چارڻ
چارڻ قبيلو چارڻ_(انگريزي ٻولي: Bard) گجرات، راجسٿان ۽ سنڌ جو قبيلو آهي. اهي هند ۽ سنڌ جي راجپوتن جا ڪارناما ۽ ڪيرتون ڳائڻ ۽ ٺاهڻ جا شاعر ۽ ماهر هوندا هئا. سندن ڪم جنگين ۾ بهادري ۽ سورهيائپ جا قصيدا تيار ڪري، ٻڌائي سپاهين جي خون کي گرمائڻ به هوندو هو. سمنگ چارڻ، جئفو چارڻ، جمن چارڻ، ڪيسوجي چارڻ، ڏيو ڏان چارڻ، چمن چارڻ، ايسرداس چارڻ، شيو داس چارڻ، سورج مل چارڻ، ٻيجل چارڻ وغيره پنهنجي دورن جا مشهور سگهڙ ۽ شاعر رهيا آهن. [1]، سنڌ ۽ راجپوتانا ۾ اهم ۽ نرالو مقام رکي ٿو. چارڻ اصل ۾ ڀٽ آهن. هي راجپوت سورهين جي ساراهه ۾ گيت ڳائيندا هئا، جنهنڪري درٻارن ۾ به کين مختلف عهدا مليل هوندا هئا.
ڀَٽن وانگي ھيءُ به ڳائڻ وارا ھندو فقير آھن ۽ راجپوت انھن کي مانُ ڏيندا آھن. اڪثر ٿرپارڪر ضلعي ۾ آھن پنڻ تي گذران ڪندا آھن، پر ڪي زمين به پوکين ۽ مال به چارين. ھو مئلن کي ساڙيندا آھن ۽ ٻارن کي پوريندا آھن. پوشاڪ مارواڙين جھڙي اٿن. ماس ۽ شراب ڪم آڻيندا آھن.[2]
تاريخ
[سنواريو]هندستان توڙي سنڌ ۾ به سندن چڱو انگ رهي ٿو. ڪن هنڌن تي کين مقدس قبيلو به سمجهيو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته هي مذهبي ۽ قومي داستان نسل درنسل سيني ۾ سانڍي رکن ٿا، ان ڪري پراڻي زماني ۾ بادشاهن ۽ راجائن وٽ سندن وڏو مان هوندو هو. جنگين وقت هو قومي جاڳرتا جا گيت ڳائي وڙهندڙن ۾ قومي جذبو پيدا ڪندا هئا. چارڻ، راجائن، سردارن، بادشاهن جي وڏن جي تاريخ ۽ ٻيا جنگي واقعا نسل در نسل ياد رکندا هئا. ان ڪري کين وڏا انعام اڪرام ملندا هئا.مارواڙ ۾ کين وڏيون جاگيرون مليل آهن. اتي چارڻ اڄ به وڏا واپاري آهن. ’ترواڙي‘ چارڻن جو هڪ پاڙو آهي، جيڪو مارواڙ ۾ رهي ٿو. اتي سندن ٻه مشهور پاڙا: بانڪيداس ۽ چينداس آهن، جن ٻنهي پاڙن جو ڪم آهي ته اتان جي سردارن جي تاريخ لکن، ۽ کين تاريخ ۾ سٺن لفظن ۾ ياد ڪن. ٻئي نياتون نثر توڙي نظم ۾ مارواڙ جي راجائن جون تاريخون ۽ ٻيا اهم واقعا لکي، ياد رکن ٿا ۽ راجائن جي درٻارن ۾ گيتن جي صورت ۾ پڙهن ٿا. مارواڙ جي چارڻن ۾ هڪ عجيب رسم آهي ته شاديءَ وقت نوجوان گهوٽ ڪنوار آفيم تمام گهڻو واپرائين ٿا. سنڌ جي ٿرپارڪر واري علائقي ۾ رهندڙ چارڻ به شاديءَ ۾ آيل مهمانن آڏو آفيم رکندا آهن، وڏا اهڙن موقعن تي آفيم واپرائيندا آهن. مارواڙ ۾ سندن ٻه پاڙا مشهور آهن. برٿ چارڻ (Barath Charan) ۽ گاروي چارڻ (Garvi Charan). روايتن موجب برٿ چارڻ اصل ۾ ڀٽي راجپوت آهن. هي ناگور جي درما نالي ڳوٺ ۾ رهن ٿا. اتي اهي ڪنهن به قسم جو محصول (Tax) نه ڀريندا آهن. گاروي چارڻ به برٿ چارڻن وانگر اصل ڪڇ جا آهن، پر هي واپاري آهن. برٿ چارڻن وانگر دان ڪو نه گهُرندا آهن. اهي پاڻ ۾ سڱابندي نه ڪن. نه ئي وري هڪ ٻئي سان گڏ کائين پيئن. ٻئي قبيلا پاڻ کي قانون کان مٿاهون سمجهندي ڪو به ٽيڪس ڪونه ڀرين. هڪ ٻئي سان جهيڙا جهڳڙا به ڪن. ناراض ٿي بنواس وٺن ته چنري سڏرائين. هي اڪثر پاڻ سان چاقو ۽ کرچڻا رکندا آهن. گاروي چارڻن جي وڌيڪ عزت ڪئي وڃي ٿي. بيڪانير ۾ مشهور آهي ته اها رياست هڪ عورت بيڪي چارڻ جي دعائن سان وجود ۾ آئي. وچ هندستان ۾ چارڻن جون ٻه شاخون آهن. هڪڙي ڪاچيلي (Kachili) ۽ ٻي مارو (Maru). ڪاچيلي چارڻ اٺن ۽ گهوڙن جو واپار ڪن ٿا، پر مارو چارڻ ساڳيو ڀانن ۽ ڀاٽن وارو ڪم ڪن ٿا. اهي سڀ گجرات، سورت، ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ سنڌ جا رهاڪو آهن. اتي هنن جا چار پاڙا مشهور آهن.
