مواد ڏانھن هلو

انڙ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
انڙ (سماٽ)
ٻوليون

سنڌي

مذھبَ

اسلام

لاڳاپيل نسلي گروھ

سما، لاکا، لاکير

سنڌ جي سماٽ قبيلن جو هڪ شخص، جنهن جي نالي پٺيان ”انڙ“ ذات جو بنياد پيو. سماٽن لاءِ روايت آهي ته سام جو اولاد آهن. سنڌ جي سمن جو ڏاڏو ’هسپت‘ هو. اُنڙ انهيءَ هسپت جو اولاد آهن. انڙن جو شجرو تحفة الڪرام موجب هيٺينءَ ريت آهي:

اُنڙ پٽ لاکو پٽ لاکير پٽ اُڍو پٽ اوڍر پٽ نوتيار پٽ نيٽ، جيڪو هسپت جو پوٽو هو. اُنڙ جي پيءُ لاکي کي ٻه گهر واريون هيون. ”بٺي چاره“ نالي گهر واريءَ مان کيس اُڍو، مُهڙ ۽ ٻه ٻيا پٽ ٿيا. ٻيءَ گهرواريءَ مان اُنڙ، ڇُٽو، ڦل لاکو ۽ مناهي ٿيا. سنڌ ۾ سمن جو پهريون حاڪم ڄام فيروزالدين انڙ هو، جنهن جو اولاد ڪافي وڌيو ۽ سنڌ ۾ پکڙيو. سندس نالي جي ئي نسبت سان، پوءِ سنڌ ۾ ”انڙ“ قبيلو مشهور ٿيو. هن وقت هي قبيلو قديم لاکاٽ پرڳڻي (موجوده سڪرنڊ ۽ دولت پور صَفَن تعلقن) ۾، اڪثريت سان رهي ٿو. ”انڙ“ قبيلي جي دعويٰ آهي ته اُهي سموري ”سماٽ“ برادريءَ جو سردار قبيلو آهن، اُن ڪري اڄ تائين انڙ ”ڄام“ لقب اختيار ڪيو اچن. ايس صادق علي جي لکڻ موجب انڙ بن سمي کي 28 پٽ هئا، جن مان هڪڙي پٽ جو نالو ’ڳنڀير‘ هو، جنھن جي اولاد پاڻ کي ’ڳنڀير‘ سڏايو. سندن شجرو هن ريت بيان ڪيل آهي: ڳنڀير پٽ انڙ پٽ سمون پٽ رائيڏنو سنڌ ۾ هلندڙ دؤر ۾ انڙ قبيلي جا ڪيترائي مشهور ماڻهو ٿيا، جن ۾ رئيس علي نواز خان انڙ، رئيس رسول بخش انڙ، حاجي غلام حسين انڙ (سابق ايم پي اي)، بيگم گلزار انڙ (سابق ايم پي اي)، رسول بخش انڙ وڪيل، الطاف حسين انڙ، بهاول خان انڙ ، ڄام تماچي انڙ (موجوده ايم. پي. اي) وغيره شامل آهن.[1]

حوالا

[سنواريو]