مھراڻو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مهراڻو(انگريزي: Mehrano) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ٿر رڻپٽ جو ھڪ علائقو. هيءُ اڳوڻي مھراڻ نديءَ جي وهڪري جي ڀر وارو ڀاڱو آهي. هاڻي به ڍورو اتان لنگهي ٿو، جنهن ۾ ڪڏهن پاڻي هجي، ڪڏهن سڪو پيو هجي. هن ۾ ڇاڇري ۽ مٺي تعلقن جو اولهه وارو ڀاڱو ۽ عمر ڪوٽ تعلقي جو ڏکڻ – اولهه وارو ڀاڱو اچي وڃن ٿا. هتي ڀٽون هڪٻئي کي ويجهيون آهن، جنهنڪري وڏا ڏهر ڪونه آهن. ڀٽن جي وچ ۾ ننڍا ننڍا ٽڪرا آهن، جنهنڪري ٻنيون ننڍيون ننڍيون آهن. زمين بلڪل وارياسي آهي، جنهنڪري آبادي چڱي ٿئي. وڻڪار گهاٽي آهي، خاص ڪري ڪونڀٽ ۽ ٿوهر جا وڻ جام ٿين. اڳتي اتر ۽ اولهه طرف ڀٽن دنگ ڪيو آهي، ان کي ”ڪَس“ چوندا آهن. اتان پوءِ سنڌ جي سنئين زمين شروع ٿئي ٿي[1]..

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو