کوسو
ٻوليون |
---|
مذھبَ |
لاڳاپيل نسلي گروھ |
کوسو يا کوسا (اردو: کهوسہ، انگريزي: Khosa، بلوچي: کوسگ)، ذات بلوچ نسل سان تعلق رکي ٿي هي قوم پاڪستان ۾ سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ ايران جي مختلف علائقن ۾ رھي ٿي. تاريخ جي مطابق، بلوچ يادوونشي اھيرن (Yaduvanshi Ahirs) سان تعلق رکن ٿا. ھيءُ بلوچن جي ھڪڙي قوم، رندن جي شاخ آھي. کوسا اڪثر جبل جي وٽ سان ڪوھستان جا رھاڪو آھن، خاص بندويراھه ۾ ڪوٽڙيءَ جي الھندي ڏي. انھن جون گھڻيون قومون آھن، جيئن ته جُماڻي، ڇُٽاڻي، دُرياڻي، سھراڻي، شاداڻي وغيره.[1] مغلن جي دؤر ۾، کوسا مڪران، صوبي سرحد، هانسي، حصا، کاڏل، ڀٽ نير، ٿرپارڪر کان سابرمتيءَ تائين پکڙجي ويا. همايون کين سون مياڻي جاگير ڏني هئي.[2] مڪران کان سواءِ حمار، پنجاب صوبي سرحد، کاڏل، ڀٽ نير، ٿرپارڪر، آبو تائين پکڙيل هئا. صوبي سرحد ۾ سندن مستقل رياست هئي. همايون کين سون مياڻي جاگير طور ڏني.[3] کوسا هڪ صدي کان ڪلهوڙن سان وفادار رهيا هئا. وقت بوقت فساد ڪندا هئا. پهرين چؤياري کين دادو ضلعي ۾ باغبان جاگير طور ڏنو. کوسن جا راڄ ٿرپارڪر جي سرحد جي حفاظت ڪرڻ لڳا.[3]
حوالا
[سنواريو]- ↑ قديم سنڌ-ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو؛ مصنف: مرزا قليچ بيگ؛ ايڊيشن: چوٿون، 1999ع؛ ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو.
- ↑ ڪتاب جو نالو: جنت السنڌ؛ تصنيف: رحيمداد خان مولائي شيدائي؛ ايڊيشن: پهريون، 2000ع، ٻيون 2006ع؛ ڇپائيندڙ: سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي.
- ↑ 3.0 3.1 [1][مئل ڳنڍڻو] ڪتاب جو نالو: سنڌ ۾ رهندڙ بلوچ قبيلا؛ مصنف: رحيمداد خان “مولائي شيدائي”؛ ايڊيشن:2012؛ ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو