ڪيسپئن سمنڊ
| ڪيسپئن سمنڊ | |
|---|---|
ڪيسپئن سمنڊ جو مصنوعي سياري مان نڪتل ڦوٽو | |
| مقام | اوڀر يورپ، وچ ايشيا ۽ اولھه ايشيا |
| پاڻي جو قسم | قدرتي، مستقل کاري پاڻي ۽ بند طاس واري ھڪ قديم ڍنڍ |
| اھم داخلي وھڪرا | وولگا ندي، يورال ندي، ڪور ندي، تيرڪ ندي |
| اھم خارجي وھڪرا | ٻاڦ وارو عمل، قرہ بغاز ڪول |
| ڪيچمينٽ | 3٬626٬000 km2 (1٬400٬000 sq mi)[1] |
| سامونڊي طاس | |
| وڌ کان وڌ ڊيگھ | 1٬030 km (640 mi) |
| وڌ کان وڌ ويڪر | 435 km (270 mi) |
| سطحي پکيڙ | 371٬000 km2 (143٬200 sq mi) |
| سراسري اونھائي | 211 m (690 ft) |
| وڌ کان وڌ اونھائي | 1٬025 m (3٬360 ft) |
| پاڻي جو حجم | 78٬200 km3 (18٬800 cu mi) |
| رھائش وقت | 250 سال |
| ڪناري جي ڊيگھ 1 | 7٬000 km (4٬300 mi) |
| سطح جي بلندي | −28 m (−92 ft) |
| ٻيٽ | 26+ |
| آباديون | باڪو (آذربائيجان)، نئوشھر رشت (ايران)، اڪتائو (قازقستان)، مخچڪالا (داغستان، روس) ترڪمان باشي (ترڪمانستان) |
| حوالا | [1] |
| 1 Shore length is not a well-defined measure. | |
ڪيسپئن سمنڊ يا ڪيسپئن ڍنڊ (انگريزي: Caspian Sea، عربي: بحر قزوين، فارسي: دريا خضر) دنيا جو سڀ کان وڏو مڪمل خشڪي سان گھيريل سمنڊ يا پاڻي جو ذخيرو جنھن جو شمار ڍنڍ ۾ پڻ ٿئي ٿو ۽ ان شمار ۾ اھا دنيا جي سڀ کان وڏي ڍنڍ پڻ آهي.
ھي سمنڊ يورپ ۽ ايشيا جي سرحد تي واقع آهي. ڪوھه قاف جبلن جي اوڀر ۾، وچ ايشيا جي چراگاھن واري ميدان جي اولھه ۾، روس جي ڏکڻ ۾ ۽ ايران جي اتر ۾ واقع آهي. ان جي پکيڙ 371٬000 km2 (143٬000 sq mi) آهي. ھن سمنڊ جي لوڻياٺ 1.2 سيڪڙو (في ليٽر 12 گرام) آھي. ان جو ڪنارو وچ اولھه کان وچ اوڀر تائين قازقستان، وچ اتر کان وچ اولھه تائين روس، ڏکڻ-اولھه ۾ آذربائيجان، ڏکڻ ۾ ايران ۽ اوڀر جي ڪڻاري جو ڏاکڻو پاسو ترڪمانستان سان ملي ٿو. سمنڊ اتر کان ڏکڻ طرف ڊيگھه ۾ 1٬200 ڪلوميٽر (750 mi) ۽ ويڪر ۾ 320 km (200 mi) ڦھليل آھي. ان جي زمين مٿان پاڻي جي جملي پکيڙ 386٬400 km2 (149٬200 sq mi) آهي. ان جو پاڻي زمين جي سطح کان 27 m (89 ft) ھيٺ آھي. سمنڊ ۾ تازي پاڻي جو سڀ کان وڏو داخلي وھڪرو يورپ جي سڀ کان ڊگھي ندي، وولگا ندي آھي جيڪا ان جي اتر ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. سمنڊ جي ڏاکڻي حصي ۾ ترو سمنڊ جي سطح کان 1٬023 m (3٬356 ft) تائين اونھو آهي.
