مواد ڏانھن هلو

نريندر مودي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
نريندر مودي
14هون وزيراعظم انڊيا
عهدي ۾
26 مئي 2014
صدرپرناب مکرجي
رام ناٿ ڪووند
کان اڳمنموهن سنگهه
سترنهون 17 عملو، عوامي اهنج شڪايتون ۽ پينشن جو وزير
عهدي ۾
26 مئي 2014
وزير اعظمپنهنجو پاڻ
کان اڳمنموهن سنگهه
14th گجرات جو وڏو وزير
عهدي ۾
7 آڪٽوبر 2001 – 22 مئي 2014
گورنر
کان اڳڪيشوڀائي پٽيل
کان پوءِآنندبين پٽيل
پارليامينٽ جو ميمبر، لوڪ سڀا
عهدي ۾
16 مئي 2014
کان اڳمرلي منوهر جوشي
تڪوارانسي
ميمبر of the گجرات ليجسليٽو اسيمبلي
عهدي ۾
1 جنوري 2002 – 16 مئي 2014
کان اڳڪمليش پٽيل
کان پوءِسريش پٽيل
تڪماني نگر چُونڊ تَڪُ
ذاتي تفصيل
ڄائونريندرا دامودرداس مودي
(1950-09-17) 17 September 1950 (age 76)
وادنگر, ممبئي رياست, ڀارت
(اڄڪلهه گجرات)
شھريتانڊين
قوميتڀارتي
سياسي پارٽيڀارتيا جنتا پارٽي
ٻيون سياسي
وابستگيون
نيشنل ڊيموڪريٽڪ الائنس
زال/مڙسجشودابين مودي (m. 1968; estranged)[1]
رهائش7، لوڪ ڪلياڻ مارگ, نيو دھلي, دھلي, انڊيا
الما ميٽردھلي يونيورسٽي
گجرات يونيورسٽي
اعزازرياستي اعزازَ جي فهرست
دستخط
ويب سائيٽOfficial website
Government website

سانچو:Narendra Modi series

نريندر مودي (پُورو نالو:نريندر دامودر داس مودي) (انگريزي ٻولي: Narendra Modi) (گجراتي: નરેન્દ્ર મોદી) [lower-alpha 1] (پيدائش  سيپٽمبر 17، 1950) ڀارتي سياست دان ۽ 2014 کان موجودہ وزيراعظم آهي. ان کان اڳُ مودي 2001 کان 2014 تائين گجرات (ڀارت) جو وڏووزير (وزيراعليٰ ) رهيو ۽ وارانسي پارليامنٽ جو ميمبر آهي. مودي ڀارتييہ جنتا پارٽي (بي جي پي) ۽ راشٽرييہ سويم سيوڪ سنگھ (آر ايس ايس) جو رڪن آهي، جيڪا هڪ هندو قومپرست رضاڪار تنظيم آهي. هيءُ انڊين نيشنل ڪانگريس کان ٻاهرئين طرف جو پهريون وزيراعظم آهي، جنهن کي لاڳاتار پوري اڪثريت سان ٻنهي ڀيرا ڪاميابي ملي ۽ اٽل بهاري واجپائي کانپوءِ آفيس ۾ پنجن سالن تائين اقتدار سنڀاليندڙ ٻيون حڪمران آهي.[2]

شروعاتي زندگي

موديءَ جي پيدائش 17 سيپٽمبر 1950 تي اُتر گجرات جي مهسانہ ضلعي ۾ وادي نگر جي هڪ ننڍي غريب خاندان ۾ ٿي هُي.هن جو پيءُ دامودر داس ريلوي اسٽيشن تي چانهہ وڪڻدو هيو ۽ ماءُ هيرا بين گزارو ڪرڻ ۾ سهائتا (مدد) ڪرڻ جي لاءِ ماڻهن جي گهرن ۾ ڪم ڪار ڪندي هئي. مودي ننڍپڻ (ٻالڪپڻ) ۾ پنهنجي پيءُ سان گڏ گڏجي ٽرينن ۾ چانھ وڪرو ڪندو هيو. ننڍي ڄمار ۾ رٿيل شادي جي سبب هن هاءِ اسڪول جي تعليم پُوري ڪرڻ کانپوءِ گهر ڇڏي ڏنو ۽ ٻہ سال تائين هڪ شهر کان ٻئي شهر رمندو (گهمندو) رهيو. گجرات واپس موٽڻ کان اڳ هي ڪيترن ئي مذهبي مرڪزن جي زيارت ڪري چُڪو هيو. سال 1971 ۾ هي سنگھ جو مڪمل رڪن بڻجي ويو.

