مواد ڏانھن هلو

ويلز

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ويلز (Wales)

ڪائمرو (Cymru)
آئيني ملڪ
Banner of ويلز (Wales)
Banner
Official seal of ويلز (Wales)
Seal
Anthem: de facto;[1]
"Hen Wlad Fy Nhadau"
("منهنجي ابن ڏاڏن جي زمين")
گڏيل بادشاھت ۾ ويلز
گڏيل بادشاھت ۾ ويلز
ويلز جو نقشو
ويلز جو نقشو
Coordinates: 51°29′N 3°11′W / 51.483°N 3.183°W / 51.483; -3.183
راڄڌانيڪارڊف
گروفڊ-اپ-ليولن پاران متحد ڪيو ويوسال 1057ع
روڊلان جو قانونسال 1284ع
ويلز قانون 1535ع ۽ 1542عسال 1543ع
ويلش ٻولي ايڪٽ 1967ع27 جولائي، 1967ع
حيثيت جي تبديليپهرين جولائي، 1999ع
آبادي (2021)31,07,494
حڪومت
• طرزمقامي حڪومت
• باڊيپارلياماني آئيني بادشاهت جي تحت ويلش مقننه
• بادشاھهچارلس ٽيون
• عهديدارپهريون وزير: ايلونيڊ مورگن
سيڪريٽري: جو ايسٽيونز
ايراضي
• ڪل21,218 چورس ڪلوميٽر (8,192 چورس ميل)
وقتي علائقوUTCGMT+0

ويلز (انگريزي: Wales؛ ويلش: Cymru) هڪ آئيني ملڪ آهي، جيڪو گڏيل بادشاھت جو حصو آهي. ان جي اتر ۽ اولهه ۾ آئرش سمنڊ، اوڀر ۾ انگلينڊ، ڏکڻ ۾ برسٽل چينل ۽ ڏکڻ اولهه ۾ ڪيلٽڪ سمنڊ آهي. سال 2021ع تائين، ان جي آبادي 32 لک کان وڌيڪ هئي. ان جي پکيڙ 21,218 چورس ڪلوميٽر (8,192 چورس ميل) آهي ۽ 2,700 ڪلوميٽر (1,680 ميل) کان وڌيڪ ساحلي پٽي آهي. اهو گهڻو ڪري جبل وارو علائقو آهي، اتر ۽ مرڪزي علائقن ۾، سنوڊن (ان جي بلند ترين چوٽي) جي سميت ان جون اوچيون چوٽيون آهن.[2] ملڪ اتر معتدل زون ۾ واقع آهي ۽ هڪ بدلجندڙ، سامونڊي آبهوا وارو علائقو آهي. ان جو گاديءَ جو هنڌ ۽ سڀ کان وڏو شهر ڪارڊف آهي.

5هين صدي ۾ برطانيه کان رومن جي واپسي کان پوءِ ڪيلٽڪ برطانوي ماڻهن ۾ هڪ الڳ ويلش ڪلچر ابھريو ۽ ويلز مختصر طور تي سال 1055ع ۾ گروفڊ-اپ ليويلن جي تحت متحد ٿيو. 200 سالن کان وڌيڪ جنگ کانپوءِ، انگلينڊ جو بادشاهه ايڊورڊ پهريون 1283ع ۾ ويلز کي فتح ڪيو ۽ ان کي انگلينڊ جي بادشاھت ۾ شامل ڪيو. 15هين صدي جي شروعات ۾ اووين گلنڊور (Owain Glyndŵr) انگريزي حڪمراني خلاف ويلش بغاوت جي اڳواڻي ڪئي ۽ ويلش قومي پارليامينٽ (Senedd) سان هڪ آزاد ويلش رياست قائم ڪيو، پر ڪجهه ئي عرصي پوء، 16هين صدي ۾ انگلينڊ جو بادشاھ سڄي ويلز کي انگلينڊ ۾ شامل ڪري ڇڏيو ۽ ويلز ايڪٽ، 1535ع ۽ 1542ع جي تحت، ويلز کي انگريزي قانوني نظام ۾ شامل ڪيو. 19هين صدي ۾ ويلش قومپرستي ترقي ڪئي. ويلز جي خودمختياري، جنهن جي گارنٽي 19 صدي جي آخر ۽ 20 صدي جي شروعات ۾ ڊيوڊ لائيڊ جارج پاران ڏني وئي هئي، سوشلزم ۽ ليبر پارٽي جي واڌ ويجهه جي نتيجي ۾ ختم ٿئي وئي.

