شاهه ولي الله

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا

اورنگزيب عالمگير, 1707ع ۾ وفات ڪئي. سندس وفات کان پوءِ سياسي وڳوڙ شروع ٿيو. جنهن جي نتيجي ۾ آخر ڪار ننڍي کنڊ ۾ مغلن جو اقتدار ڀورا ڀورا ٿي ويو. اها سياسي ڀڃ ڊاهه روحاني مونجهاري جي جو نتيجو هئي. جيڪا سماجي ۽ اقتصادي دائرن کي به وڪوڙي ويئي هئي. سڀني پاسن کان بغاوت منهن ڪڍيو هو، جن کي منهن ڏيڻ جي قابليت اورنگزيب جي جانشينن ۾ ڪانه هئي. مسلمانن جي جي تاريخ جي اهڙي خطرناڪ دؤر ۾ شاهه ولي الله جنم ورتو. جيڪو هندستان جو هڪ مذهبي مفڪر هو، جنهن اسلام کي هندستان ۾ نئين زندگي ڏيارڻ لاءِ ڪم ڪيو.

شاهه ولي الله 1703ع ۾، اورنگزيب جي وفات کان چار سال اڳ ڄائو هو. شاهه ولي الله دهلوي (Shah Waliullah Dehlawi) پنهنجي شروعاتي تعليم پنهنجي والد شاهه عبدالرحيم (Shah Abdur Rahim) کان ورتي، جيڪو سندس استاد به هو ته سندس روحاني رهبر به. هو پنهنجي ڄم جي اصلي وقت کان اڳ پيدا ٿيو هو ۽ ايتري ته تيز حافظي جو مالڪ هو جو 8 سالن جي ڄمار ۾ قرآن مجيد حفظ ڪيائين. جڏهن 17 سالن جو ٿيو ته والد 1731ع ۾ وفات ڪري ويو. هن پنهنجي والد جي جاءِ تي مدرسه رحيميه ۾ پڙهائڻ شروع ڪيو ۽ ٻارهن سالن تائين اهو ڪم ڪندو رهيو. تنهن کان پوءِ هو وڌيڪ پڙهڻ لاءِ عربستان ويو. هو هڪ ذهين عالم هو. هو مڪي ۽ مديني ۾ چوڏنهن مهينا رهيو. انهي عرصي ۾ هو حجاز جي مشهور استادن سان لهه وچڙ ۾ رهيو. هن جو دلپسند استاد مديني جو شيخ ابو طاهر بن ابراهيم هو، جنهن کان هن حديث ۾ سَنَد ورتي.

هو 9 جولاء 1732ع ۾ دهلي موٽيو ۽ انيندي ئي پنهنجي ڪم ۾ جنبي ويو. هن ڏاڍو ڏکيو ڪم ان وقت پنهنجي هٿ ۾ کنيو، جڏهن هندستان جا مسلمان پنهنجي تاريخ جي تمام ڏکئي دؤر مان لنگهي رهيا هيا. سندن سمورو سماجي، سياسي، اقتصادي ۽ روحاني سرشتو ڀڄي ڀور ٿي چڪو هو. سهلي اچڻ کان پوءِ هن پنهنجن شاگرد کي اسلامي علم جي مختلف شاخن جي سکيا ڏيڻ شروع ڪئي. کين اهو ڪم سونپيائين ته وڄي ماڻهن ۾ اسلام جي حقيقي روح جي تبليغ ڪن، هن اسلامي عملن تي معياري ڪتاب لکڻ جو ڪم به پنهنجي هٿن ۾ کنيو ۽ 1862ع ۾ وفات تائين اسلام تي وڏي تعداد ۾ ڪتاب لکيائين، جيڪي اڄ سوڌو اهم ليکجن ٿا.

