لينس ڊائون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

لينس ڊائون
 

معلومات شخصيت
ڄم 14 جنوري 1845  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
لنڊن  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام ڄم (P19) وڪي ڊيٽا تي
موت 3 جُونِ 1927 (82 سال)[1][2][3][4]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
شھريت گڏيل بادشاھت  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي
عملي زندگي
مادر علمي آڪسفورڊ يونيورسٽي  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مادر علمي (P69) وڪي ڊيٽا تي
پيشو سياستدان[5]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي
ڪم جي ٻولي انگريزي ٻولي[6]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي

چارلس ڪيٿ پٽي فٽزمورس مارڪوئس لينس ڊائون پنجون المعروف لارڊ لنس ڊاؤن (انگريزي: Henry Petty-Fitzmaurice, 5th Marquess of Lansdowne) (پيدائش: 14 جنوري 1845ع - وفات: 3 جون 1927ع) برطانوي سياست دان ۽ مشھور سفارتڪار ھيا. ھو برطانوي حڪومت ھيٺ مختلف سياسي ۽ سفارتي عھدن تي فائز رھيا، جن ۾ پرڏيھي وزير ۽ وزير جنگ جھڙا اھم عھدا شامل آھن. ان کان سواءِ ھو 10 ڊسمبر 1888ع کان 11 آڪٽوبر 1894ع تائين ھندستان جا وائسراءِ ۽ گورنر جنرل، 23 آڪٽوبر 1883ع کان 11 جون 1888ع تائين ڪينيڊا جا گورنر جنرل تعين رھيا. سندن جي دور ۾ ڪانگريس جو قيام عمل ۾ آيو. سکر، پاڪستان ۾ سندن جي نالي سان لينسڊائون پل بہ موجود آھي.

زندگي جو احوال[سنواريو]

لارڊ لينس ڊائون 14 جنوري 1845ع تي لنڊن، انگلستان ۾ پيدا ٿيا. 1876ع ۾ ھو لبرل پارٽي جا رڪن رھيا. جڏھن گليڊسٽن کان آئرلينڊ سان لاگاپيل پاليسي تي اختلاف ٿي پين تہ ھو ڪنزرويٽو پارٽي سان وڃي مليا. 10 ڊسمبر 1888ع کان 11 آڪٽوبر 1894ع تائين ھو ھندوستان جا وائسراءِ رھيا. ان کان پھريان ڪينيڊا جا گورنر جنرل بہ رھي چڪا ھيا. ان ئي زماني ۾ پاڻ آمريڪا مان مڇيون پڪڙڻ جي مسئلي تي اختلاف حل ڪرڻ جي شروعات ڪيائون ۽ ريل (Reil) جي بغاوت کي دٻائڻ ۾ بہ ڪاميابي حاصل ڪيائون. ھندستان مان وڃڻ کان پوءِ ھو برطانيہ جي حڪومت ۾ وزيرِ جنگ رھيا. ان کان پوءِ کين پرڏيھي وزير بڻايو ويو ۽ جاپان، فرانس ۽ آمريڪا وغيرہ سان لاڳاپا بھتر ۽ مستحڪم بڻائڻ طرف قدم کنيائون. پھرين مھاڀاري جنگ جي دوران ھو جنگي ڪابينہ جا رڪن ۽ 1917ع ۾ پاڻ اخبارن ۾ ھڪ کليل خط شايع ڪرائي جنگ جي جلد اختتام جي لاءِ راھ ھموار ڪئي. لينس ڊائون جڏھن ھندستان ۾ وائسراءِ ھيا تڏھن ئي ھندستان جي آزادي جي تحريڪ نئون موڙ ورتو. آزادي جي جنگ 1857ع جي رھنمائي گھڻي تڻي تر پراڻن راجائن، راجواڙن جي ھٿ ۾ ھئي، پر ھاڻي انگريزي ۽ جديد تعليم يافتہ ۽ اڀرندڙ سرمائيدارن جو ھڪ نئون طبقو پيدا ٿي چڪو ھو جيڪو معاشي اصلاح گھري پيو. ان ڪري لارڊ رپن ۽ ان کان پوءِ جي لبرل پاليسي کي تقويت ملي. ھي طبقو ملڪ جي نظم ۽ نسق ۾ پنھنجو حصو گھري پيو، تنھن ڪري 1885ع ۾ پنھنجي ھڪ باقاعدہ تنظيم آل انڊيا ڪانگريس جي بنياد رکي عوئي جنھن جون شاخون چند ئي سالن ۾ سڄي ملڪ ۾ پکڙجي ويون ۽ اڳتي ھلي ان ھندستان جي آزادي جي تحريڪ ۾ ھڪ گھرو ڪردار ادا ڪيو. لارڊ لينس ڊائون 3 جون 1927ع ڪو ڪلونميل، ڪاؤنٽي ٽپاريري، آئرلينڊ ۾ وفات ڪئي.[7][8][9]

حوالا[سنواريو]

  1. The Peerage person ID: https://wikidata-externalid-url.toolforge.org/?p=4638&url_prefix=https://www.thepeerage.com/&id=p959.htm#i9586 — subject named as: Henry Charles Keith Petty-FitzMaurice, 5th Marquess of Lansdowne — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017 — مصنف: Darryl Roger Lundy — خالق: Darryl Roger Lundy
  2. Encyclopædia Britannica Online ID: https://www.britannica.com/biography/Henry-Charles-Keith-Petty-Fitzmaurice-5th-marquess-of-Lansdowne — subject named as: Henry Charles Keith Petty-Fitzmaurice, 5th marquess of Lansdowne — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017 — عنوان : Encyclopædia Britannica
  3. Brockhaus Enzyklopädie online ID: https://brockhaus.de/ecs/enzy/article/lansdowne-henry-charles-keith — subject named as: Henry Petty-Fitzmaurice — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017 — مدیر: Bibliographisches Institut & F. A. Brockhaus۽ Wissen Media Verlag
  4. genealogics.org person ID: https://www.genealogics.org/getperson.php?personID=I00017851&tree=LEO — subject named as: Henry Charles Keith Petty FitzMaurice — مصنف: Leo van de Pas
  5. Oxford Dictionary of National Biography ID: https://www.oxforddnb.com/view/article/35500 — مدیر: Colin Matthew — عنوان : Oxford Dictionary of National Biography — ناشر: آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس
  6. Identifiants et Référentiels — اخذ شدہ بتاریخ: 5 مارچ 2020 — ناشر: Agence bibliographique de l'enseignement supérieur
  7. جامع اردو انسائڪلوپيڊيا (جلد 2، تاريخ)، قومي ڪونسل برائي فروغ اردو زبان نئي دھلي، 2000ع، ص 340
  8. لارڊ لينس ڊاؤن، دائرۃالمعارف برطانيڪا آن لائن
  9. لارڊ لينس ڊاؤن، ڊڪشنري آف ڪينيڊين بائيوگرافي، جلد 15

سانچو:ھندستان جا گورنر جنرل