وڪيپيڊيا:بهترين مضمون/2020/مهينو نومبر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
قومي لباس ۾ آذربائيجاني ڇوڪري

آذربائيجان(انگريزي: Azerbaijan) جنھن جو سرڪاري نالو ريپبلڪ آف آذربائيجان آھي جيڪو يوريشيا جي ڪوھ قاف جبلن جي علائقي وارو ھڪ خودمختيار ملڪ آھي جيڪو اوڀر يورپ ۽ اولھ ايشيا جي سنگم تي واقع آهي ۽ ھڪ وحداني نيم صدارتي ريپبلڪ آهي. ان جي اوڀر ۾ ڪيسپئن سمنڊ، اتر ۾ داغستان جي روسي ريپلڪ، اتر اولھ ۾جارجيا، اولھ ۾ آرمينيا ۽ ترڪي ۽ ڏکڻ ۾ ايران واقع آھن. ھن ملڪ 1918ع ۾ روسي ايمپائر کان آزادي ماڻي مسلم اڪثريت واري ھڪ پھرين سيڪيولر، ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ ٿيو. 1920ع ۾ ھي ملڪ سوويت يونين ۾ آذربائيجان سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ طور شامل ڪيو ويو. موجوده آذربائيجان واري ريپبلڪ سويت يونين جي ٽٽڻ سان 30 آگسٽ 1990ع ۾ سوويت يونين کان آزاد ٿي وجود ۾ آئيسيپٽمبر 1991 ۾ ان ملڪ جي آرمينيائي نسل جي ماڻھن جي اڪثريت واري علائقي نگورنو ڪاراباخ علحدہ ٿي ارتسخ ريپبلڪ طور علحده ٿي آذربائيجان ۽ آرمينيا وچ ۾ ھڪ تڪراري علائقو بڻجي ويو. جنھن سان ٻنھي ملڪن وچ ۾ نگورنو ڪاراباخ جنگ جو آغاز ٿيو جيڪا 1994ع ۾ جنگ بندي ذريعي ختم ٿي.ببين الاقوامي برادري طرفان نگورنو ڪاراباخ جو علائقو آذربائيجان جو حصو قرار ڏنل آھي پر ٻنھي ملڪن کي ڳالھين ٻولھيون وسيلي تڪرار جي نبيري لاءِ زور ڏنو ويو آهي. آذربائيجان ھڪ وحداني، نيم صدارتي ريپبلڪ آهي. اھا دنيا جي ڇھن ترڪ رياستن (ترڪي ، آذربائيجان، قزاقستان، ڪرغزستان، ازبڪستان ۽ ترڪمانستان ) مان ھڪ آھي ۽ ترڪ ڪائونسل ۽ترڪسوئي جو فعال رڪن آهي. ھن ملڪ جا دنيا جي 182 ملڪن سان سفارتي لاڳاپا ۽ دنيا جي 38 بين الاقوامي تنظيمن جي رڪنيت حاصل آھي آهن جن ۾ گڏيل قومن جو ادارو (جنھن جو 1992ع ۾ رڪن ٿيو) ۽ ڪائونسل آف يورپ، غيرجانبدار تحريڪ، يورپ جي سلامتي ۽ سھڪار واري تنظيم (او ايس سي اِي)، نيٽو، پارٽنرشپ فار پيس پروگرام پڻ شامل آهن. ھي ملڪ گئام، خودمختيار رياستن جي دولت مشترڪه جو  ۽ ڪيميائي ھٿيارن جي روڪ واري تنظيم جق باني رڪن آهي. ھن ملڪ کي ورلڊ ٽريڊ آرگنائيزيشن ۾ مبصر جو درجو پڻ رکي ٿو. ملڪ جي 97 سيڪڙو آبادي مسلمان آهي ان ھوندي بہ ملڪ جي آئين ۾ اسلام کي سرڪاري مذھب جي حيثيت ناھي مليل ۽ ھي ھڪ سيڪيولر ملڪ آھي. دنيا ۾ ھي ترقي پذير ملڪ آھي جنھن جي انساني ترقي جو اشاريو درجي ۾ 87 نمبر تي شمار ٿئي ٿو ھن ملڪ جي معاشي ترقي ۽ تعليمي تناسب جي شرح مٿاھين آھي.