داتا گنج بخش

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Shaykh ʿAlī al-Hujwīrī
(ابوالحسن علي بن عثمان الجلابي الھجویري الغزنوي)
صوفي ، ديني عالم، فقھ جو ڄاڻو
تاريخ پيدائش c. 1009
ھجوير نزد غزني، موجوده افغانستان
تاريخ وفات c. 1072-77
لاھور، غزنوي ايمپائر، موجوده پنجاب
قابل احترام صوف بزرگن جا عقيدت مند
اهم مزار داتا درٻار، لاھور
ضيافت ارڙهين/اوڻيهين/ويهين صفر (عرس)
سرپرستي لاھور، پاڪستان
روايت سني اسلام
حنفي مذهب [1][2]

علي ھجويري: ابوالحسن علي بن عثمان: الجلابي:. الھجويري: الغزني: داتا گنج بخش: مسلمانن ۾ ھڪ صوفي ولي سمجھيو ويندڙ بزرگ جنھن پنھنجي زندگي اسلام جي تبليغ ۾ وقف ڪئي . پاڻ سني مسلمان ۽ حنفي مذھب جي پيروي ڪندڙ ھو. ھن جو فارسيءَ ۾لکيل لکيل ڪتاب ڪشف المحجوب صوفي ازم جو مشھور ڪتاب آھي[3] ھن جو نالو سيد علي ھيو، ڪنيت ابوالحسن ۽ لقب داتا گنج بخش.عام طور تي ھن کي داتا صاحب يا گنج بخش چوندا آهن. داتا جي معني بہ گنج بخش آھي . مشھور بزرگ خواجه معين الدين چشتي اجميري جڏهن ھندوستان آيو تہ ھن بزرگ جي مزار تي حاضري ڀري اتي ڪجهه عرصي لاءِ ترسي پيو ھو ۽ داتا صاحب جي شان ۾ شعر چئي عقيدت جو اظهار ڪيو ھئائين.

تفصيلي تعارف[سنواريو]

پاڻ 400 ھجري ، 1009 ۾موجودہ افغانستان جي شھر غزني جي ھڪ وسندي ھجوير ۾ سيد محمد عثمان جي گھر ۾ پيدا ٿيو.پاڻ پنھنجي لاءِ نالي سان گڏ ھجويري يا جلابي لکندو .غزني شھر جي ارد گرد ھجويري ۽ جلاب جا ڳوٺ يا وسنديون ھيون جن مان ھجوير ۾ ھن جي ماء جو ڳوٺ ھو ۽ جلاب پيء جو. شادي کان پوءِ سندس والد جلاب مان ھجوير منتقل ٿي ويو. پاڻ حسني سيد ھو. ھن جي پيء ماء ۽ مامي تاج الدين اولياء جون قبرون غزني جي ڀرسان واقع آھن. ھن ابتدائي تعليم پنھنجي پيءُ عثمان ۽ مامي تاج الدين وٽ حاصل ڪئي. ھن جو مرشد جنيد بغدادي جي مسلڪ سان تعلق رکندڙ محمد ابوالفضل محمد بن الحسين الخلقي ھيو جنھن وٽ ھن ڪافي عرصو گذاريو.ھن جي مرشد جي وفات دمشق جي ھڪ ڳوٺ بيت الجن ۾ ٿي ۽ وفات وقت ھي ساڻس گڏ ھيو. داتا گنج بخش پنهنجي زندگيءَ ۾ ڊگھا سفر ڪيا. ھن خراسان، نيشاپور، سرخس، طوس، شام، عراق، خورستان، فارس، فرغانہ، ترڪستان، ۽ ھندوستان جي سياحت ڪئي.[4] 431 ھجري ۾ لاھور ۾ آيو.لاھور جي اولھ ۾ رواوي درياء جي ڀر ۾ ھڪ قديم مندر ھيو انجي ڀرسان ھن سڪونت اختيار ڪئي ۽ مسجد تعمير ڪرائي ۽ گڏوگڏ مدرسو پڻ قائم ڪيو 20 صفر 465 ھجري يا 1074عيسوي ۾ وفات ڪيائين.

