سوفي جي دنيا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(سوفيءَ جي دنيا کان چوريل)
سوفيءِ جي دنيا

جرمن ٻولي ۾ شايع ٿيندڙ ترجمي جو ڪور.
مصنف جوسٽين گارڊر
اصل عنوان Sofies verden
مترجم ممتاز بخاري
ملڪ ناروي
ٻولي نارويجين
صنف فلسفي ناول
شايع ڪندڙ سنڌيڪا اڪيڊمي
ڇاپي جي تاريخ
1991
ابلاغي ذريعي جو قسم پڪي بائينڊنگ وارو ڪتاب
صفحا 599
آئي ايس بي اين 978-1-85799-291-5
ISBN 978-1-4272-0087-7
ISBN 978-1-4272-0086-0
او سي ايل سي 246845141
ايل سي درجه بندي MLCM 92/06829 (P)

سوفيءَ جي دنيا (انگريزي ٻولي: SophieSophie's World) ناروري جي مشهور ناول نگار جوسٽين گارڊر جي ناول Sofies verden جو سنڌي ترجمو آهي. هي ناول ناوريجن ٻولي ۾ لکيل آهي، جنهن جو بعد ۾ ڪيترن ئي ٻولين ۾ ترجمو ڪيو ويو آهي.

هي ناول هڪ چوڏانهن سالن جي ڇوڪري سوفي آموڊسين ۽ هڪ بزرگ فلسفي البرٽوناڪس جي ڪردارن تي ٻڌل آهي. سوفيءَ جي دنيا ناروي ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪامندڙ ناول آهي. هن ناول جو انگريزي ترجمو 1994ع ۾ ٿيو ۽ 1995ع ۾ شايع ٿيو، ان سال هي انگريزي جو وڌيڪ وڪامندڙ ڪتاب پڻ ثابت ٿيو.

2011ع تائين هن ناول کي 58 ٻولين ۾ ترجمو ڪيو ويو ۽ پنج ڪروڙ ڪتاب وڪرو ٿيا.[1] هي ناروي جو عالمي دنيا ۾ وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ ناول آهي. هن ناول تي هڪ فلم ۽ هڪ ڪمپيوٽر گيم پڻ جڙي چڪو آهي.

ڪردار[سنواريو]

هن ناول جو مکيه ڪردار ناروي ۾ رهندڙ هڪ نوجوان ڇوڪري سوفي آموڊيسن آهي، جنهن مان هن جو نالو سوفيءِ جي دنيا پيو. جڏهن ته ٻيو ڪردار هڪ فلسفي البرٽو ناڪس آهي، جيڪو سوفيءِ کي فلسفي جي دنيا ۽ نظرين کان واقفيت ڪرائيندو آهي.

فلسفين جي فهرست[سنواريو]

هن ناول ۾ جن فلسفين جو ذڪر ويو ڪيو آهي، انهن ۾ ٿاليز، اناڪسي مينس، ايمپيڊوڪليز، پرميندس، هيراڪليٽس، اناڪساگوارس، سقراط، ڊيموڪريٽس، افلاطون، ارسطو، انٽي شينز شامل آهن.

ٻيا استعمال[سنواريو]

اصل مضمون جي لاءِ ڏسو سوفيءِ جي دنيا (فلم)

1999ع ۾ ناروي ۾ ناول جي ڪهاڻي تي فلم پڻ ٺاهي وئي، جيڪا ناروي کان ٻاهر نه ڏيکاري وئي.[2]

سنڌي ترجمو[سنواريو]

هن ناول جو سنڌي ترجمو سال (2000ع) ممتاز بخاري ڪيو، سنڌيڪا اڪيڊمي پاران ڇاپيو ويو. 2019ع تائين ان جا چار ڇاپا اچي چڪا آهن.[3]

حوالا[سنواريو]

  1. (The National: Sophie's World author turns from philosophy to climate change on Sophie's World: "The novel has now been translated into 59 languages, and has sold an estimated 40 million copies." (14 مارچ 2011))
  2. "AMANDA-VINNERE 1985–2006" (PDF). Filmweb.no. حاصل ڪيل 2008-03-03. 
  3. بخاري, ممتاز (2016). صوفيءِ جي دنيا. سنڌيڪا اڪيڊمي. http://sindhica.org/catalogue_detail.php?cat_id=7&id=418. Retrieved 17 June 2018.