وڪيپيڊيا:ڇا توھان کي خبر آهي/20 جُولاءِ 2018

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
  • ... ته گهوٽڪي جو اصل نالو گهوٽہ آهي. هن شهر کي 1447ع ڌاري پير محسن شاھ ٻڌو هو.
  • ... ته سنڌي ٻوليءَ جي پهرين فلم جو نالو ايڪتا هو، هيءَ فلم 1934ع ڌاري ٺهڻ شروع ٿي ۽ 1942ع ۾ مڪمل ٿي، هيءَ فلم پهريون ڀيرو ڪراچيءَ جي تاج محل سئنيما ۾ چئين بجي واري شو ۾ رليز ٿي.
  • ... ته سوفيءَ جي دنيا ناروي ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪامندڙ ناول آهي. هن ناول جو انگريزي ترجمو 1995ع ۾ شايع ٿيو، ان سال هي انگريزي جو وڌيڪ وڪامندڙ ڪتاب پڻ ثابت ٿيو.
  • ... ته سنڌ سڌار سنڌي ٻوليءِ ۾ پهرين اخبار تسليم ڪئي وڃي ٿي. هي اخبار تعليم کاتي طرفان 1882ع ۾ جاري ڪئي وئي. هن اخبار جا پهريان ايڊيٽر مرزا صادق علي بيگ، ساڌو هيرانند ۽ ٻيا ناليرا صحافي ٿي گذريا آهن.
  • ... ته پهرين سنڌي عورت جنهن شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري تي يونيورسٽي آف ايڊنبرا مان پي ايڇ ڊي ڪئي ان جو نالو ڊاڪٽر دُرِ شهوار سيد آهي.
  • ... ته آمنه جروار اها سنڌياڻي آهي، جنهن ننڍي عمر ۾ شاهه جي رسالي کي حفظ ڪيو.
  • ... ته چاڪر خان رند (تصوير) بلوچ قوم جو پهريون نامور سردار هو. سندس والد مير شهڪ خان جي وفات کانپوءِ 30 سالن جي عمر ۾ سڀني بلوچ سردارن کيس پنهنجو اڳواڻ منتخب ڪيو.