ٽنڊو آدم

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ٽنڊوآدم
TandoAdam
تعلقو
ملڪ پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو سانگهڙ
يونين ڪائونسل 10
آبادي (1998)
 • ڪل 104,907

ٽنڊو آدم (انگريزي ٻولي: TandoAdam) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي سانگهڙ جو هڪ تعلقو آهي.

ٽنڊو جو مطلب مرين جو خيمو

ھن شھر جا انب ء ڪيلا سجي تمام گهڻو مشهور آهن ھن شھر ۾ خاص ڪري سندھي بوزدار ء بلوچ مھمان نواز آھن

هن کي دڙن جو شهر پڻ سڏيو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته هِن جا مختلف هنڌن تي اَٺ دروازا آهن،[1] هي شهر اڳ ۾ ضلعي نوابشاھ (هاڻوڪي ضلعي شهيد بينظيرآباد) جو حصو هو ۽ پوءِ 1955عيسويءَ ۾ سانگھڙ ضلعي جو حصو بڻيو. ٽنڊوآدم جو بُنياد مِير آدم خان مرِي وِڌو. ٽنڊوآدم ڪارخانن ۽ زراعت جي ڪري پڻ سڃاتو وڃي ٿو، ٽنڊوآدم جي آس پاس ۾ انب، ڪيلا، ڪمند، ڪڻڪ ۽ ڪپهه جا فصل آهن.

مٿاڇرو[سنواريو]

هِي ضلعي سانگهڙ جو مشهور شهر ۽ تعلقو، جيڪو حيدرآباد شهر کان اوڀر_اُتر پاسي 50 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي، مين ريلوي لائين تي واقع آهي. هن شهر جو بنياد 18 عيسوي صديءَ ۾ مير آدم خان مري رکيو. هن شهر ۾ ڪيتريون ئي صنعتون آهن جنهن ڪري شهر جي آبادي ۽ رونق وڌي وئي آهي. انهن صنعتن ۾ ڪپڙي جا ڪارخانا، ماچيس فيڪٽريون، ڪپهه ٽاڻڻ ۽ برف جا ڪارخانن سميت هڪ دوائن جو ڪارخانو به آهي. ٽنڊوآدم شهر ۾ هڪ ڀاڄي مَنڊِي آهي جِتي سانگهڙ ضلعي جي مختلف علائقن مان ڀاڄيون ۽ ميوا خريد ۽ وڪرو ڪيا وڃن ٿا، شهر ۾ هڪ مال پِڙِي به آهي جيڪا هرهفتي ڇنڇر جي ڏينهن لڳندي آهي، جِتي سِنڌ جي مختلف علائقن مان آندل جانورن جو وڪرو ۽ خريد ٿئي ٿِي. هتان جو پڪل گوشت ”رانون“ (جَن کي سَجِّي چيو وڃي ٿو) ملڪان ملڪ مشهور آهن. نيوعلي ڳڙهه ڪاليج ۽ جامعيه مليه هائي اسڪول هتان جا معروف ۽ تاريخي تعليمي ادارا آهن. ٽنڊوآدم ۾ ملڪ جي ڪنهن به شهر وڃڻ لاءِ ريلوي جنڪشن آهي. سنڌ جو مشهور ڪلاسيڪل راڳي استاد منظورعلي خان سميت محقق عبدالله خان ورياھ  جو تعلق ٽنڊوآدم سان هو. ٽنڊوآدم تعليم جي ميدان ۾ پڻ اڳتي آهي، ٽنڊوآدم ۾ ٻه ڊگري ڪاليج ۽ هڪ مونوٽيڪنيڪل ڪاليج ، 10 هاءِ اسڪول، پنج مڊل اسڪول ۽ ڪيترائي پرائمري ۽ ڪي.جِي (KG) اسڪول آهن. 

آبادي[سنواريو]

1998 جي آدمشماري مطابق ٽنڊوآدم جي آبادي 104,907 آهي، جنهن ۾ 80% مُسلمان، 15% هندو ۽ 5% عيسائي آهن. قومي آڌار تي 50% سِنڌي، 30% مهاجر، 10% پنجابي، 8% پٺاڻ 10% بلوچ بوزدار (پشتو)، 2% ٻيون قومون رهن ٿيون. مُهاجر ۽ پنجابي 1947 جي آزادي واري لڏپلاڻ ۾ هِن علائقي ۾انڊيا مان لڏي آيا. شهر جِي سرڪاري ٻولي سنڌي آهي، شهر ۾ ٻيون به ٻوليون ڳالهيون وڃن ٿيون جَن ۾، سرائڪي، اردو، بلوچي، پنجابي، مارواڙي قائمخاني شامل آهن. شهر ۾ سنڌي ٻولي واپاري رابطي جو ذريعو آهي .[2]

سماجي زندگي[سنواريو]