- گاروي
- بهروت
- برت
- مڱڻ.
گجرات ۾ چارڻن جو پاڙو ڪنڀر چارڻ به آهي. چيو وڃي ٿو ته راجا سدراج (1143-1094ع) تائين هر ڪنڀارڻ ڇوڪري جي شاديءَ تي 16 روپيا ٽيڪس رکيل هو. ان زماني ۾ اهو ٽيڪس گهڻو هو، جنهنڪري ڪنڀر قبيلي جون ڪيتريون ڇوڪريون ٽيڪس نه ڏيڻ سبب ڪنواريون ويهجي وينديون هيون.
هاٺي
[سنواريو]هندستان توڙي ٿر واري علائقي جا چارڻ ڏيک ويک ۾ زالين مڙسين سهڻا، قد جا ڊگها، رنگ جا ڀورا ٿين ٿا. مرد راجپوتن وانگر سگهاري هڏ ڪاٺ جا ٿين. شهپر وڏا رکن، ڪي وار ڊگها ته ڪي ننڍا رکن ٿا. ڪي مندرن ۾ رهندي ٺوڙهه ڪرائين. مرد شلوار پائين ان جي مٿان واسڪوٽي پهرين ۽ مٿي تي پٽڪو ٻڌن. عورتونپيٽي ڪوٽ، سٿڻ، واسڪوٽي وغيره پهرين. گجرات جا چارڻ گجراتي ڳالهائين. انهن مان ڪي ڪڇي ته ڪي اهيري زبان ڳالهائين. ٿورڙن چارڻن جو پنهنجو الڳ پئنچ به ٿئي، جنهن کي هو ’گهر ديرو‘ (Ghardero) ڪوٺين، جيڪو سندن سماجي مسئلن ۾ اڳواڻي ۽ فيصلا ڪندو آهي. چارڻن کي ڇهن هيٺين پاڙن ۾ ورهائي سگهجي ٿو:
- (1)گُجر
- (2) ڪاڇيلا (ڪڇ جا رهاڪو)
- (3) مارو
- (4)[[ تمر][ (تمل، شايد سنڌي آهن)
- (5) سورٺيا (سورت يا ڪاٺياواڙ کان آيل)
- (6) سوچيا (سوچي).
مٿيان سڀ پاڙا سنڌ ۾ رهن ٿا، پر سوچي ۽ گُجر نالي ماتر رهن ٿا. گجر چارڻ مارواڙي چارڻن مان آهن. پر اهي سڀ هڪ ٻئي سان سڱابندي ڪونه ڪن. ڪاڇيلن ۾ وري ٽي پاڙا آهن: (1)نارا (Nara)، (2) چورڙا (Chorda) ۽ (3) چونوا (Chaunva). چونوا چارڻن جون ٻه نياتون آهن. جڏهن ته مارو چارڻن جون 20 نياتون آهن. جيڪي وري 300 کن مختلف پاڙن ۾ ورهايل آهن.
