منوج ڪمار

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
منوج ڪمار
Manoj Kumar

منوج ڪمار
پيدائش هالا، مٽياري ضلعو، سنڌ
ڌنڌو ، ليکڪ ڪهاڻيڪار، پروفيسر
ٻولي سنڌي, انگريزي ٻولي
رهائش هالا
قوميت پاڪستاني
تعليم ايم. اي، انگريزي ادب
مادرِ علمي سنڌ يونيورسٽي
دور هاڻوڪو
موضوع ڪھاڻي، ڪالم، مضمون
رشتيدار صوفي ميگھراج پيءُ

منوج ڪمار (انگريزي:Manoj Kumar) سنڌ ۾ جنم وٺندڙ سنڌي ٻوليءَ جو ليکڪ، ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار، سنڌيڪار ۽ انگريزي ٻولي جو پروفيسر آهي.

زندگي جو احوال[سنواريو]

منوج ڪمار صوفي ميگھراج جي گھر ۾ 23 فيبروري 1971ع تي سنڌ جي مٽياري ضلعو جي تاريخي شهر هالا ۾ جنم ورتو. منوج جي والد به بايو ڪيمسٽري ۾ ڪراچي يونيورسٽي مان ايم ايس سي پاس ڪئي پر طبيعت ۾ صوفي منش هجڻ سبب آزاد منش صوفي بڻجڻ کي اوليت ڏنائين.[1][2]

تعليم[سنواريو]

منوج ڪمار پرائيمري کان انٽر تائين تعليم هالا شهر ۾ پرائي. هن پرائمري تعليم مخدوم امين فهيم پرائمري اسڪول مان ورتي. مئٽرڪ جو امتحان ايم جي گورنمينٽ هاءِ اسڪول هالا مان پاس ڪيائين ۽ انٽر جو امتحان 1988ع ۾ اسلاميه سروري ڪاليج هالا منجهان پاس ڪيائين.  ايم اي انگريزي ادب ۽ ٻي ايڊ جي ڊگري سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان 1995ع ۾ حاصل ڪيائين.[2]

ادبي سفر[سنواريو]

منج ڪمار لکڻ جي شروعات 1995ع ۾ ڪئي هن روزاني جاڳو اخبار ڪراچي، انگريزي اخبار سنڌ ٽربيون ۽ فائنينشل پوسٽ ۾ ڪالم لکڻ شروع ڪيا. سندس ڪالم روزاني ڪاوش اخبار حيدرآباد ۾ پڻ مستقل ڇپيا. سندس ڪهاڻيون مختلف اخبارن ۽ معياري رسالن ۾ ڇپيل آهن. هن جون ٻارن لاءِ ڪهاڻيون به ڇپيون آهن. سندس ڪهاڻين کان علاوه ترجمو ٿيل ڪتاب پڻ ڇپيل آهن[3]. سندس ڪتاب سنڌي لينگويج اٿارٽي حيدرآباد پاران پڻ ڇپيل آهن.[2][4][5] منوج ڪمار سنڌ جي وڏي شاعر شيخ اياز جي چونڊ شاعريءَ جو انگريزي ٻوليءَ ۾ ترجمو پڻ ڪيو آهي.[6]

عملي زندگي[سنواريو]

منوج ڪمار عملي زندگي جي شروعات 1996ع ۾ ليڪچراري سان ڪئي. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري انگريزي ادب جو ليڪچرار مقرر ٿيو. ترقي ماڻي اسسٽنٽ پروفيسر طور سروري اسلاميه ڪاليج هالا ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ شروع ڪيائين. ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور ڪاليج جي شاگردن جي روشن مستقبل لاءِ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. ان سان گڏوگڏ سنڌ يونيورسٽي  مان ايم فل پڻ ڪري رهيا آهن.[2]

ڪتاب[سنواريو]

  • موڳو مٽر،۽ سونو ڪڪڙ، ڪهاڻيون سنڌي لينگويج اٿارٽي، حيدرآباد[7]
  • برف شهزادي، ڪهاڻيون، سنڌي لينگويج اٿارٽي حيدرآباد 2016ع[5][8]

حوالا[سنواريو]