وسپت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(خميس کان چوريل)

خميس (انگريزي ٻولي: Thursday) جمعي کان پهرين ۽ اربع کان پوءِ وارو ڏينهن آهي.

هي هفتي هفتي جي ستن ڏينهن مان هفتي جو پنجون ڏينهن آهي. [1]

لفظ خميس[سنواريو]

خميس = هن ڏينهن جو نالو عربي زبان جي لفظ خمس مان ورتو ويو آهي. سنڌ جي ڪجهه علائقن ۾ ماڻهن خمس پڻ چوندا آهن. هن جو مطلب پنج آهي. ان ڪري جو علم نجوم ۾ هي پنجون ڏينهن آهي.

سنڌي ماڻهو خمسيو نالو پڻ رکندا آهن .

عربن کان پهرين هن ڏينهن کي وسپت چيو ويندو هو.

وسپت کان خميس[سنواريو]

عربن کان پهريان خميس جنهن کي وِسپت چوندا هئا. ان لفظ جو بنياد ورسپتي / برہسپتي ديوتا جي نالي مان ورتو ويو آهي. هن ڏينهن جو گرھ مشتري آهي.

ورسپتي / برہسپتي ديوتا[سنواريو]

هي ديوتا، هندن وٽ سڀني ديوتائن جي گرو (استاد ) طور مڃو وڃي ٿو. ان نسبت هندي ۾ هن ڏينهن کي گُرو وار چوندا آهن.

جامع سنڌي لغت مطابق؛[سنواريو]

وِسپَتِ

ث . هفتي جي ڏينهن جو نالو، خميس.

انگريزي Thursday[سنواريو]

Thursday هن ڏينهن جو نالو سيڪسنس (انگريزي ٻولي جو اولائي روپ) ماڻهن جي ديوتا Thor جي نالي مان ورتل آهي، جيڪو طوفان، کنوڻ، طاقت ۽ انسان ذات جي حفاظت جو ديوتا ان جي نالي سان منسوب آهي. هن جي هٿ ۾ هڪ هٿوڙو هوندو آهي. اڄ ڪلھ هن جي نالي سائينس فڪشن فلمون پڻ ٺهيون آهن.

گيلري[سنواريو]

هفتي جا ڏينهن
آچر| سومر | اڱارو | اربع | خميس |جمعو | ڇنڇر


حوالا[سنواريو]