قدامت
[سنواريو]چارڻ صرف پنهنجيءَ ذات مانشادي ڪن، پر پنهنجي ويجهن مائٽن مان شادي ڪو نه ڪن، ماءُ جي مائٽن مان شادي جائز سمجهن. مارو چارڻ، پنهنجي ماسات، سوٽ، ماروٽ سان شادي ڪونه ڪن. پر ڪاڇيلا ۽ تمر پنهنجيماسات سان شادي ڪن. کين پنهنجي ساليءَ سان شادي جي اجازت آهي. ٻه ڀائر، ٻن ڀينرن سان شادي ڪري سگهن ٿا، پر سنڌ ۾ ست پشتي سيڻن ۾ شادي جائز نه ٿا سمجهن. ٻن ڀينرن سان به شادي ڪونه ڪن. سنڌ ۾ ننڍيءَ عمر جي شادي منع آهي، پر گجرات ۾ 15 سالن تائين جي ٻارن جون شاديون ڪرايون وينديون آهن.
رسمون
[سنواريو]ٻار ڄمڻ واري ڏينهن چارڻ ڪا به رسم ادا ڪونه ڪن. ڇهين ڏينهن ڇٺي ڪن، ڇٺيءَ واري ڏينهن مسلمان چارڻ عبادت ۽ هندو چارڻ پوڄا پاٺ ڪن. ڪاڇيلا چارڻ، ڇٺيءَ واري ڏينهن ديويءَ آڏو ڇُري، چاقو يا تلوار کوڙي پوڄا ڪن. سنگت ساٿ، مٽ مائٽ پاڻ سان چانور يا ڪڻڪ کڻي ايندا آهن ۽ ٻار جي پينگهي جي ڀرسان رکندا آهن. ان جي عيوض ايندڙ مهمانن جي مٺن چانورن سان آجيان ڪئي ويندي آهي. ٻار جو نالو ڇٺيءَ واري ڏينهن رکبو آهي. يا وري ٽپڻو کولائي نالو رکن. ٻار کي ڇهين ڏينهن وهنجاري نوان ڪپڙا پارائي نرڙ تي تلڪ لڳايو ويندو آهي. کيس سفيد چادر وڇائي ان تي سمهاريو ويندو آهي. جيڪڏهن ڇوڪري آهي ته چادر جي هر هڪ ڪنڊ هڪ ڇوڪري جهليندي، جي ڇوڪرو آهي ته ڪنڊون ڇوڪرا جهليندا. اها چادر جهُولي وانگر جهولائيندا آهن. ٻار جي جنم کان ايڪيهن ڏينهن تائين اها عورت سنان نه ڪندي آهي، ۽ ڪاڇيلن ۾ اهو چِلو ٻارنهن ڏينهن تائين هلندو آهي. چارڻن ۾ سڱ جي گهُر گهوٽ جو پيءُ ڪندو آهي. رنڙ عورت جي ٻيهر شادي ڪا نه ٿئي. اهو رواج مارو چارڻن ۾ به آهي، پر ڪاڇيلن، تمر (تمل) ۽ گُجرن ۾ رنڙ عورت کي شاديءَ جي اجازت آهي. تمرن ۾ مري ويل مڙس جي ڀاءُ سان به شاديءَ جي اجازت آهي. گجرات ۾ رنڙ عورت (جنهن کي ٻار هجن) کي شاديءَ جي اجازت ناهي. وچ ۽ اتر گجرات ۾ مڙس ۽ زال، ٻنهيءَ کي طلاق وٺڻ جو حق حاصل ناهي، پر ڪن هنڌن تي مڙس زال کي طلاق ڏئي سگهي ٿو. ڪاٺياواڙ ۾ طلاق جو رواج ڪٿي ڪٿي آهي، پر جيڪڏهن اها پڪ ٿئي ته مرد ٻي شادي ڪرڻ لاءِ طلاق ڏئي ٿو، ته برادري ان طلاق جي اجازت نه ڏيندي آهي. گجرات ۾ وراثت جي سلسلي ۾ هندو قانون جي پوئواري ڪئي وڃي ٿي. عورت کي ملڪيت مان ڪو به حصو ڪونه ملي. جيڪڏهن ڪو نپٽو مري ٿو ته سندس ملڪيت جو وارث خاندان جو چوڌري ٿيندو، پر ڌيءُ نه، پر ڪاٺياواڙ ۾ اهو قاعدو ڪونهي. اتي مرڻ واري جي مرضي آهي ته مرڻ وقت هو پنهنجي ملڪيت جي وصيت ڪنهن لاءِ ٿو ڪري. سندس ملڪيت تي پٽ کان سواءِ سندس ڌيءَ ۽ ڏوهٽيءَ جو به حق تسليم آهي. مذهبي طور اڪثر هندو چارڻ شِو جا پوڄاري آهن. ان جي ڪيترن روپن مان ڪنهن به هڪ روپ جي پوڄا ڪن؛ جيئن ڀاواني ديوي، پاروتي وغيره، پر انهن کي مقامي نالا ڏين ٿا، جيئن ڪالڪا ديوي، کوڙيار ديوي، بوبادي ديوي وغيره. ڪڇ ۾ چارڻ سڏجن ئي ’ديوي ٻالڪ‘. اهي گهڻو ڪري گهرن ۾ مهاديو، ماتا ديوي ۽ وشنو جون تصويرن ٺاهي، انهن کي پوڄين، پر ڳوٺ جي مندر ۾ به باقاعدي حاضري ڀرين. چارڻن ۾ مئل ماڻهوءَ کي ساڙڻ جو رواج آهي. ٻن سالن کان ننڍن ٻارن ۽ بيمارن ۽ بيماريءَ وگهي مئلن کي پوريو وڃي ٿو. ڪڇ ۾ وڙاوا (Vadava) ۽ سراچا (Siracha) نيات جا چارڻ، مُردن کي پوريندا آهن. اهي ماڻهو جيڪي هنگلاج ياترا ڪري ايندا آهن، انهن کي ويهاري پوريندا آهن. تڏي وارا ڏينهن مسلمانن وانگر ڏاڙهي نه لهرائين. ٻيون رسمون اهڙيون ئي اٿن، جهڙيون عام هندن جون آهن. مسلمان پنهنجي طريقي سان رسمون ادا ڪن.
