نسخو مان 8 December 2014 تي محفوظ ڪيل.
{{cite web}}: Unknown parameter|deadurl=ignored (|url-status=suggested) (مدد) - ↑ "Our Companies – NCT". Transdev UK. 22 February 2014 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Nottingham named as 'Home of English Sport'". BBC News.
- ↑ "Nottingham chosen as first City of Football". BBC News.
- ↑ Tom Norton (11 ڊسمبر 2015). "Nottingham named UNESCO City of Literature". Nottingham Post. اصل نسخو مان 22 ڊسمبر 2015 تي محفوظ ڪيل. 7 جنوري 2016 تي حاصل ڪيل.
{{cite news}}: Unknown parameter|deadurl=ignored (|url-status=suggested) (مدد)
- CS1 errors: unsupported parameter
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- Pages using infobox settlement with bad settlement type
- Lang and lang-xx template errors
- Coordinates on Wikidata
- Articles with OS grid coordinates
- برطانيا ۾ يونيورسٽي شهر