نالي جي معنيَ
[سنواريو]ڪيسپئن لفظ غالب گمان مطابق ڏکڻ قفقاز يا ڏکڻ ڪوھ قاف جي ڪيسپي نالي رھاڪن جي نالي مان نڪتل آهي جيڪي ڪيسپئن سمنڊ جي ڏکڻ اولھ ۾ رھنندا ھيا[2] ان قبيلي جا ماڻھو ھاڻي ان علائقي ۾ ڪانہ آھن[3] عربن ھن سمنڊ کي بحر قزوين سڏيو[4] فارسي ۽ آذربائيجاني ٻولين ۾ ان کي درياء خضر يا درياء خزر سڏين ٿا. انھن ٻولين ۾ درياء جي معنيَ سمنڊ آھي. ترڪ ٻولي ۾ ان کي حضر سڏين ٿا
حوالا
[سنواريو]- 1 2 van der Leeden, Troise, and Todd, eds., The Water Encyclopedia. Second Edition. Chelsea F.C., MI: Lewis Publishers, 1990, p. 196.
- ↑ Caspian Sea آرڪائيو ڪيا ويا 2008-01-07 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. in Encyclopædia Britannica.
- ↑ "Strabo. Geography. 11.3.1", Perseus.tufts.edu, اصل کان 11 مئي 2011 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 14 اپريل 2011۔
- ↑ Iran (5th ed., 2008), by Andrew Burke and Mark Elliott, p. 28 آرڪائيو ڪيا ويا 2011-06-07 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين., Lonely Planet Publications, ISBN 978-1-74104-293-1
ٻاهريان ڳنڍڻا
[سنواريو]| ڪئسپين سمنڊ جي لغوي معنائن جي لاءِ وڪي لغت ۾ ڏسو |
| وڪي قول ۾ ڪيسپئن سمنڊ جي متعلق قول موجود آھي۔ |
| وڪيميڊيا العام ۾ ڪيسپئن سمنڊ سان لاڳاپيل ابلاغي مواد ڏسو. |
- Articles using infobox body of water without coordinates
- VIAF سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- LCCN سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- GND سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- BNF سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- ڪيسپيئن سمنڊ
- ڍنڍون
- وچ ايشيا
- يورپ جون ڍنڍون
- ايشيا جون ڍنڍون
- ايشيا جي جاگرافي
- ايران جي جاگرافي
- روس جي جاگرافي
- ترڪي جي جاگرافي
- جارجيا جي جاگرافي
- آرمينيا جي جاگرافي
- قازقستان جي جاگرافي
- آذربائيجان جي جاگرافي
- ازبڪستان جي جاگرافي
- ترڪمانستان جي جاگرافي
- قديم ڍنڍون
- جاگرافي يورپ
- آذربائيجان-ايران سرحد
- آذربائيجان-روس سرحد
- وچ ايشيا جي جاگرافي
- ڏاکڻي روس جي جاگرافي
- اولهه ايشيا جي جاگرافي
- ايران-ترڪمانستان سرحد
- قازقستان-ترڪمانستان سرحد
- آسترخان اوبلاسٽ جون ڍنڍون
- بين الاقوامي تڪرار
- سرحد جا ٽي نقطا
- روس جون ڍنڍون
- ايران جون ڍنڍون
- داغستان جون ڍنڍون
- قازقستان جون ڍنڍون
- آذربائيجان جون ڍنڍون
- ڪالميڪيا جون ڍنڍون
- ترڪمانستان جون ڍنڍون
- وچ ايشيا جون زميني شڪلون
- ملڪن جا گهٽ ۾ گهٽ نقطا
- ايشيا جون لوڻ واريون ڍنڍون
- يورپ جون لوڻ واريون ڍنڍون
- يورپ جون اينڊورهائيڪ ڍنڍون
- ايشيا جون اينڊورهائيڪ ڍنڍون
- ايشيا جون بين الاقوامي ڍنڍون
- يورپ جون بين الاقوامي ڍنڍون