مواد ڏانھن هلو

پاڪستان-چين لاڳاپا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(پاڪ چين تعلقات کان چوريل)
پاڪستان–چين
Map indicating locations of پاڪستان and چين

پاڪستان

چين
سفارتي خانا
چيني سفارتخانو، اسلام آباد پاڪستاني سفارتخانو، بجنگ
مندوب
سفير مسعود خالد سفير سن ويدونگ

پاڪستان جا چين سان تعلق انتھائي سٺا آھن. دنيا ۾ پاڪستان ۽ چين بئي ھڪ ٻئي جا سڀ کان سٺا دوست سڏرائيندا آھن. بئي ملڪ نہ صرف معاشي پر اقتصادي، اسلحائي ۽ توانائي ۾ ھڪ ٻئي سان تعاون ڪندا رھن ٿا.

پاڪستان ۽ چين جي دوستي هماليا کان اُوچي

[سنواريو]

پاڪ-چين تعلق ڪو چيني وزيراعظم ني يو بيان جي:

جيڪڏھن چين سان پيار ڪريو ٿا تہ پاڪستان سان پڻ پيار ڪريو.

ليقي چيانگ، چيني وزيراعظم


انهيءَ طرح وزير اعظم پاڪستان پڻ چيو:

پاڪستان ۽ چين جي دوستي هماليا وانگر اُوچي آهي

وزيراعظم پاڪستان

پاڪستان ۽ چين دوستي جي شروعات

[سنواريو]

پاڪستان 1947ع محمد علي جناح جي مدبرانہ اڳواڻي ۾ آزاد ٿيو. جڏھن تہ چين 1949ع ۾ مائوزي تنگ جي عظيم اڳواڻي ۾ ۽ ان جي لانگ مارچ جي ثمرن جي نتيجي ۾ آزاد ٿيو. 1949ع ۾ چين جي آزادي سان گڏ ئي پاڪستان ۽ چين جا تعلق بھتري جي طرف وڌڻ شروع ٿي ويا ھئا. پاڪستان چين جي آزادي کي مڃيو، اھو پاڪستان ۽ چين جي دوستي جي شروعات جو نقطو ھيو يا ان کي ھيئن بہ چئي سگھجي ٿو تہ پاڪستان ۽ چين جي دوستي جي شروعات ٿي جيڪا پوءِ هماليا جبل کان بہ بلند دوستي ۾ تبديل ٿي وئي.

ڀارت ۽ چين جو سرحدي تڪرار

[سنواريو]

1962ع ۾ ڀارت ۽ چين جي سرحدي تڪرار جي شروعات ٿي ۽ ٻنھي ملڪن جون فوجون ھڪ ٻي جي آمھون سامھون اچي بيٽيون ۽ ڀارت۽ چين ۾ سرحدي جھڙپون شروع ٿي ويون اُن وقت چين عالمي برادري کان ڪٽيل ھو پر پاڪستان ان موقعي تي چين جي ڀرپور واھر ڪئي، جنھن جي ڪري چين جي نظر ۾ پاڪستان جو وقار بلند ٿيو ۽ پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا وڌيڪ بھتري طرف وڌڻ لڳا ۽ پاڪستان ۽ چين دوستي جي سگھاري رشتي ۾ ٻڌجڻ شروع ٿي ويا. اِن موقعي تي پاڪستان ۽ چين پنھنجا سرحدي مسئلا چڱي طريقي سان حل ڪري ورتا ۽ ھي پاڪستان ۽ چين جي دوستي جو ڪاميابي جي طرف سفر شروع ٿيو.

1965ع جي پاڪ ڀارت جنگ ۽ چين جو ڪردار

[سنواريو]

1965ع ۾ پاڪ بھارت جنگ شروع ٿي وئي. بھارت ڪشمير جي تڪرار تي جنگ ڪئي، پاڪستان جي فوجَ ڀارت کي منھن توڑجواب ڏنو. ان جنگ ۾ چين پاڪستان جي واھر ڪئي ۽ پنھنجي دوستي جو حق ادا ڪيو ۽ پاڪستان ۽ چين جي دوستي مثالي دوستي ۾ تبديل ٿي وئي

1971ع جي پاڪ ڀارت جنگ ۽ چين جو ڪردار

[سنواريو]