بڻ بنياد
[سنواريو]ذاتين جي انسائيڪلوپيڊيا جي ليکڪ لکيو آهي ته ’چارڻ‘ سنسڪرت جو لفظ ’چئرا‘ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي: رولو، ڀٽ، ڳائڻو، فقير، مڱڻهار، مڱتو، ڪلونت. هندو چارڻ هريجن ۽ ٺڪر راجپوتن مان آهن، جڏهن ته مسلمان چارڻ سما آهن. هي شادين مرادين تي ۽ خوشيءَ جي موقعي تي ڳائي وڄائي دانَ وٺندا آهن. هي اصل ۾ گجرات، ڪاٺياواڙ ۽ راجپوتانا جا آهن. راءِ ڏياچ سندن وڏو هو. پراڻي دور ۾ بادشاهه ۽ حاڪم کين جنگ جي ميدان ۾ ڳارائيندا هئا، ته جيئن وڙهندڙن ۾ جوش پيدا ٿئي. ٻيجل چارڻ کي شاهه لطيف به ڳايو آهي. جنهن سرندو وڄائي جهوناڳڙهه جي راجا راءِ ڏياچ جو سِر دان ۾ گهُريو هو. تاريخ ريگستان ۾ ڄاڻايل آهي ته چارڻ، راجا شرڻ راءِ جو اولاد آهن. ڪويتا ۾ هوشيار آهن. چارڻن جون ٻارنهن نکون آهن. اهي ماتا ديويءَ جي پوڄا ڪندا آهن، جن کي کوڙيار ماتا سڏيندا آهن. ٿر ۾ چارڻن جا ڪجهه ڳوٺ وڃي بچيا آهن، جيڪي ننگرپارڪر تعلقي جي ڳوٺن ڇڇي چارڻ، ڏيڻسي ۽ عمرڪوٽ طرف کاروڙيي چارڻ ۾ رهن ٿا.
سنڌ اندر
[سنواريو]سنڌ ۾ چارڻ ساز سنگيت ۽ ڪٿا ڪرڻ ۾ مشهور رهيا آهن. سمنگ چارڻ سومرن جي دور جو وڏو شاعر هو، جنهن شهيد دودي سومري جي شهادت بابت بيت چيا، جيڪي تاريخ جو حصو آهن. ان کان سواءِ سنڌ جي عظيم شاعر شاهه عبداللطيف به چارڻن کي ڳايو آهي، سر سورٺ ان جو لاجواب مثال آهي، جنهن ۾ پاڻ ٻيجل نالي چارڻ جي سُرن جي واکاڻ ڪندي چيو آهي ته راءِ ڏياچ سندس سُر تي موهت ٿي کيس دان ۾ پنهنجو سِرُ ڪوري ڏنو هو. اهو دنيا ۾ پهريون مثال آهي ته ڪنهن بادشاهه سُر تي پنهنجو سِر ڏنو هجي. ڪلهوڙن جي دور ۾ ضلعي لاڙڪاڻي ۽ دادوءَ ۾ چارڻن ۾ وڏا شاعر پيدا ٿيا، جن جو سنڌي لوڪ شاعريءَ ۾ وڏو مقام آهي. انهن ۾ جمن چارڻ ۽ صدرالدين چارڻ جون مداحون مشهور آهن. ان کان سواءِ سمنگ چارڻ، جانو چارڻ ۽ ٻيا به ڪيترا سگھڙ ۽ شاعر ٿي گذريا آهن.[3]
حوالا
[سنواريو]- ↑ .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
- ↑ قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
- ↑ ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-80-2) سال: 2012