شبير لاشاري
شبير لاشاري (انگريزي:Shabir Lashari) سنڌ ۾ جنم وٺندڙ سنڌي ٻولي جو شاعر، ڪلاڪار ۽ صحافي آھي.
زندگي جو احوال
[سنواريو]شبير لاشاري جو پورو نالو غلام شبير پٽ الهيار لاشاري آهي. سندس جنم دادو ضلعو جي جوهي تعلقو جي ڪاڇو واري علائقي جي تاريخي شهر واهي پانڌي ويجهوڳوٺ دودو برهماڻي ۾ 1 اپريل 1988ع تي ٿيو.[1]
تعليم
[سنواريو]شبير پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول دودو برهماڻي مئٽرڪ هاءِ اسڪول واهي پانڌي، انٽر ڊگري ڪاليج جوهي ۽ گريجوئيشن استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادو منجهان ڪئي.[1]
ادب ۽ شاعري
[سنواريو]شبير لاشاري شاعري جي شروعات 1998ع ۾ ڪئي. هن پهريان يامين غمگين ٻٻر ۽ بعد ۾ احمد خان مدهوش جي شاگردي ۾ علم عروض جي ڄاڻ حاصل ڪئي. سندس شاعري مختلف سنڌي رسالن نئين زندگي ، هالار، عبرت مئگزين، ڪاوش سنڊي مئگزين، عوامي آواز مئگزين نوجوانن جو آواز ۽ ٻين ڪيترين ئي اخبارن ۾ شاعري ڇپيل آهي ۽ ڇپندي رهي ٿي. هن 2000ع ۾ احمد خان مدهوش ۽ ٻين دوستن سان گڏجي سنڌي ادبي سنگت شاخ واهي پانڌي جو بنياد وڌو ۽ 2004ع ۾ گائڪ عبدالغفور جسڪاڻي کان باقاعدي راڳ جي سکيا ورتي. هن مختلف سنڌي اخبارن، سنڌ ٽي وي [2]۽ ٻين چئنلن ۾ صحافي طور ڪم ڪيو آهي.[1][3] هن اخبارن ۾ مختلف موضوعن تي مضمون پڻ لکيا آهن.[4]
حوالا
[سنواريو]- 1 2 3 "Poets and writers", Aziz Kingrani (انگريزي ٻولي ۾), 17 ڊسمبر 2014, حاصل ڪيل 18 جون 2020۔
- ↑ "سينيئر صحافي عطا راڄڙ گڙدن جي بيماري سبب وڇڙي ويو", روزاني مھراڻ (اردو ٻولي ۾), حاصل ڪيل 20 جون 2020۔
- ↑ "پارلياماني رپورٽرن پاران بائڪاٽ -" (سنڌي ٻولي ۾), حاصل ڪيل 20 جون 2020۔
- ↑ dailyjeejal.com https://dailyjeejal.com/e-paper/2020-03-15/news/page4/1%20(12).htm
|url=عنوان غائب (مدد), حاصل ڪيل 18 جون 2020۔