ممتاز مرزا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
ممتاز مرزا
پيدائش مرزا توسل حسین
نومبر 29 1939(1939-11-29)ء
سانچو:نسحیدرآباد، سنڌ، برطانوي ھندوستان (موجودہ پاڪستان)
وفات 6 جنوري 1997 (عمر 57 سال)
سانچو:نسڪراچی، پاڪستان
مدفون ٽنڊو آغا، حیدرآباد، پاڪستان
قلمي نالو ممتاز مرزا
ڌنڌو ماھر سنڌي ثقافت، ادیب، محقق، ماھر لطیفیات
ٻولي سنڌي، اردو
شهريت Flag of Pakistan.svg پاڪستان
تعليم ایم اي (سنڌي)
مادرِ علمي سنڌ یونیورسٽي
صنف سنڌي ثقافت، موسیقي، ادب، تحقیق، لطیفیات
مُکيه ڪم گنج (ڪلام شاہ عبداللطیف ڀٽائي)
وساریان نہ وسرن
سپریان سندي ڳالھڙي
سدا سوئیتا ڪاپڙي
ايوارڊ صدارتي تمغو حسن ڪارڪردگي لاء

حيدرآباد جي ٽنڊي آغا ۾ 1938ع ۾ جنم وٺندڙ ممتاز مرزا جي پرورش ادبي ماحول ۾ ٿي. سندس والد سنڌ جو ناليوارو شاعر ۽ اديب مرزا گل حسن احسن ڪربلائي پنھنجي دور ۾ سنڌ جي مشهور شخصيتن ۾ شمار ٿيندو هو.

تفصيلي تعارف[سنواريو]

ريڊيو پاڪستان تي پروگرامن ۾ وڃڻ جي شروعات ممتاز مرزا تڏهن کان ڪئي جڏهن سندس والد صاحب کي ريڊيو جا پروگرام مليا جيڪي ان ايئر هو ڪندو هو. نہ صرف اهو پر احسن ڪربلائي ريڊيو جا اسڪرپٽ بہ تحرير ڪندو هو. پنہنجي والد جو اثر وٺندي متاز مرزا بہ ريڊيو پاڪستان تي وڃڻ شروع ڪيو ۽ بعد ۾ لکڻ ۾ مصروف ٿي ويو. ممتاز مرزا جنھن ٽهي ۾ لکڻ شروع ڪيو اهو سنڌي جديد افساني جو ابتدائي زمانو هو. تڏهن ڊرامن جو پڻ رجحان پروان چڙهي ويو هو ۽ ريڊيو پاڪستان جا سنڌي ڊراما ماڻهو وڏي چاھ سان ٻڌندا هئا. ممتاز مرزا ريڊيائي ڊرامن لکڻ ۽ افسانا تحرير ڪرڻ وارن تخليقڪارن ۾ اڳتي وڌڻ لڳو.

شروعات[سنواريو]

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي قائم ڪيل ماڊل اسڪول اولڊ ڪئمپس گاڏي کاتي ۾ سنڌي ڊڪشنري آفيس ۾ هن پنھنجي قريب ترين دوست شيخ محمد اسماعيل سان گڏ سنڌي ادب جو ڊگهو پروجيڪٽ پورو ڪيو جيڪو چاليهن واليمن تي سنڌي ادبي بورڊ پاران شايع ٿيل آهي. هي ڊڪشنري ۽ لوڪ ادب جون ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ کي مليل اسڪيمون هيون جيڪي شيخ محمد اسماعيل، ممتاز مرزا، محمد يعقوب ميمڻ، محمد حسين ڪاشف جهڙا عالم سرانجام ڏيندا هئا.

