علڻ فقير

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(الڻ فقير کان چوريل)

علي بخش سنڌي لوڪ گلوڪار هيو جيڪو علڻ فقير جي نالي سان مشهور آهي۔ هو صوفي ڪلام ڳائيندو هيو۔ هو 1932ع ۾ آمري شهر ۾ پيدا ٿيو۔[1] هڪ گانو محمد علي شهڪي سان گڏ ڳايائين جيڪو ڏاڍو مشهور ٿيو۔ هن گاني جا ٻول هيا تيري عشق مين جو ڀي ڊوب گيا اسي دريا ڪي لهرون سي ڊرنا ڪيا۔ هو ڄامشورو ۾ پيدا ٿيو۔ 1980 ۾ هن کي صدارتي تمغو مليو ۔4 جولاءِ 2000 ۾ فوت ٿيو۔ هن جو هڪ ملي نغمو اتني بڙي جيون ساغر مين تو ني پاڪستان ديا به ڏاڍو مشهور ٿيو۔

علڻ فقير سنڌي زبان جو ناميارو فنڪار ٿي گذريو آهي جنهن شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ شيخ اياز جي وائي اهڙي انداز ۾ ڳائي جو جنهن هن فقير کي امر ڪري ڇڏيو. علڻ فقير سنڌ جو يگانو فنڪار هو. هن يڪتاري تي ڪيتريون وايون ڳائي ڏيھ توڙي پرڏيھ ۾ پنهنجو نالو روشن ڪيو. لباس ۾ هن جو خاص انداز پسند ڪيو ويندو هو.

حوالا[سنواريو]

  1. Humsari. "سنڌ جو الستي آواز- علڻ فقير". Humsari. حاصل ڪيل 2020-09-14.