مواد ڏانھن هلو

موزمبيق

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
جمهوريه موزمبيق

Republic of Mozambique
Flag of Republic of Mozambique
{{{coat_alt}}}
جھنڊو نسبتي نشان
ترانو: پيارو وطن
مڪانيت  موزمبيق  

  (تيز نيري رنگ سان ڏيکاريل)نقشو آفريڪي يونين  

  (ھلڪو نيرو)
مڪانيت  موزمبيق     (تيز نيري رنگ سان ڏيکاريل)

نقشو آفريڪي يونين     (ھلڪو نيرو)

گادي جو هنڌمپوتو
25°57′S 32°35′E / 25.950°S 32.583°E / -25.950; 32.583
سڀ کان وڏو شهرمپوتو
دفتري ٻوليونپورچوگيزي
مقامي آباديموزمبيقيئن يا موزمبيقي
حڪومتوحداني غالب پارٽي واري نيم صدارتي آئيني جمهوريه[1][2][3]
 صدر
ڊينيئل چاپو
 وزيراعظم
ماريا بينويندا ليوي
مقننه جمهوريه جي اسيمبلي
قيام
 پرتگالي اوڀر آفريڪا
پھرين مارچ، 1498ع
 پرتگال کان آزادي
25 جون، 1975ع
 گڏيل قومن جي رڪنيت
16 سيپٽمبر، 1975ع
 موجودہ آئين
30 نومبر، 1990ع
 گھرو ويڙهه
1975 کان 1996
پکيڙ
 جملي
801,590 چورس ڪلوميٽر (309,500 چورس ميل) (35 هون)
 پاڻي (%)
2.2
آبادي
 2016 اندازو
28,829,476[4] (50 هون)
 2017 مردم شماري
2,79,09,798
  گھاٽائي
28.7/km2 (74.3/sq mi) (178 هون)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد )2019 لڳ ڀڳ
 ڪل
41.473 ارب آمريڪي ڊالر
 في سيڪڙو
1,331 آمريڪي ڊالر[5]
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ )2019 لڳ ڀڳ
 ڪل
15.372 ارب آمريڪي ڊالر
 في سيڪڙو
493 آمريڪي ڊالر[5]
جِينِي (2008)Negative increase 45.7[6]
وچولو · سرڪاري ٻوليون: پرتگالي. * تسليمي علائقائي ٻوليون: مخووا، سينا، سونگا، لوموي ۽ سواحلي. * • * تشکيل: • پرتگال کان آزادي 25 جون 1975 • موزمبيق جي گهرو ويڙهه 1977–1992 • موجوده آئين 21 ڊسمبر 2004 * ايريا: • ڪل: 801,590 چورس ڪلوميٽر (309,500 چورس ميل) (35 هون). • پاڻي (٪): 2.2 * آبادي: 3,48,81,007 (45 هون) (2024 جو اندازو) * • کثافت 28.7/ڪلوميٽر 2 (74.3/چورس ميل) * جي ڊي پي (پي پي پي): 2023 جو اندازو • ڪل: 53.71 بلين آمريڪي ڊالر (121 هون) • في ڪس: $1,584 (187 هون) * جي ڊي پي (نامياري): 2023 جو اندازو • ڪل: $21.936 بلين (128 هون) • في ڪس: $647 (185 هون) * گيني (2019): 50.4 * ايڇ ڊي آءِ (2022): 0.461 (183 هون) & ڪرنسي: ميٽيڪل (ايم زيڊ اين). *
ايڇ ڊي آء (2018)Increase 0.446[7]
ڪمتر · 180th
ڪرنسيميٽيڪل (MZN)
معياري وقتCAT (متناسق عالمي وقت+2)
ڊرائيونگ جو پاسوکاٻو پاسو
ڊائلنگ ڪوڊ+258
انٽرنيٽ ڊومين.mz

