مواد ڏانھن هلو

ٿرڙي جادو شهيد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ٿرڙي جادو شهيد انگريزي ٻولي (Thariri Jado Shahid) سنڌ، دادو ضلعو جي جوهي تعلقو ۾ هڪ اهم ۽ تاريخي شهر آهي. هيءُ شهر ميان نصير محمد ڪلھوڙو جي ميانوال تحريڪ جي سپھ سالار جادو فقير ٻٻر ٻَڌايو هو جنهنڪري سندس نالي پويان سڏجي ٿو.[1] هن شهر ڀرسان اولھ پاسي جادو فقيرجو مقبرو پڻ آهي.[2] هن شهر کي يونين ڪائونسل جو درجو پڻ حاصل آهي.هن شهر ۾ اسپتال ۽ ڇوڪرين توڙي ڇوڪرن لاءِ هاءِ اسڪول آهي. هن شهر جي آبادي 35 هزار جي لڳ ڀڳ آهي.[3][4]

حوالا

[سنواريو]
  1. عزيز ڪنگراڻي، ڪاڇو هڪ اڀياس، سنڌالاجي ڄامشورو، 2009ع
  2. Ancient sites, towns and villages | Aziz Kingrani
  3. "ٿرڙي جادو شهيد-2 : (Sindhianaسنڌيانا)", www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ سنڌي), حاصل ڪيل 16 آڪٽوبر 2019۔
  4. "ٿرڙي جادو ۾ تيز رفتار موٽر سائيڪل جي ٽڪر ۾ پورهيت جو پٽ زخمي", Pahenji Akhbar (ٻولي ۾ سنڌي), حاصل ڪيل 16 آڪٽوبر 2019۔