شاهه ولي الله جا نظريا[سنواريو]

  • شاه ولي الله جو سماجي نظريو ارتفاق

انساني سماج (Human Society) ۾ جيڪو نظام، خاندان جي بنيادي ايڪي (Nuclear family) کان ترقي ڪندو بين الاقوامي سطح تائين پکڙجي وڃي ٿو. شاهه ولي الله ان کي ارتفاق سڏيو آهي ۽ ان کي چئن درجن ۾ ورهايو آهي. جيئن ته اهو هڪ ارتقا ڪندڙ عمل آهي، ان ڪري ”ارتفاق“ (Irtafaaq) کي ”ارتقا“ (Evolution) جي هم معنيٰ لفظ سمجهيو ويندو آهي، جڏهن ته حقيقت ان کان ٿوري مختلف آهي.

”ارتفاق“ عربي لغت جي اعتبار سان ”افتعال“ جي باب جو مصدري صيغو آهي. جيئن ”اختيار“ ”احتياط“ ”اقتباس“ ”ارتقاء“ وغيره ”ارتفاق“ جو مادو ”ر ف ق“ آهي جنهن جي لفظي معنا آهي نرمي /هم آهنگي پيدا ڪرڻ. عربي ۾ دوست کي ”رفيق“ به ان معنيٰ ۾ چئبو آهي جو گڏجي رهڻ، ڪم ڪرڻ يا سفر ڪرڻ سان پاڻ ۾ هڪ قسم جي نرمي ۽ هم آهنگي پيدا ٿي ويندي آهي. هاڻي سوال آهي ته ”نرمي“ يا هم آهنگي جو مفهوم هتي ڪهڙي اهميت رکي ٿو؟ اچو ته ان کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون ته شاه ولي الله ان لفظ کي ڪيئن هڪ جامع مفهوم ۾ استعمال ڪيو آهي!

قدرتي شين مان فائدي وٺڻ ۾ جيڪا ڏکيائي ۽ ”سختي“ هئي ۽ آهي ان ۾ عقل ۽ جسماني پورهيئي جي ذريعي ”نرمي“ پيدا ڪري پنهنجي زندگيءَ کي سولو بنائڻ جو نالو ”ارتفاق“ آهي. پوء اهو ”ارتفاق“ قائم ڪرڻ ۾ انسان سميت سڀني جانورن جي عقلي ۽ جسماني صلاحيتن جي درجه بندي آهي. هر هڪ ”نوع“ جو پنهنجو پنهنجو ”ارتفاق“ آهي. انسان جي لاء ماحول گهڻو سازگار ناهي ته ان کي عقل وڌيڪ ڏنو ويو آهي ته جيئن اعليٰ درجي جو ”ارتفاق“ قائم ڪري سگهي ۽ جانورن کي عقل گهٽ آهي ته انهن جي لاء زمين تي موجود شيون اڳواٽ ئي اهڙي نموني بڻايون ويون آهن جو انهن کي سدو سنئون فائدو حاصل ڪرڻ ۾ ڪا خاص رڪاوٽ پيش نٿي اچي، تنهن ڪري انهن جي ”ارتفاق“ کي حالتن هڪ درجي تي ”ٻيهاري“ يا فريز ڪري ڇڏيو ويوآهي. شاهه ولي الله جي فلسفي ۾ ۽ ٻين فلسفين موجب پڻ حيوانن جي عقل جا درجا مختلف آهن، تنهن ڪري ارتفاق جي درجن ۾ فرق آهي. [1] [2]

لاڏاڻو[سنواريو]

پاڻ 20 آگسٽ 1762ع تي هن دنيا مان لاڏاڻ ڪري وڃي خالق حقيقي سان مليو. [[1]]

Incomplete-document-purple.svg هي هڪ ڪچو مضمون آهي. توهان هن ۾ واڌارو ڪري وڪيپيڊيا کي سنواري سگھو ٿا.


  1. https://iaob.wordpress.com/2016/09/10/irtafaaq/
  2. ڪتاب: حجت الله البالغه