ويلش قومي تشخص جو احساس 20هين صدي دوران وڌيو. سال 1925ع ۾ قومپرست پارٽي، "پليڊ سيمرو" ٺاهي وئي ۽ 1962ع ۾ "ويلش لئنگئيج سوسائٽي" جو قيام عمل ۾ آيو. ويلز ۾ اختيار جي ويلش ڏانهن منتقلي جو هڪ گورننگ سسٽم استعمال ڪيو ويو آهي. سڀ کان وڏو قدم 1998ع ۾ سينيڊ (ويلش پارليامينٽ، اڳوڻي ويلز لاءِ قومي اسيمبلي) جي قيام آهي، جيڪي اختيارن جي منتقلي واري پاليسي معاملن جي هڪ حد لاءِ ذميوار آهي.

صنعتي انقلاب جي شروعات ۾، کان کني ۽ ڌاتو صنعتن جي ترقي ملڪ کي زرعي سماج کان صنعتي سماج ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. ڏاکڻي ويلز جي ڪوئلي جي فيلڊ جي استحصال سبب ويلز جي آبادي ۾ تيزي سان واڌ ٿي. آبادي جو ٻه ٽيون حصو ڏاکڻي ويلز ۾ رهي ٿو، جن ۾ ڪارڊف، سوانسي، نيوپورٽ ۽ ويجھي واديون شامل آهن. اتر ويلز جي اوڀر واري علائقي ۾ ڪل آبادي جو ڇهون حصو رهندو آهي. ريڪسهام اتر ويلز جو سڀ کان وڏو شهر آهي. ويلز جا باقي حصا گهٽ آبادي وارا آهن. ويلز ۾ روايتي ڪڍڻ ۽ ڳري صنعتن جي زوال کانپوء، هلڪي ۽ خدمتن جي صنعتون ۽ سياحت ان جي معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. ويلز ۾ زراعت وڏي پيماني تي چوپائي مال تي ٻڌل آهي، جيڪي ويلز کي چوپائي مال جو خالص برآمد ڪندڙ بڻائي ٿي ۽ قومي زرعي خود ڪفالت ۾ حصو وٺندي آهي.

ويلش ۽ انگريزي ٻئي سرڪاري ٻوليون آهن. ويلز جي آبادي جي اڪثريت انگريزي ڳالهائي ٿي. ويلش ٻولي اتر ۽ اولهه جي ه علائقي ۾ غالب ٻولي آهي، سڄي ويلز ۾ ڪل 538,300 ويلش ٻولي جا ڳالهائيندڙ آهن. ويلز ۾ چار يونيسڪو عالمي ورثي جا ماڳ آهن، جن مان ٽي اتر ويلز ۾ آهن.

پڻ ڏسو

[سنواريو]
ويلز جو جھنڊو

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]

52°18′N 3°48′W / 52.3°N 3.8°W / 52.3; -3.8

حوالا

[سنواريو]
  1. "BBC Wales – Music – National Anthem – The background to Hen Wlad Fy Nhadau". www.bbc.co.uk. 27 April 2024 تي حاصل ڪيل.
  2. "A Beginner's Guide to UK Geography (2023)". Open Geography Portal. Office for National Statistics. 4 February 2025. 14 May 2025 تي حاصل ڪيل.