ادبي سفر[سنواريو]

ممتاز مرزا 1974ع ڌاري ڪراچي ٽي وي تي اسڪرپٽ ايڊيٽري سنڌي سيڪشن مقرر ٿيو. هن دور ۾ سنڌي ڊرامن کي عروج مليو. سنڌي ڊرامن جي تاريخ ۾ پي ٽي وي جا جيڪي بہ ڪامياب ڊراما هئا انھن جي ڪاميابي پٺيان ممتاز مرزا جو هٿ آهي. اهو ايئن جو ڪيترائي ڪهاڻيڪار جن اڃا ڊرامو ڪونہ لکيو هو تن کي ڊراما رائيٽر ممتاز مراز بڻايو. هتي نالا ڄاڻائڻ مناسب ناهي پر اهڙن ڪهاڻيڪارن جن ڊرامن ڏانھن توجھ بہ نہ ڏني هئي تن کي حجت ڪري ڪهاڻين مان ڊرامو بڻايائين ۽ اهي ڪامياب ڊراما ٿيا. اهڙا ليکڪ جيڪي اڄ ڊراما رائيٽر طور سڃاتا وڃن ٿا سي ممتاز مرزا جي حجت ۾ نالو ڪڍي ويا. ڪيترا ڀيرا ايئن بہ ٿيو تہ جنرل مئنيجر عبدالڪريم بلوچ ۽ اسڪپرٽ ايڊيٽر ممتاز مرزا جي ٺاهيل پاليسين موجب سنڌي ڊراما موضوعن موجب تحرير ڪري هلايا ويا هئا. ڊرامن کان علاوه سنڌي موسيقي جا سٺا موسيقار ۽ گلوڪار ممتاز مرزا آڊيشن وٺي پيش ڪندو هو. ان ڪري ڪيترائي نوان موسيقار ۽ گلوڪار متعارف ڪرايا ويا. اهڙي ريت ادبي پروگرامن جا مختلف سلسلا شروع ٿيا، عورتن جا سنڌي پروگرام، ٻارڙن جا پروگرام ۽ مختلف نوعيت جا ٽي وي پروگرام جاري ٿيا. هڪ اهم ڪارنامو جيڪو عبدالڪريم بلوچ ۽ ممتاز مرزا کي ڪريڊيٽ وڃي ٿو سو ٽي وي تي سنڌي پروگرام جو وقت 25 منٽن مان ڪلاڪ ڪرڻ وارو آهي. ان زماني ۾ هڪڙو ئي چينل سرڪاري ٽي وي جو هوندو هو. جنھن کي سنڌي پروگرام جو وقت نھايت مختصر هو، اڄ سيٽلائيٽ جو دور آهي، ڪيترائي سنڌي ٽي وي چينل آهن، انھي ڪري شايد هن ڳالھ جي اها اهميت نہ هجي.

ثقافت کاتو[سنواريو]

پي ٽي وي کانپوءِ ثقافت کاتي ۾ ممتاز مراز ڊائريڪٽر جنرل جي عهدي تي فائز ٿيو. اتي هن کاتي جي مطابق خدمتون سرانجام ڏنيون. شاھ لطيف جي ميلي کان وٺي پرڏيھ ۾ ثقافتي شو ڪرائڻ تائين سنڌي موسيقي کي هن هٿي وٺرائي. ڪيترائي ڪتاب ثقافت کاتي شايع ڪيا جيڪي ممتاز مراز جي نگراني ۾ تيار ڪيا ويا هئا. هو ذاتي حيثيت ۾ سندس مداحن جو وڏو انگ هو. ريڊيو جي زماني کان وٺي ثقافت کاتي جي پروگرامن جي ميزباني تائين، هن جا هر شعبي ۾ الڳ مداح هئا.

وفات[سنواريو]

1974ع کان جيئن هو ڪراچي ۾ رهائش پذير ٿيو تہ وري حيدرآباد ۾ 1996ع جي پڇاڙڪن ڏينھن ۾ آيو. جنھن پاڙي جي گهٽين ۾ ننڍي کان وڏو ٿيو هو. ڏهاڪو ڏينھن اڃا مس گذاريا هوندائين تہ دل جي دوري 6 جنوري 1997ع جي اڌ رات جو کيس اهي شدت سان سٽ ڏنس جو دم ڌڻي حوالي ٿي ويس.[1]

حوالا[سنواريو]