موزمبيق (Mozambique)، سرڪاري نالو جمهوريه موزمبيق، آفريڪا جي ڏکڻ-اوڀر ۾ هڪ ملڪ آهي. ان جون حدون اوڀر ۾ ھندي سمنڊ، اتر ۾ تنزانيا، اتر-اولھه ۾ ملاوي ۽ زيمبيا، اولھه ۾ زمبابوي ۽ ڏکڻ-اولھه ۾ اسواتيني ۽ ڏکڻ آفريڪا سان ملن ٿيون. موزمبيق چينل هن کي اوڀر ۾ ٻيٽ واري ملڪن، جزائر القمر، مڊگاسڪر ۽ فرانس جي انحصاري علائقي، مايوٽي کان سامونڊي طور ڌار ڪندي آهي. گاديءَ جو هنڌ ء سڀ کان وڏو شهر مپوتو آهي. سرڪاري ٻولي پرتگالي آهي ۽ ڪرنسي جو نالو ميٽيڪل (MZN) آهي.

ستين ۽ يارهين صديءَ جي وچ ۾. انهيءَ علائقي تي سواحلي بندرگاهه شهرن جو هڪ سلسلو ترقي ڪئي. جنهن هڪ الڳ سواحلي ثقافت ۽ لهجي جي ترقي ۾ حصو ورتو. وچين دور جي آخر ۾. انهن شهرن ۾ صوماليا، ايٿوپيا، مصر، عرب، فارس ۽ هندستان جا واپاري اڪثر ايندا ويندا هئا. (1498 ۾ واسڪو ڊي گاما جو سفر) پرتگالي جي آمد جي نشاندهي ڪئي. جن 1505 ۾ نوآبادياتي ۽ آبادڪاري جو بتدريج عمل شروع ڪيو. چار صدين کان وڌيڪ پرتگالي حڪمراني کان پوءِ. موزمبيق 1975 ۾ آزادي حاصل ڪئي. ٿوري دير کان پوءِ عوامي جمهوريه موزمبيق بڻجي ويو.

تاريخ

[سنواريو]

پھرين کان پنجين صدي عيسويءَ م اتر ۽ اولھ وارن پاسن کان ھن ملڪ واري سرزمين ۾ بانٽو ٻولي ڳالھيندڙ ماڻھو لڏي اچي آباد ٿيا. اتر موزمبيق ۾ ھندي سمنڊ جي سانوڻ واريون ھوائون گھلنديون آھن. ستين ۽ يارھين صدي عيسويءَ دوران ھتي ننڍا ننڍا سواحلي بندرن وارا شھر قائم ٿيا جن م سواحلي ثقافت ۽ سواحلي ٻولي جو فروغ ٿيو ۽ اتي صوماليا، ايٿوپيا، مصر، عربستان، ھندوستان ۽ فارس جا واپاري ڪثرت سان ايندا ھيا[8] 1498ع ۾ ھتي واسڪو ڊي گاما جي آمد ٿي جنھن بعد 1505ع ۾ ھتي پورچوگيزن جي بيٺڪن جي شروعات ٿي ۽ پورچوگيز چئن صدين تائين ھن سرزمين تي قابض رهيا. 1975ر م ھن ملڪ پورچوگال کان آزادي ماڻي ۽ جلد ئي ٻن سالن بعد عوامي جمهوريه موزمبيق ٿي ويو ۽ پوء ھتي گھرو ويڙھ شروع ٿي وئي جيڪا 1977 کان 1992 تائين جاري رھي. 1994ع ۾ ھتي ڪثير جماعتي عام چونڊون ٿيون جنھن بعد ھتي صدارتي نظام شروع ٿيو. 2013 کان ھتي رينامو (RENAMO) پارٽي جو ھٿياربند باغيانه سرگرميون شروع ٿيون جيڪي جاري آھن[9].

