ويلز

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ويلز جو نقشو

ويلز برطانيا جي 4 آئيني ملڪن مان هڪ آهي جيڪو انگلستان، اسڪاچستان (اسڪاٽ لينڊ)، ويلز ۽ اتر آئرلينڊ (اتر آئرستان) تي مشتمل آهي. هي برطانيا عظميٰ جي ڏکڻ اولھ ۾ واقع آهي ۽ هن جو سرحدون اوڀر ۾ انگلستان جي ڪائونٽي چيشائر، شروپشائر، هیئر فورڊ شائر ۽ گلوسسٽر شائر سان، ڏکڻ اولھ ۾ رودباد سينٽ جارج ۽ اتر ۽ اولھ ۾ آئرش سمنڊ سان ملن ٿيون.

ويلز جو جھنڊو

ويلز 20،779 چورس ڪلوميٽرن (8،022 چورس ميل) تي پکڙيل آهي جڏهن تہ 2011ع جي اندازي جي مطابق هن جي آبادي 3,063,500 آهي.

ويلز جي گادي جو هنڌ ڪارڊف آهي جڏهن ته ويلش ۽ انگريزي قومي ٻوليون آهن.