مزار[سنواريو]

.ھن جي مزار جي پانڌيئڙن ۾ بابا فريد گنج بخش ۽ شاھ حسين معروف ماڌو لال حسين پڻ شامل آھن. ھر سال ٽي ڏينهن ھن جو عرس ملھايو ويندو آهي. ھن جي مزار ڏکڻ ايشيا جي اوليائن ۾ مصروف ترين مزار آھي..[5] 1960 ۾ ان جي نگراني سرڪار اوقاف کاتي جي حوالي ڪئي.[3] ھن جي ورسي واري ڏينهن کي پنجاب حڪومت صوبي جي سرڪاري موڪل جو ڏينهن قرار ڏنو آهي.[6]

تصنيفون[سنواريو]

داتا گنج بخش جو سڀ کان مشھور ڪتاب ڪشف المحجوب آھي جيڪو صوفي ازم جي موضوع تي لکيل آھي.ھن جي ڪتابن مان صرف ان جي محفوظ ٿي سگھڻ جو ذڪر ملي ٿو.ان کان علاوه مشھور انگريز ليکڪ رينالڊ الين نڪولسن مطابق ھن جي ٻين لکيل ڪتابن ۾ ھيٺيان شامل آهن:

  • ديوان:ان ۾ ھجويري جي فارسي ۾ شاعري اچي وڃي ٿي.[7]
  • منھاج الدين: ھن ڪتاب ۾ صوفياڻي خيال وارا صحابي ۽ منصور حلاج جي آتم ڪٿا ڏنل ھئي.[7]
  • اسرارالخراق والمونات
  • منصور حلاج جا قول
  • ڪتاب البيان الاھل العيان[7]
  • ڪشف الاسرار [8]

حوالا[سنواريو]

  1. Hosain, Hidayet and Massé, H., "Hud̲j̲wīrī", in: Encyclopaedia of Islam, Second Edition, Edited by: P. Bearman, Th. Bianquis, C.E. Bosworth, E. van Donzel, W.P. Heinrichs: "Although he was a Sunni and a Hanafi...".
  2. Strothmann, Linus, "Dātā Ganj Bakhsh, Shrine of", in: Encyclopaedia of Islam, THREE, Edited by: Kate Fleet, Gudrun Krämer, Denis Matringe, John Nawas, Everett Rowson: "Al-Hujwīrī followed the Ḥanafī school and is connected through his teacher, al-Khuttalī, to al-Husrī, al-Shiblī (d. 334/945), and al-Junayd (d. 297/910) of Baghdad (Knysh, 133)."
  3. 3.0 3.1 Strothmann, Linus, "Dātā Ganj Bakhsh, Shrine of", in: Encyclopaedia of Islam, THREE, Edited by: Kate Fleet, Gudrun Krämer, Denis Matringe, John Nawas, Everett Rowson.
  4. Strothmann, Linus, "Dātā Ganj Bakhsh, Shrine of", in: Encyclopaedia of Islam, THREE, Edited by: Kate Fleet, Gudrun Krämer, Denis Matringe, John Nawas, Everett Rowson; see also ʿAlī al-Hujwīrī, Kashf al-maḥjūb, trans. Reynold A. Nicholson, Leiden 1911, intro.
  5. Hosain, Hidayet and Massé, H., "Hud̲j̲wīrī", in: Encyclopaedia of Islam, Second Edition, Edited by: P. Bearman, Th. Bianquis, C.E. Bosworth, E. van Donzel, W.P. Heinrichs.
  6. http://nation.com.pk/national/19-Nov-2016/data-sahib-urs-district-govt-declares-public-holiday-on-nov-21
  7. 7.0 7.1 7.2 Hujwiri, Kashf al-Mahjub, trans. R. A. Nicholson (Lahore: Sang-e-Meel Publications, 2007), p. vii
  8. Hujwiri, Kashf al-Asrar, translated by El-Sheikh Syed Mubarik Ali Shah El-Gillani (Lahore: Zavia Books, 2005), https://www.youtube.com/watch?v=xODewpBhXaE