1971ع ۾ ڀارت 1965ع جي جنگ جي شڪست جو بدلو وٺڻ جي لاءِ اوڀر پاڪستان جي صورتِ حال مان فائدو وٺندي اوڀر پاڪستان ۾ سازش جي ذريعي پنھنجون فوجون موڪلي ڇڏيون ۽ اوڀر پاڪستان ۾ پاڪستان جي خلاف جنگ شروع ڪري ڏني. پاڪستان جي فوج جو مقابلو ڪيو پر الھندو پاڪستان ۽ اڀرندي پاڪستان ۾هڪ ہزار ميلن جو فاصلو هو، جينھن جي ڪري پاڪستان پنھنجا وسيلا اُتي چڱي نموني سان پھچائي نه سگھيو ۽ ڀارت جي سازش ڪامياب ٿي وئي، جنھن جي نتيجي ۾ پاڪستان ٽُٽي ويو ۽ ايئن دُنيا ۾ اهڪ نئون ملڪ بنگلا ديش جي صورت ۾ وجود ۾ آيو، اِان نازڪ موڙ تي چين دوستي جو حق ادا ڪيو، جنھن جي ڪري چين ۽ پاڪستان پاڻ ۾ ويجھا ٿي ويا.

چين آمريڪا تعلق جي بھتري ۾ پاڪستان جو ڪردار

[سنواريو]

جڏھن 1949ع ۾ چين آزاد ٿيو ته آمريڪا ۽ چين لاڳاپا ايترا ڪي سٺا نه هئا بلڪي اڻبڻت جي طرف مائل هئا، پر پاڪستان جي ڪوششن جي نتيجي ۾ ان وقت جي امريڪي پرڏيھي وزير ڪسنجر چين جو دورو ڪيو . ايئن آمريڪا ۽ چين جي لاڳاپن ۾ بھتري جي شروعا ٿي ۽ چين جو عالمي برادري ۾ هڪ مقام ٺھڻ شروع ٿي ويو. چين کي گڏيل قومن جي مستقل رڪنيت ملي وئي ۽ چين کي اگڏيل قومن ۾ ويٽو پاور جو حق ملي ويو. پاڪستان جي ان ڪردار جي ڪري چين جي نظر ۾ پاڪستان جو وقار بہت بلندٿي ويو ۽ چين ۽ پاڪستان جي دوستي مثالي ۽ ڪوھہ هماليا کان به بلند سمجھي وڃڻ لڳي ۽ پاڪستان ۽ چين جي دوستي دُنيا جي نظرن قابل رشڪ ٿي وئي.

اسلحي سازي ۽ ايٽم بم ۽ چين

[سنواريو]

چين هر موقعي پاڪستان جي ساھتا ڪئي. چين ني پرماڻو بم ٺاھڻ ۾ پاڪستان جي مدد ڪئي، ان کان سواءِ چين ني پاڪستان ۾ ٽينڪ سازي ۽ طيارا سازي ۾ بھرپور مدد ڪئي، جنھن جي ڪري پاڪستان جي اسلحي سازي جي صنعت اڳڀرائي ڪئي. چين، پاڪستان جي مختلف دفاعي رٿابندين ۾ بھرپور مدد ڪري رھيو آھي، جنھن جي ڪري چين ۽ پاڪستان دوستي وڌيڪ سگھاري ٿي رھي آھي.

توانائي ۽ ٻين رٿائن ۾ چين طرفان واھر

[سنواريو]

چين توانائي ۽ ٻين رٿائن جن ۾ سيندڪ جي رٿا، گوادر پورٽ جي رٿا، پاڪستان کي ريلوي انجڻ جي فراہمي ۽ ٻين اڻکُٽ رٿائن ۾ چين جي ڀرپور واھر حاصل آھي.

پاڪ چين دوستي ھماليا جبل کان بہ اوچي

[سنواريو]

پاڪستان ۽ چين جي دوستي کي ھماليا جبل کان اوچو سمجھيو ويندو آھي، ٻنھي ملڪن جي هي دوستي ان مقام تائين پھتي آھي، جيڪا سچائي، مخلصي ۽ محبت مظھر آھي.

وڌيڪ ڏسو

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]

سانچو:پاڪ چين تعلق