بين الاقوامي تنظيم ترڪ ثقافت
ترڪ ثقافت جي بين الاقوامي تنظيم ترڪسوئي | |
|---|---|
ترڪسوئي جا خودمختيار رڪن (مئرون رنگ سان ڏيکاريل) ۽ ٻيا ( ڳاڙھي رنگ سان ڏيکاريل) | |
| صدر مقام | |
| سرڪاري ٻوليون | ترڪ (سرڪاري ٻولي) روسي, انگريزي (ڪم واريون ٻوليون) |
| رُڪنَ[1] |
|
| حڪومت | |
• جنرل سيڪريٽري |
دوئيسن ڪئسينوف |
| قیام | 1993 |
ترڪسوئي (انگريزي: Turksoy ) يا ترڪ ثقافت جي بين الاقوامي تنظيم(انگريزي: International Organization of Turkic Culture) ترڪ نسل وارن ماڻھن يا ترڪ ٻولي ڳالھائيندڙن جي ھڪ بين الاقوامي تنظيم جو نالو آهي. ھن تنظيم جو صدر مقام استنبول، ترڪي ۾ آھي. ھن تنظيم جو جنرل سيڪريٽري 2020 ۾ دوئيسن ڪئسينوف آهي جيڪو قزاقستان جو اڳوڻو وزير ثقافت ھيو.
تاريخ
[سنواريو]ھن تنظيم جي ٺاھڻ جو خيال 1992ع ۾ باڪو ۽ استنبول ۾ آذربائيجان، قزاقستان، ڪرغزستان، ازبڪستان ترڪي ۽ ترڪمانستان جي ثقافت وارن وزيرن جي ٿيل اجلاسن ۾ آيو جڏھن انھن وزيرن ھڪ گڏيل ثقافتي جوڙجڪ ۾ سھڪار ڪرڻ جو اعلان ڪيو ھو. بعد ۾ 12 جولاء 1993ع ۾ الماتي ۾ ھڪ معاھدي ذريعي ترڪسوئي قائم ڪئي وئي. 1996ع ۾ يونيسڪو ۽ ترڪسوئي وچ ۾ سرڪاري سھڪار قائم ٿيو جنھن ۾ اھو طئي ڪيو ويو تہ اھي ٻئي ادارا باھمي صلاح مشورا ۽ ھڪٻئي جي پروگرامن ۾ نمائندگي ڪندا[2]. 3 نومبر 2009 تي ترڪ ڪائونسل جي رڪن ملڪن فيصلو ڪيو تہ ترڪسوئي کي ترڪ ڪائونسل ۾ ضم ڪيو ويندو.
رڪن
[سنواريو]موجوده
[سنواريو]2016ع ۾ ترڪسوئي جا 6 ھيٺيان رڪن ملڪ ۽ 3 غير خودمختيار مبصر ھئا.[1]
| رڪن ملڪ | ٻولي | ياداشت |
|---|---|---|
| آذربائيجاني | ||
| قزاق | ||
| ڪرغز | ||
| ترڪ | ||
| ترڪمان | ||
| ازبڪ | ||
| مبصر رڪن | ٻولي | ياداشت |
| بشڪير | روسي وفاق ۾ شامل رياست | |
| تاتار | روسي وفاق ۾ شامل رياست | |
| گاگئوز | مالدوا جي خوداختيار ريجن | |
| ترڪ | رڳو ترڪي پاران تسليم ڪيل ڊي فيڪٽو آزاد رياست |
ماضي وارا باقي رڪن
[سنواريو]پنج روسي وفاق ۾ شامل رياستون 2015 جي آخر ۾ ترڪ فوج پاران روسي جھاز کي ڪيرائڻ جي ردعمل ۾ احتجاج ڪندي ترڪسوئي ڇڏي ويون.[3][4][5]
| مبصر رياست | ٻولي | ياداشت |
|---|---|---|
| التئي | روسي وفاق ۾ شامل رياست | |
| کاڪيس | روسي وفاق ۾ شامل رياست | |
| ساکا | روسي وفاق ۾ شامل رياست | |
| ٽووائي | روسي وفاق ۾ شامل رياست |

حوالا
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ 1.0 1.1 Türksoy Official Web Site (2009), "Homepage > Türksoy > Member States", اصل کان 22 ڊسمبر 2012 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 04 ڊسمبر 2009۔
- ↑ UNESCO Web Site (1996), "Relations with the Joint Administration of the Turkic Culture and Arts (TÜRKSOY), and Draft Agreement between that Organization and UNESCO", اصل کان 03 مارچ 2016 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 04 ڊسمبر 2009۔
- ↑ "Якутия поддерживает политику России по отношению к Турции | NVK Online", nvk-online.ru, اصل کان 02 فيبروري 2016 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 30 جنوري 2016۔
- ↑ "Якутия прервет связи с ТюрКСОЙ: "Партнеров в тюркском мире достаточно" - ИА REGNUM", ИА REGNUM, اصل کان 03 فيبروري 2016 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 30 جنوري 2016۔
- ↑ "Власти тюркских регионов выбирают между Россией и Турцией", اصل کان 08 اپريل 2017 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 02 اپريل 2017۔