معيشيت

[سنواريو]

ھي ملڪ تمام گھڻن قدرتي وسيلن سان مالامال آهي. ملڪ جي معيشت گھڻي ڀاڱي زرعي آھي ۽ صنعتي ترقيءَ ۾ پڻ اضافو ٿي رهيو آهي جن ۾ کاڌي، ڪيميائي مادن ، اليومونيم، پيٽرول جي شين ۽ شربتن جون صنعتون شامل آهن. ھن وقت سياحت ۾ پڻ اضافو آيو آھي. سائوٿ آفريڪا ھن ملڪ جو وڏو واپاري ڀائيوار ملڪ آھي جنھن ھن ملڪ ۾ وڏي سيڙپ ڪئي آھي. ان کان سواءِ بيلجيم، برازيل، پورچوگال ۽ اسپين پڻ ھن جا واپاري شراڪتدار آھن. 2001ع کان وٺي ھن ملڪ جي سالياني جي ڊي پي جي سراسري واڌ دنيا جي ملڪن م ڏاڍي اوچي رھي آھي پر پوء بہ ھي ملڪ اڃان تائين دنيا جي غريب ترين ملڪن ۾ شمار ٿئي ٿو[10] ڇو ته ان جي في ڪس آمدني قوت خريد جي لحاظ کان تمام گھٽ آهي[11]

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]

Government:

General information:

Tourism:

Health:

سانچو:Mozambique topics

18°15′S 35°00′E / 18.250°S 35.000°E / -18.250; 35.000

حوالا

[سنواريو]
  1. Neto, Octávio Amorim; Lobo, Marina Costa (2010). Between Constitutional Diffusion and Local Politics: Semi-Presidentialism in Portuguese-Speaking Countries. Social Science Research Network.
  2. Shugart, Matthew Søberg (September 2005). "Semi-Presidential Systems: Dual Executive and Mixed Authority Patterns". Graduate School of International Relations and Pacific Studies (United States: University of California, San Diego). http://dss.ucsd.edu/~mshugart/semi-presidentialism.pdf. Retrieved 20 August 2016. آرڪائيو ڪيا ويا 19 August 2008 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
  3. Shugart, Matthew Søberg (December 2005). "Semi-Presidential Systems: Dual Executive And Mixed Authority Patterns". French Politics 3 (3): 323–351. doi:10.1057/palgrave.fp.8200087. http://www.palgrave-journals.com/fp/journal/v3/n3/pdf/8200087a.pdf. "Of the contemporary cases, only four provide the assembly majority an unrestricted right to vote no confidence, and of these, only two allow the president unrestricted authority to appoint the prime minister. These two, Mozambique and Namibia, as well as the Weimar Republic, thus resemble most closely the structure of authority depicted in the right panel of Figure 3, whereby the dual accountability of the cabinet to both the president and the assembly is maximized.". آرڪائيو ڪيا ويا 4 March 2016 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
  4. "World Population Prospects: The 2017 Revision". ESA.UN.org (custom data acquired via website). United Nations Department of Economic and Social Affairs, Population Division. 10 September 2017 تي حاصل ڪيل.
  5. 1 2 https://www.imf.org/external/pubs/ft/weo/2019/01/weodata/weorept.aspx?pr.x=89&pr.y=14&sy=2019&ey=2024&scsm=1&ssd=1&sort=country&ds=.&br=1&c=688&s=NGDPD,PPPGDP,NGDPDPC,PPPPC&grp=0&a=
  6. "Gini Index". World Bank. 2 March 2011 تي حاصل ڪيل.
  7. "Human Development Report 2019" (PDF) (انگريزي ۾). United Nations Development Programme. 10 December 2019. 10 December 2019 تي حاصل ڪيل.
  8. Newitt, M.D.D. "A Short History of Mozambique." Oxford University Press, 2017
  9. Schenoni, Natália Bueno. "Provincial Autonomy: The Territorial Dimension of Peace in Mozambique". GIGA Focus. https://www.academia.edu/19787524.
  10. Investing in rural people in Mozambique آرڪائيو ڪيا ويا 27 April 2015 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.. ifad.org
  11. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named "CIA".