منوج ڪمار
منوج ڪمار Manoj Kumar | |
|---|---|
| ڄمڻ | هالا، مٽياري ضلعو، سنڌ |
| پيشو | ، ليکڪ ڪهاڻيڪار، پروفيسر |
| ٻولي | سنڌي, انگريزي ٻولي |
| رهائش | هالا |
| قوميت | پاڪستاني |
| تعليم | ايم. اي، انگريزي ادب |
| مادرِ علم | سنڌ يونيورسٽي |
| دور | هاڻوڪو |
| موضوع | ڪھاڻي، ڪالم، مضمون |
| مائٽ | صوفي ميگھراج پيءُ |
منوج ڪمار (انگريزي:Manoj Kumar) سنڌ ۾ جنم وٺندڙ سنڌي ٻوليءَ جو ليکڪ، ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار، سنڌيڪار ۽ انگريزي ٻولي جو پروفيسر آهي.
زندگي جو احوال
[سنواريو]منوج ڪمار صوفي ميگھراج جي گھر ۾ 23 فيبروري 1971ع تي سنڌ جي مٽياري ضلعو جي تاريخي شهر هالا ۾ جنم ورتو. منوج جي والد به بايو ڪيمسٽري ۾ ڪراچي يونيورسٽي مان ايم ايس سي پاس ڪئي پر طبيعت ۾ صوفي منش هجڻ سبب آزاد منش صوفي بڻجڻ کي اوليت ڏنائين.[1][2]
تعليم
[سنواريو]منوج ڪمار پرائيمري کان انٽر تائين تعليم هالا شهر ۾ پرائي. هن پرائمري تعليم مخدوم امين فهيم پرائمري اسڪول مان ورتي. مئٽرڪ جو امتحان ايم جي گورنمينٽ هاءِ اسڪول هالا مان پاس ڪيائين ۽ انٽر جو امتحان 1988ع ۾ اسلاميه سروري ڪاليج هالا منجهان پاس ڪيائين. ايم اي انگريزي ادب ۽ ٻي ايڊ جي ڊگري سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان 1995ع ۾ حاصل ڪيائين.[2]
ادبي سفر
[سنواريو]منج ڪمار لکڻ جي شروعات 1995ع ۾ ڪئي هن روزاني جاڳو اخبار ڪراچي، انگريزي اخبار سنڌ ٽربيون ۽ فائنينشل پوسٽ ۾ ڪالم لکڻ شروع ڪيا. سندس ڪالم روزاني ڪاوش اخبار حيدرآباد ۾ پڻ مستقل ڇپيا. سندس ڪهاڻيون مختلف اخبارن ۽ معياري رسالن ۾ ڇپيل آهن. هن جون ٻارن لاءِ ڪهاڻيون به ڇپيون آهن. سندس ڪهاڻين کان علاوه ترجمو ٿيل ڪتاب پڻ ڇپيل آهن[3]. سندس ڪتاب سنڌي لينگويج اٿارٽي حيدرآباد پاران پڻ ڇپيل آهن.[2][4][5] منوج ڪمار سنڌ جي وڏي شاعر شيخ اياز جي چونڊ شاعريءَ جو انگريزي ٻوليءَ ۾ ترجمو پڻ ڪيو آهي.[6]
عملي زندگي
[سنواريو]منوج ڪمار عملي زندگي جي شروعات 1996ع ۾ ليڪچراري سان ڪئي. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري انگريزي ادب جو ليڪچرار مقرر ٿيو. ترقي ماڻي اسسٽنٽ پروفيسر طور سروري اسلاميه ڪاليج هالا ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ شروع ڪيائين. ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور ڪاليج جي شاگردن جي روشن مستقبل لاءِ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. ان سان گڏوگڏ سنڌ يونيورسٽي مان ايم فل پڻ ڪري رهيا آهن.[2]
ڪتاب
[سنواريو]- موڳو مٽر،۽ سونو ڪڪڙ، ڪهاڻيون سنڌي لينگويج اٿارٽي، حيدرآباد[7]
حوالا
[سنواريو]- ↑ "منوج ڪمار" (in برطانوي انگريزي). Retrieved 2020-04-24.
- 1 2 3 4 Sindh-mass-comm (2016-08-22). "Sindh-mass-com2k14-bs-iii-2nd: پروفائيل, مشتاق جمالي,". Sindh-mass-com2k14-bs-iii-2nd. Retrieved 2020-04-24.
- ↑ onlineindus.com https://onlineindus.com/sindhi/42189. Retrieved 2020-04-24.
{{cite web}}: Missing or empty|title=(help) - ↑ www.thekawish.com http://www.thekawish.com/beta/images/2016/Dec/11-12-2016/Page2/P2-30.htm. Retrieved 2020-04-24.
{{cite web}}: Missing or empty|title=(help) - 1 2 "Two story books in Sindhi published". The News International (in انگريزي). 2011-05-25. Retrieved 2020-04-24.
- ↑ Asia, Indus (2016-12-24). "English translation of some stanzas of famous Sindhi poem of Shaikh Ayaz". Indus Asia Online Blog. Retrieved 2020-05-09.
- ↑ "جنهن تي سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جا ڇپيل ڪتاب ٽيڪسٽ جي حساب سان رکيا ويا آهن. جلد ئي اي پب ۽ تمام ڊجيٽائزڊ پروگرامنگ تي اليڪٽرانڪ ڪتاب رکيا ويندا". library.sindhila.org. Retrieved 2020-04-24.
- ↑ "جنهن تي سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جا ڇپيل ڪتاب ٽيڪسٽ جي حساب سان رکيا ويا آهن. جلد ئي اي پب ۽ تمام ڊجيٽائزڊ پروگرامنگ تي اليڪٽرانڪ ڪتاب رکيا ويندا". library.sindhila.org. Retrieved 2020-04-24.