ڇني

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڇني انگريزي ٻولي (Chhini) سنڌ پاڪستان جي دادو ضلعو جي جوهي تعلقو ۾ هڪ قديم شهر آهي جيڪو جوهي شهر کان اٽڪل 15 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي منڇر ڍنڍ ڀرسان ڪاڇو واري علائقي ۾ واقع آهي. ڇني لفظ “ڇھ نئي” مان ورتل آهي جنهن جو مطلب آهي ڇھ نئيون. هيءُ ڳوٺ ڇهن نئيُن جي ملندڙ وهڪري ڀرسان مٿانهينءَ تي اڏيل آهي. هتي گاج ندي، نئيگ، هليلي. سول، کنڌاني، انگئي نئيون اچي ملن ٿيون ۽ اتان هڪ وهڪري جي صورت ۾ منڇر ڍنڍ ڏانهن وهن ٿيون جنهنڪري اول ڇھ نئي وارو ڳوٺ سڏجڻ ۾ آيو جيڪو اڳتي هلي تبديل ٿيندو ڇني سڏجڻ لڳو ۽ هاڻ ڇِني سڏجي ٿو. تاريخ سنڌ ڪلهوڙا جي جلد پهرئين ۾ درج آهي ته ميان نصير محمد ڪلھوڙو گواليار جيل مان آزاد ٿي اول پنهورن جي علائقي ڇني ۾ آيو ۽ پوءِ گاج ندي جي ڪناري ڳوٺ ڳاڙهي ۾ رهائش اختيار ڪيائين. ڳاڙهيءَ ۾ رهڻ کان پوءِ ميان نصير ڇني ڳوٺ پنهنجي حامي کوسا قبيلي جي حوالي ڪيو. اڄ به ڇني ڀرسان شهداد کوسي جو قبرسان آهي ته ان جي آس پاس بشام کوسي، گولي کوسي جون قبرون ۽ پياري کوسي جي ماڙي جو ماڳ ڇني جي ويجهو آهن. هن ڳوٺ جي آبادي 20 هزار جي لڳ ڀڳ آهي.[1][2][3]

حوالا[سنواريو]