کهڙو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

کهڙا ذات اصل ۾ امر، جيڪو ابو الحڪم سڏيو ويندو هو، تنهن جي خاندان سان تعلق رکن ٿا. جيڪو اصل ۾ حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن جي خاندان جو فرد هو جنهن کي ابو جهل نالي سان سڃاتو ويندو هو اصل ۾ کهڙا ابو جهل جي پوٽي سمون جو اولاد آهن. جيڪو علي ڪرم الله وجهه جي خلافت جي زماني ۾ اسلام جي دائري ۾ داخل ٿيو.حضرت امام حسين رضہ جي شهادت کان پوء سمون مدينو ڇڏي شام طرف هليو ويو ۽ اتي وڃي مروان، اميہ خاندان جي حڪمران جي نوڪري اختيار ڪيائين. جيئن تہ سمون تمام هوشيار ۽ ذهين ماڻهو هو. ۽ مروان تمام عقلمند هو تنهن ڪري جلد سمون سندس پسنديده شخصيت بڻجي ويو. وليد بن مالڪ جي وقت ۾ (محمد بن قاسم) سان گڏ سنڌ کي فتح ڪرڻ آيو.[حوالو گھربل] ۽ اتي ئي شهيد ٿيو، سمي جا چار پٽ هئا (انڙ، پنهور، لاڙڪ، کهڙو). انهي حساب سان سندس آخري پٽ جو اولاد کهڙا سڏجڻ ۾ آيو. کهڙن جو قبيلو کهڙا شهر آباد ڪرڻ کانپوء جيڪو خيرپور ضلعي جي گمبٽ تعلقي ۾ آهي، سنڌو ندي جي کاٻي ڪناري تي آباد ٿي ويا. سترهين صدي ۾ کهڙن جو شهر سرسبز ۽ آباد شهر هو. 1062_1041ھ سن جي وچ ۾ کهڙن جا مخدوم خليفي معتصم باالله جي وقت ۾ بغداد کان هجرت ڪري سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا ۽ اڄ تائين اتي ئي آباد آهن.

مرزا قليچ بيگ لکيو آهي تہ: کوهڙا لوهريءَ کان ويهن ڪوهن تي هيٺيان مشهور ماڻهو هوندا هئا.[1]

  1. قاضي عبدالرحمان. معتبر شريعت وارو ماڻهو هو. مسجد ۾ نماز پڙهندا شهيد ٿيو. سندس پٽ قاضي محمد ۽ قاضي احمدي سندس جاءِ تي ٿيا.
  2. منشي عبدالرئوف سهتو، جنهن کي ڪي هنڱورجن جو رهاڪو ٿا چون. اهو انشاپردازيءَ ۾ ڏاڍو قابل هو. پهرين خانپور ۽ سيوي جي حاڪمن وٽ منشي هو. پوءِ نواب خدا يار خان عباسي وٽ آيو ۽ کانئس پوءِ سندس ڀاءُ محمد حفيظ، ميان غلام شاھ ڪلهوڙي وٽ هو.

حوالا[سنواريو]

  1. قديم سنڌ - ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ، ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، سنڌ.