هن جي سوانح نگار (بايوگرافي لکندڙ) جي مطابق ننڍپڻ ۾ هن جي ذهن ۾ سنياسي (جوڳي، يوڳي) بڻجڻ جو خيال پڻ آيو هيو ۽ هي ڪُجھ ڏينهن راماڪرشن مشن ۾ پڻ ويندو رهندو هو. 17 سال جي عمر ۾ جشودا بين سان هن جو پرڻو(شادي) ٿيو، پرَ ٻئي زال مڙس ڪڏهن بہ گڏجي نہ رهيا.[3]

مودي جو سياسي سفر سال 1984 ۾ شروع ٿيو، جڏهن آر ايس ايس يعني راشٽريا سويم سيوڪ سنگھ پنهنجي چند رُڪنن کي ڀارتيا جنتا پارٽي ۾ موڪليو، انهن ۾ مودي پڻ شامل هيو. هن لال ڪرشن آڏواڻي جي سومناٿ – ايوڌيا ياترا ۽ مرلي منوهر جوشي جي ڪنياڪماري کان– ڪشمير ياترا ۾ حصو ورتو. سن 1995 ۾ هن گجرات ۾ چُونڊُن جي پرچار جي ذميداری نڀائي. اَٺ سال جي ڄمار ۾ هن آر ايس ايس سان پنهنجو واسطو ڳنڍيو. وڳوڙي صورت حال جي دوران هن کي روپوش ٿيڻو پيو. 1985 ۾ آرايس ايس طرفان هن کي بي جي پي ۾ شامل ڪيو ويو ۽ 2001 تائين هي پارٽيءَ ۾ ڪيترن ئي عهدن تي رهيو.

سال 2001 ۾ ان وقت جي وزير اعليٰ گجرات ڪيشو ڀائي پٽيل جي استعفيٰ ڏيڻ کانپوءِ مودی کي وزيراعليٰ بڻايو ويو.[4] ان کان تُرت پوءِ هي گجرات اسيمبلي جي لاءِ چُونڊيو ويو. گجرات وڳوڙن ۾ هن جي زبردست تنقيد ٿي ۽ کيس سڌوسنئون (براہ راست) ان جو ذميدار بڻايو ويو، پرَ اعليٰ عدالت (سپريم ڪورٽ) کي هن جي خلاف ڪوبہ ثبوت نہ مليو. گجرات جو وڏووزير (وزيراعليٰ گجرات) ٿيڻ کانپوءِ سندس ڪم ڪار جي وڏي ساراهہ (تعريف) ڪئي وئي. هي تعلیم، غربت ۽ صيحت جي شعبي ۾ چڱوسُٺو ڪم نہ ڪري سگهيو جنهنڪري کيس تنقيد جو نشانو پڻ بڻايو ويو.

راشٽريا سويم سيوڪ سنگھ ۾ شموليت

سال 1967 ۾ هندو نظرياتي تنظيم آر ايس ايس ۾ شامل ٿيو ۽ 70 واري ڏهاڪي کان پرچارڪ يا تنظيم جو اڳواڻ طور ڪم ڪرڻ شروع ڪيائين.

الزامَ ۽ تنقيد

نريندر دامودر داس مودي تڪراري شخصيت سمجهيو ويندو آهي. مودي جي مخالفن کيس ويڇا (تفرقا) پيدا ڪندڙ شخصيت سمجهندا آهن. سال 2002 جي گجرات وڳوڙن (فسادن) دوران مودي گجرات جو وڏووزير (وزيراعليٰ) هيو، جنهنڪري هن تي الزام لڳايو ويندو آهي تہ هي پردي پويان (پس پردو ) انهن وڳوڙن ۾ ملوث هيو.

لکڻيون

نريندر موديءَ سن 2008 ۾ پنهنجي هڪ ڪتاب گجراتي ٻولي ۾ ’جيوتي پونج ‘ لکي هُئي، جنهن ۾ هن هندو نظرياتي تنظيم راشٽريا سويم سيوڪ سنگھ يعني آر ايس ايس جا گمنام رهندڙ ڪارڪنن بابت لکيو آهي.[5]


