چاڪر خان رند

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
مير چاڪر خان رند

چاڪر خان رند بلوچ قوم جو پهريون نامور سردار ٿي گذريو آهي. پندرهين صدي عيسويءَ ڌاري، بلوچستان ۾ شهرت رکندڙ، بلوچ قبيلن جي هن مشهور اڳواڻ ۽ سپه سالار جو جنم ڪن روايتن موجب 1450ع ۽ ڪن مطابق 1470ع ڌاري ٿيو. سندس والد مير شهڪ خان جي وفات کانپوءِ 30 سالن جي عمر ۾ سڀني بلوچ سردارن کيس پنهنجو اڳواڻ منتخب ڪيو. شخصيتن جي حوالي سان گهڻي ڀاڱي بلوچستان جي تاريخ جي ابتدا مير چاڪر خان کان ٿئي ٿي.

تاريخ[سنواريو]

بلوچستان جي ٻن قبيلن، رندن ۽ لاشارين جي پاڻ ۾ مائٽي هئي. ميـر چاڪر خان جون ٻه ڀينرون ’مذي‘ ۽ ’ٻانڙي‘ لاشاري قبيلن جي اڳواڻن مير عبدالله خان ۽ مير هدي خان جي نڪاح ۾ هيون. ڇاڪاڻ ته رند ۽ لاشاري مالوند قبيلا هئا، تنهنڪري بعد ۾ ٻنهي قبيلن جي وچ ۾ سبي (سيوي) جي سرسبز وشاداب ۽ قدرتي نعمتن سان مالامال سرزمين جي حصول لاءِ جنگ شروع ٿي، جيڪا مسلسل 30 سـالـن تائين جاري رهي، جنهن ۾ 25 لڙايون ٿيون، جن مان 15 لڙايون رندن ۽ 10 لڙايون لاشارين کٽيون. روايتن موجب جنگين ۾ سنڌ جي سمن حاڪمن لاشارين جي مدد ڪئي ۽ قنڌار جا ارغون، رندن جا سهڪاري هئا. هڪ سبب لاشاري قبيلي جي عورت مائي گوهر کي سام جهلڻ به چيو وڃي ٿو، جيڪا جتڻ هئي. اهڙيءَ ريت هرات جي والي سلطان حسين پهرين رندن جي مدد ڪندي، لاشارين جو قتل عام ڪرڻ کانپوءِ خود رندن جي فوجي طاقت ختم ڪري ڪڇي واري علائقي تي قبضو ڪيو. بعد ۾ هن سيوي (سبي) تي قبضو ڪري رندن جي اقتدار کي هميشه لاءِ ختم ڪري ڇڏيو. اقتدار کسجڻ کانپوءِ 1512ع جي شروع ۾ مير چاڪر خان سبيءَ کان ملتان ڏانهن روانو ٿيو ۽ سبي جي اوڀر طرف ’چاڪر ڪور‘، ’چاڪر ميهاڳ‘ ۽ ’چاڪر پوش‘ نالي علائقن ۾ پنهنجي قبيلي سميت اچي آباد ٿيو. مير گهرام لاشاري، گجرات ۽ ڪاٺياواڙ طرف لڏي ويو.

جاگيرون[سنواريو]

ان بعد ارغونن مير چاڪر کي به نه بخشيو ۽ انهن جي فوجن، مير چاڪر جو پيڇو ڪيو. مير چاڪر ’چاڪر تنڪ‘ نالي دريءَ ۾ مورچا سنڀاليا، پر شڪست کاڌائين ۽ اچي ملتان ۾ آباد ٿيو. ملتان جي لانگاهه حڪمرانن سلطان شاهه محمود بن سلطان فيروز شاهه پاران اچ ۽ ملتان جي وچ ۾ کيس ڪيتريون جاگيرون مليون. ملتان جي امير ڄام بايزيد، مير چاڪر رندن کي صوبي ۾ بلند درجو ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. 1554ع ڌاري مير چاڪر وڏي لشڪر سان گڏ، دهليءَ پهتو ۽ تخت موٽائڻ ۾ همايون بادشاهه جي مدد ڪئي. ان فوجي مدد عيوض همايون بادشاهه پاران ضلعي ساهيوال ۾ ’ستڳڙهه‘ نالي کيس جاگير عطا ٿي.

وفات[سنواريو]

مير چاڪر 1555ع يا 1565ع ڌاري 96 ورهين جي عمر ۾ وفات ڪئي. مير چاڪر، بلوچي زبان جو هڪ سٺو شاعر به هو.[1]

حوالو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]