اجمير

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
اجمير
اجئيياميرو[1]
ميٽروپولس
اجمير
اجمير ۾ پرٿويراج چوھاڻ جي مورتي، مايو ڪاليج
اجمير is located in
اجمير
اجمير
اجمير is located in راجسٿان
اجمير
اجمير
جاگرافي بيهڪ: 26°27′00″N 74°38′24″E / 26.4499°N 74.6399°E / 26.4499; 74.6399مڪانيت: 26°27′00″N 74°38′24″E / 26.4499°N 74.6399°E / 26.4499; 74.6399
ملڪ انڊيا
رياست راجستان
ضلعو اجمير ضلعو
قيام اجئي راجا پھريون يا اجئي راجا ٻيون
نالو پيو اجئي راجا پھريون يا اجئي راجا ٻيون
حڪومت
 • مجلس اجمير ڊولپمينٽ اٿارٽي (اجمير ميونسپل ڪارپوريشن)
بلندي 480 ميل (1,570 ft)
آبادي (2011)
 • ميٽروپولس 542,321

اجمير يا اجمير شريف (انگريزي: Ajmer ) راجستان (ڀارت) جو هڪ شهر ۽ علائقو. -اجمير- شهر جو بنياد راجپوت راجا اجيه چوهاڻ 1100ع جي دور ۾ رکيو. هيءُ شهر شهاب الدين غوريءَ 1192ع ۾ فتح ڪيو. شهنشاهه اڪبر پنهنجي شروعاتي سالن ۾ -اجمير- کي پنهنجي مملڪت ۾ شامل ڪيو. هن -اجمير- ۾ هڪ قلعو ۽ محلات ٺهرايو، جنهن کي هاڻي ڀارتي سرڪار ميوزيم ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. -اڪبر بادشاهه- ننڍي کنڊ جي مشهور صوفي اولياءَ خواجه معين الدين چشتيءَ جي مزار جي زيارت لاءِ گهڻائي ڀيرا سفر ڪيو. -اجمير- جو شهر اهم زيارت گاهه آهي. اجمير پنهنجي اسلامي آثارن، عمارتن خاص ڪري حضرت خواجه معين الدين چشتيءَ، جنھن کي نبي الھند[2] ۽ غريب نواز[2] جا لقب مليل آھن، (1135- 1229) جي مقبري کان مشهور آهي[3][2].. اُهو مقبرو مالوا جي سلطانن 1455ع جي لڳ ڀڳ تعمير ڪرايو هو[3]. جتي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۽ سموري ھندوستان مان جي مسلمانن سان گڏ سک، عيسائي ۽ ھندو پڻ زيارت لاء ايندا آهن[2]. مغل بادشاھ اڪبر فتح پور سيڪري کان ھن درگاھ تي ٻہ دفعا پنڌ اچي زيارت ڪئي[2]. ان درگاھ جي ھڪ نمايان خصوصيت اھا آھي تہ ان جي انتظامي معاملن جي سنڀال لاء باقاعده پارليامينٽ مان درگاھ خواجہ صاحب ايڪٽ پاس ٿيل آھي جنھن مطابق 11 ميمبرن جو بورڊ ان جو انتظام ھلائيندو آھي.[2]. جيتوڻيڪ ٻيون عمارتون پوءِ ٺهيون، -جن- ۾ ٻه مسجدون، اڪبر ۽ شاهجهان جون ٺهرايل آهن، هڪڙي عمارت اڍائي ڏينهن جو جهوپڙو آهي، جيڪا دراصل درسگاهه هئي، جنهن کي پوءِ مسجد ۾ تبديل ڪيو ويو. ٻيون تاريخي جايون، -جن- ۾ اڪبر جو ٺهرايل ’قلعو -بند- قصر‘، جهانگير جو ٺهرايل -باغ- ۽ شاهجهان جي اڏايل اناساگر جي -بند- تي واقع ’مرمري ڪوشڪ‘ شامل آهن. سنڌ جي حڪمرانن توڙي عام عقيدتمندن پڻ -اجمير- شهر ۾ ڪندوريءَ جون ديڳيون، اوطاقون ۽ اوتارا درگاهه جي لاءِ وقف ڪيا، -جن- مان مشهور ڪافي گو شاعر مصري شاهه جو نالو قابل ذڪر آهي. -ان- کان سواءِ ڪيترا عقيدتمند هرسال سالياني عرس جي موقعي تي -اجمير- شريف ويندا رهندا آهن[3]. ھن شھر ۾ شمس الدين التمش جي ٿھرايل مسجد پڻ مشھور آھي جنھن جو نالو ڍائي دن ڪي مسجد (اڍائي ڏينھن جي مسجد) آهي جيڪا ٻن ڦٽل مندرن جي مٿان ٺھرائي وئي ھئي[2]. سنڌ جو مرد مجاهد ۽ -تحريڪ خلافت- جو اڳواڻ بئريسٽر جان محمد جوڻيجو به -اجمير- جي درگاهه جي ڀر ۾ دفن آهي[3][4].

حوالا[سنواريو]

  1. Majumdar, R.C.. Volume 5: The Struggle for Empire. Bharatiya Vidya Bhavan. p. 107. 
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 2.4 2.5 2.6 - Encyclopedia of Islam- Juan E. Campo J. Gordon Melton, Series Editor-: Facts On File, Inc. An imprint of Infobase Publishing 132 West 31st Street New York NY 10001 - pages # 26 ,
  3. 3.0 3.1 3.2 3.3 - اجمير : (Sindhianaسنڌيانا)
  4. Ajmer - Wikipedia