ايوارڊ ۽ مڃتا

رياستي اعزاز

سينگار(تمغو) مُلڪ تاريخ نوٽ حوالو.
آرڊر آف عبدلعزيز ال سعود  سعودي عرب 3 اپريل 2016 "ميمبر خاص رُتبو"، غير مسلم معزز- چڱن مڙسن کي سعودي عرب طرفان ملندڙ اعلي ترين انعام [6]
غازي امير امان اللہ خان جو اسٽيٽ آرڊر  افغانستان 4 جون 2016 افغانستان جو سڀ کان وڏو سولين ايوراڊ [7]
فلسطين رياست جو شاندار ڪالر  فلسطين جي رياست 10 فيبروري 2018 فلسطين جو اعليٰ شهري اعزاز (سِوِلين ايوارڊ) [8]
آرڊر آف زيد  گڏيل عرب امارات 4 اپريل 2019 گڏيل عرب امارات جو اعليٰ مرتبو وارو شهري اعزاز (سِوِلين ايوارڊ) [9]
آرڊر آف سينٽ اينڊريو  روس 12 اپريل 2019 روس جو سڀ کان اعليٰ مرتبو وارو شهري اعزاز (سِوِلين ايوارڊ) [10]
عزيوالدين جو ناميارو اصول جو آرڊر  مالديپ 8 جون 2019 غير ملڪي معززن کي ملندڙ مالديپ جو سڀ کان اعليٰ مرتبو وارو اعزاز [11]
King Hamad Order of the Renaissance  بحرين 24 آگسٽ 2019 Member First Class, The third highest civilian honour of Bahrain [12][13]


نوٽس

  1. ↑ "Jashodaben, named by Narendra Modi as his wife, prays for him to become PM".
  2. ↑ Malik, Aman (23 May 2019). "Elections 2019: PM Modi returns with bigger mandate, faces growth challenge". VCCircle. 23 May 2019 تي حاصل ڪيل.
  3. ↑ نريندر مودي تڪراري شخصيت جو مالڪ - BBC News اردو
  4. ↑ "Gujarat Assembly Elections 2012: Narendra Modi profile". اصل نسخو مان 2018-12-26 تي محفوظ ڪيل. 6 اپريل 2013 تي حاصل ڪيل. {{cite news}}: Unknown parameter |dead-url= ignored (|url-status= suggested) (مدد)
  5. ↑ نريندر مودي کي ڪنهن بڻايو؟ - BBC News اردو
  6. ↑ "Modi conferred highest Saudi civilian honour". Hindustan Times. 3 April 2016. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 8 February 2017 تي محفوظ ڪيل. 17 February 2017 تي حاصل ڪيل.
  7. ↑ "PM Modi conferred Afghanistan's highest civilian honour". Indian Express. 4 June 2016. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 31 December 2016 تي محفوظ ڪيل. 17 February 2017 تي حاصل ڪيل.
  8. ↑ "Modi conferred 'Grand Collar of the State of Palestine'". The Hindu. 10 February 2018. ISSN 0971-751X. 3 March 2018 تي حاصل ڪيل.
  9. ↑ "PM Modi awarded highest civilian honour Zayed Medal by UAE". India Today. 4 April 2019.
  10. ↑ "Russia awards Narendra Modi its highest order, PM thanks Putin". India Today. 12 April 2019. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 14 May 2019 تي محفوظ ڪيل. 12 April 2019 تي حاصل ڪيل.
  11. ↑ "Maldives to confer country's highest honour on PM Modi". India Today. 8 June 2019. 8 June 2019 تي حاصل ڪيل.{{cite news}}: CS1 maint: url-status (ڳنڍڻو)
  12. ↑ "PM Modi honoured with the King Hamad Order of the Renaissance in Bahrain". Times Now. 25 August 2019. 25 August 2019 تي حاصل ڪيل.{{cite news}}: CS1 maint: url-status (ڳنڍڻو)
  13. ↑ "Bahrain Orders and Decorations". The Royal Ark. 25 August 2019 تي حاصل ڪيل.

حوالا


ڪتابيات- ببليو گرافي

ٻاهريان ڳنڍڻا

سرڪاري عهدا
پيشرو
ڪيشوڀائي پٽيل
گجرات جا چيف منسٽر
2001–2014
جانشين
آننديبن پٽيل
پيشرو
منموهن سنگهه
هندستان جو وزيراعظم
2014–کان هينئرتائين
ھاڻوڪو عهديدار
Unrecognised parameter
پيشرو
مرلي منوهر جوشي
لوڪ سڀا جو ميمبر
لاءِ وارانسي

2014– کان هينئرتائين
ھاڻوڪو عهديدار
ٻيا
  1. ↑ Gujarati pronunciation: [ˈnəɾendrə dɑmodəɾˈdɑs ˈmodiː]
حوالي جي چڪ: "lower-alpha" نالي جي حوالن جي لاءِ ٽيگ <ref> آهن، پر لاڳاپيل ٽيگ <references group="lower-alpha"/> نہ مليو