مواد ڏانھن هلو

اڪادمي ادبيات پاڪستان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

پاڪستاني ٻولين جي ادب جي ترقيءَ، اديبن ۽ شاعرن جي مدد ۽ ڀلائيءَ لاءِ 1976ع ۾ قومي اسيمبليءَ جي هڪ ٺهراءَ ذريعي، هيءُ ادارو وجود ۾ آيو. هيءُ ادارو، وفاقي وزارت تعليم جي هٿ هيٺ ڪم ڪندو آهي. هن جي مرڪزي آفيس اسلام آباد ۾ آهي ۽ ڪراچي، لاهور، پشاور ۽ ڪوئيٽا ۾ هن جون صوبائي شاخون ڪم ڪري رهيون آهن. هن اداري جو پهريون پراجيڪٽ ڊائريڪٽر مشهور اردو شاعر جناب احمد فراز هو، بعد ۾ هي عهدو ”چيئرمئن“ جي نالي ۾ تبديل ڪيو ويو. پهريون چيئرمئن جنرل شفيق الرحمان هو. ان کان پوءِ پروفيسر پريشان خٽڪ، محترم احمد فراز، محترم غلام رباني اگرو، محترم فخر زمان ۽ محترم نذير ناجي ۽ افتخار عارف نمبر وار چيئرمئن ٿيا. هن وقت جناب فخر الزمان ٻيهر چيئرمئن ٿيو آهي. اڪادميءَ جي ٽه ماهي رسالي ”ادبيات“ جي ذريعي سڀني پاڪستاني ٻولين، اردو، سنڌيءَ، پنجابيءَ، پشتو، بلوچيءَ، سرائيڪيءَ ۽ ڪشميريءَ ٻولين وغيره جون نه فقط جديد ۽ ڪلاسيڪل تخليقون شايع ڪيون وڃن ٿيون، پر انهن ٻولين جي لسانياتي مسئلن تي تحقيقي مقالا پڻ پيش ڪيا وڃن ٿا.

اڪادميءَ طرفان هيستائين 150 کان مٿي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. اڪادميءَ طرفان وقت به وقت "اهل قلم ڪانفرنسون" به ٿيندون رهن ٿيون. اڪادمي ملڪ جي بهترين ۽ پهريون دفعو ڇپجي آيل ڪتابن تي انعام پڻ ڏيندي آهي. بهترين سنڌي ڪتاب ۽ شاهه لطيف تي بهترين ڪتاب لاءِ ڌار ڌار انعام رکيل آهن. هن اداري پاران ٻين صوبن جي علمي ادبي ادارن سان گڏ سنڌ ۾ سنڌي ادبي بورڊ، سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ ۽ ٻين ادارن کي مالي مدد ڏني ويندي آهي.[1]

اردو ادب

[سنواريو]
Pakistan Academy of Letters (PAL)
مختصر PAL
تشڪيل جولاءِ 17, 1976؛ 49 سال اَڳُ (1976-07-17)
قانوني حيثيت
A national academy in Pakistan funded by the Government of Pakistan
مقصد Publication of literary and related works, promotion of authorship and literary exchanges
صدر دفتر PAL Secretariat
مقام Islamabad
علاقو خدمت لاء علائقو
Worldwide
سرڪاري ٻولي
English and Urdu
Chairperson
Najeeba Arif
اهم حصو
Pakistan Academy of Letters, Islamabad, and The Board of Governors
وابستگي A Ministry of Information, Broadcasting, National History and Literary Heritage (Pakistan) organisation

The Pakistan Academy of Letters (PAL) (Script error: The function "langx" does not exist.) is a national academy with its main focus on Pakistani literature and related fields. It is the largest and the most prestigious learned society of its kind in Pakistan, with activities throughout the nation. It was established in July 1976 by a group of renowned Pakistani writers, poets, essayists, playwrights, and translators, inspired by the Académie Française.[2]

حوالا

[سنواريو]