ٽنڊوآدم جي ماڻهن ۾ سرڪاري ۽ غيرسرڪاري ملازمن کان علاوه مزودر، ڊرائيونگ هارِي پڻ آهن. هِتي جا مزدور ڀاڄي منڊي، ڪارخانن ۽ رازن، واڍن وٽ ڪم ڪري پنهنجو گُذر سفر ڪَن ٿا. ھتي رھندڙ تمام گهڻو مهمان نواز آهن

صحت[سنواريو]

ٽنڊوآدم شهر ۾ لڳ ڀڳ 100 دوائن جا دُڪان (ميڊيڪل اسٽور)، 26 ننڍيون وڏيون اسپتالون آهن ۽ لڳ ڀڳ 7 رت جون ليباريٽريون (بلڊ بئنڪ) آهن.

ميڊيڪل اسٽور[سنواريو]

شهرجا مشهور ميڊيڪل اسٽور هِيٺ ڏِجن ٿا.

  • پاڪستان ميڊيڪل اسٽور
  • ڪاشف ميڊيڪل اسٽور
  • بلوچ ميڊيڪل اسٽور
  • بوزدار ميڊيڪل اسٽور
  • عطاري ميڊيڪل اسٽور
  • ارشاد ميڊيڪل اسٽور
  • تاج ميڊيڪل اسٽور،
  • جندران ميڊيڪل اسٽور،
  • پاڪ مڪّه ميڊيڪل اسٽور
  • مهراڻ ميڊيڪل اسٽور،
  • اي.آر ميڊيڪل اسٽور.

اسپتالون[سنواريو]

شهر جُون وڏيون اسپتالون هِي آهن

  • سليمان روشن اسپتال،[3]
  • سرڪاري تعلقه اسپتال،
  • سليمان روشن ميڊيڪل ڪاليج ء اسپتال
  • سٽي اسپتال،
  • حرا ميڊيڪل سينٽر،
  • مُرڪ جنرل اسپتال،
  • ميمڻ اسپتال،
  • انڊس اسپتال،
  • شهزاد اسپتال،
  • ڊوگر اسپتال ،
  • پي پي ايڇ آئي
  • خدمت ميڊيڪل سينٽر
  • اريب بون ڪيئر اسپتال
  • نيشنل بون ڪيئر سينٽر
  • شهباز ميڊيڪل سينٽر

۽ اُن کان علاوه هوميوپيٿڪ ڪلينڪ پڻ هِتي آهن. شهر ۾ اسپتالن کان علاوه عورتن لاءِ ويم گھر پڻ جھجھي تعداد ۾ موجود آهن.

تعليم[سنواريو]

ٽنڊوآدم ضلعي سانگهڙ جي ٻين تعلقن کان تعليم جي ميدان ۾ اڳتي آهي، ٽنڊوآدم ۾ ٻه ڊگري ڪاليج آهن، هڪ ٽيڪنيڪل ڪاليج، هڪ ميڊيڪل ڪاليج ۽ کوڙ سارا سرڪاري ۽ غيرسرڪاري اسڪول آهن، جيڪي هيٺ ڏِجن ٿا.

ڪاليج[سنواريو]
  • گورنمنيٽ نيوعلي ڳڙھ ڪاليج
  • گورنمنيٽ گرلز ڊگري ڪاليج
  • مونوٽيڪنيڪل ڪاليج
  • سليمان روشن ميڊيڪل ڪاليج
اسڪول[سنواريو]
  • گورنمنيٽ (نيشنل) جامعيه مليه بوائز هاءِ اسڪول،
  • گورنمنيٽ شاھ عبداللطيف بوائز هاءِ اسڪول،
  • گورنمنيٽ مولانا محمدعلي جوهر بوائز هاءِ اسڪول،
  • گورنمنيٽ سرسيد (احمدخان) بوائز هاءِ اسڪول،
  • گورنمنيٽ شهيدبينظير ڀٽو گرلز هاءِ اسڪول،
  • گورنمنيٽ فاطمه جناح گرلز هاءِ اسڪول،
  • بحريه ٽائون هاءِ اسڪول،
  • گورنمنيٽ پرائمري اسڪول انصار الاسلام،

۽ ٻيا ننڍا وڏا اسڪول پڻ موجود آهن.[4]

ڪارخانا[سنواريو]

ٽنڊوآدم ۾ ڪَپَهه ، جُوس، اٽو، تيل (گيهه)،ماچيس کان علاوه ٻين قسمن جا ڪارخانا به موجود آهن، جَن مان ڪُجهه هيٺ ڏِجن ٿا.

  • پولِي ماچيس انڊسٽري،
  • جُگنُو ماچيس انڊسٽري،[5]
  • پولِي جُوس انڊسٽري،[6]
  • مُنا ڀائِي فلور مِل،
  • سليمان روشن ڪاٽن انڊسٽري،
  • فيصل فلور مل

حوالا[سنواريو]