چشتي سلسلو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

چشتي سلسلو، چشت خراسان جي هڪ مشهور شهر جو نالو آهي.اتي جي ڪن بزرگن، ماڻهن جي روحاني اصلاح جو ڪم هٿ ۾ کنيو، انهي ڪري اهو چشتي سلسلو سڏجڻ ۾ آيو. حضرت خواجه ابو اسحاق شامي (وفات 940ع) پهريون بزرگ آهي جنهن جي نالي سان گڏ تذڪرن ۾ چشتي لفظ ملي ٿو. هو اصل شام جو رهاڪوهو.اتان بغداد ۾ آيو، ۽حضرت خواجه مشاد علي دينوري (وفات 910) کان روحاني فيض حاصل ڪيائين. ان جي ارشاد موجب ”چشت“ ۾ آيو، جتي هڪ روحاني تحريڪ جو بنياد رکيائين. هي سلسلو به طريقت جي لحاظ کان حضرت علي ڪرم الله وجه تائين هن طرح ملي ٿو:

  1. حضرت علي بن ابي طالب ڪرم الله وجہ.
  2. حضرت خواجه حسن بصري.
  3. حضرت خواجه ابي الفضل عبدالواحد ابن زيد.
  4. حضرت خواجه ابي الفيض فضيل ابن عياض.
  5. حضرت خوجه ابراهيم ادهم البلخي.
  6. حضرت خواجه سديد الدين حذيففته المرعشي.
  7. حضرت خواجه امين الدين ابي هيبره البصري.
  8. حضرت خواجه مشاد علي دينوري.
  9. حضرت خواجه ابي اسحاق شامي.
  10. حضرت خواجه ابي اگھحند ڀب فرسنافته الچشتي.
  11. حضرت خواجه محمد ابن احمد چسشتي.
  12. حضرت خِواجه ابي يوسف چشتي.
  13. حضرت خواجه مودود چشتي.
  14. حضرت خواجه شريف زنداني.
  15. حضرت خواجه عثمان هاروني
  16. حضرت خواجه معين الدين چشتي.

برصغير پاڪ و هند ۾ حضرت خواجه معين الدين چشتي هن سلسلي کي ڦهلايو، اسلام جي تبليغ ڪئي، ۽ ماڻهن جي روحاني اصلاح ڪئي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. چشتي سلسلو: ميمڻ عبدالمجيد سنڌي مھراڻ رسالو؛ جلد 35؛ 1986؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو