اڪادمي ادبيات پاڪستان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

واڪستاني ٻولين جي ادب جي ترقيءَ، اديبن ۽ شاعرن جي مدد ۽ ڀلائيءَ لاءِ 1976ع ۾ قومي اسيمبليءَ جي هڪ ٺهراءَ ذريعي، هيءُ ادارو وجود ۾ آيو. هيءُ ادارو، وفاقي وزارت -تعليم- جي هٿ هيٺ ڪم ڪندو آهي. هن جي مرڪزي آفيس اسلام آباد ۾ آهي ۽ ڪراچي، لاهور، -پشاور- ۽ ڪوئيٽا ۾ هن جون صوبائي شاخون ڪم ڪري رهيون آهن. هن اداري جو پهريون پراجيڪٽ ڊائريڪٽر مشهور -اردو- شاعر جناب -احمد فراز- هو، بعد ۾ هي عهدو ”چيئرمئن“ جي نالي ۾ تبديل ڪيو ويو. پهريون چيئرمئن جنرل شفيق الرحمان هو. -ان- کان پوءِ پروفيسر پريشان خٽڪ، محترم -احمد فراز-، محترم غلام رباني -آگرو-، محترم فخر زمان ۽ محترم نذير ناجي ۽ -افتخار عارف- نمبر وار چيئرمئن ٿيا. هن وقت جناب فخر الزمان ٻيهر چيئرمئن ٿيو آهي. اڪادميءَ جي ٽه ماهي رسالي ”ادبيات“ جي ذريعي سڀني پاڪستاني ٻولين، -اردو-، سنڌيءَ، پنجابيءَ، پشتو، بلوچيءَ، سرائڪيءَ ۽ ڪشميريءَ وغيره جون نه فقط جديد ۽ ڪلاسيڪل تخليقون شايع ڪيون وڃن ٿيون، پر انهن ٻولين جي لسانياتي مسئلن تي تحقيقي مقالا پڻ پيش ڪيا وڃن ٿا. اڪادميءَ طرفان هيستائين 150 کان مٿي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. اڪادميءَ طرفان وقت به وقت -اهل- قلم ڪانفرنسون به ٿيندون رهن ٿيون. اڪادمي ملڪ جي بهترين ۽ پهريون دفعو ڇپجي آيل ڪتابن تي -انعام- پڻ ڏيندي آهي. بهترين سنڌي ڪتاب ۽ شاهه لطيف تي بهترين ڪتاب لاءِ ڌار ڌار -انعام- رکيل آهن. هن اداري پاران ٻين صوبن جي علمي ادبي ادارن سان گڏ سنڌ ۾ سنڌي ادبي بورڊ، سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ ۽ ٻين ادارن کي مالي مدد ڏني ويندي آهي.[1]

حوالا[سنواريو]