محمد تقي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

محمد تقي
(عربي ۾: أبو جعفر محمد بن علي الجواد خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقامي ٻولي ۾ نالو (P1559) وڪي ڊيٽا تي
 

معلومات شخصيت
ڄم 12 اپريل 811  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
مدينو  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام ڄم (P19) وڪي ڊيٽا تي
موت 25 نومبر 835 (24 سال)  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
شھريت خلافت عباسيہ  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي
عملي زندگي
پيشو امام  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي
ڪم جي ٻولي عربي ٻولي  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي
دستخط
 


حضرت امام محمد تقي عليه السلام، نائون امام تسليم ٿيل آهي. سندس ولادت 10 رجب 195ھ مطابق 8 اپريل 811ع تي جمعي جي مبارڪ ڏينهن مديني منوره ۾ ٿي. سندن والده خيزران عرف سبيڪه جو تعلق ام المومنين بيبي ماريه قبطيه جي خاندان سان هو. امام محمد تقي عليه السلام جو اسم مبارڪ ”محمد،“ لقب ”تقي“ ۽ ڪنيت ”ابو جعفر“ هئي، پر سڀ کان مشهور لقب ”جواد“ ۽ ”تقي“ هو. جڏهن ته سندن لقبن ۾ مختار، منتجب، معرضيٰ، قانع ۽ عالم وغيره پڻ ڄاڻايل آهي. پاڻ عباسي بادشاهه امين جي وقت ۾ پيدا ٿيو. ان بعد مامون رشيد ۽ معتصم عباسي جا دور پڻ ڏٺائين. پاڻ اڃا ننڍي عمر جو هو ته سندس والد حضرت امام علي رضا عليه السلام کي مامون رشيد عباسيءَ زهر ڏياري شهيد ڪرايو. ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي. بنو اميه ۽ بنو عباسين، اولاد رسول کي شهيد ڪرڻ ۽ اذيتن ڏيڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي، ظلم ۽ تشدد جي انتها ڪري ڇڏي.[1]

امامت[سنواريو]

کيس ننڍپڻ ۾ امامت جا فرض سر انجام ڏيڻا پيا. پاڻ ننڍي عمر وارو هوندي به غيبي علمن سان مالا مال هو ۽ سندس علم ۽ ڄاڻ ايڏي ته وسيع هئي، جو وڏا وڏا عالم به سندن مقابلو ڪري نه سگهندا هئا. مامون رشيد عباسي، امام رضا عليه السّلام کي شهيد ڪرائي ڇڏيو، ڇاڪاڻ جو کيس اها ڳڻتي هئي ته شايد خلافت آل رسول صلي الله عليه وسلم جي خاندان ۾ نه منتقل ٿي وڃي. جيئن ته مامون خود عالمن جي صحبت پسند ڪندو هو. ان ڪري امام محمد تقي عليه السلام ۾ عالمانه صلاحيتون ڏسي هو سندن قائل ٿي پيو ۽ کين پنهنجو بڻائڻ لاءِ سوچيائين. مامون پنهنجي ڀاءُ معتصم عباسي کي ولي عهد بڻائي چڪو هو. ان ڪري معتصم ۽ ٻين شاهي خاندان جي فردن ان ڳالهه جي مخالفت ڪئي ۽ هڪ وفد جي صورت ۾ مامون سان ملاقات ڪري کين ان ڳالهه کان باز رکڻ جي ڪوشش ڪيائون. جنهن تي مامون کين سمجهايو ته امام محمد تقي عليه السّلام ننڍي عمر جو ضرور آهي، پر الاهي علمن جي کين وڏي ڄاڻ آهي ۽ هي ڪنهن به وڏي عالم سان مقابلو ڪري سگهي ٿو. اوهان کي يقين نه اچي ته مناظرو ڪرائي ڏسو. انهيءَ تي هڪ وڏي عالم يحييٰ بن اڪثم کي امام محمد تقي عليه السلام جي سامهون مناظري لاءِ منتخب ڪيو ويو. مناظري ۾ امام محمد تقي عليه السلام جي ڪاميابي ٿي ۽ سندن عالمانه گفتار ماڻهن کي حيران ڪري ڇڏيو. مامون پنهنجي نياڻي ام الفضل جو نڪاح امام تقي عليه السلام سان ڪري ڇڏيو ۽ ان وقت جي مطابق پنج سئو درهم حق مهر مقرر ڪيو ويو. ان کانپوءِ ڪجهه ڏينهن بغداد ۾ قيام بعد امام محمد تقي عليه السلام واپس مديني پهتو. انهيءَ دوران ام الفضل ڪجهه شڪايتي خط مامون ڏانهن لکيا، پر مامون انهن کي نظر انداز ڪندو رهيو. آخر 218ھ بمطابق 833ع ۾ مامون رشيد وفات ڪري ويو ۽ سندن ڀاءُ معتصم باالله مسند عباسيه جو تاجدار بڻيو. هوڏانهن ام الفضل جا شڪايتي خط مسلسل ايندا رهيا. جيئن ته مامون رشيد وٽ معتصم انهيءَ رشتي جي سخت مخالفت ڪئي هئي. انهيءَ ڪري معتصم شڪايتي خطن ۾ وڌيڪ دلچسپي وٺڻ لڳو. آخرڪار امام محمد تقي عليه السلام کي 220ھ/835ع ۾ بغداد طلب ڪيو ويو ۽ جيئن ئي پاڻ بغداد پهتو ته کيس گرفتار ڪيو ويو ۽ قيد ڪري اونداهيءَ ڪوٺيءَ ۾ رکيو ويو. جتي کيس طرح طرح جون اذيتون ڏنيون ويون، جنهن بعد کيس جيل ۾ زهر ڏنو ويو. هيءَ به روايت آهي ته معتصم، مديني جي والي عبدالملڪ کي خط لکيو ته امام جواد ۽ ام الفضل کي بغداد موڪليو وڃي. جڏهن امام عليه السّلام بغداد پهتا ته معتصم ظاهري طور امام جو عزت احترام ڪيو، پر امام تقي عليه السّلام هن جي هر فعل کي نظر انداز ڪيو. هن ظالم متعصم پنهنجي غلام ’استناس‘ جي هٿان امام ڏي شربت موڪليو، پر ڪن راوين ماني لکي آهي. امام تقي عليه السلام جيئن شربت پيتو سندس روح پرواز ڪري ويو. کيس ڪاظمين شريف ۾ امام موسيٰ ڪاظم عليه السلام جي ڀرسان دفنايو ويو. اڪثر عالمن جو رايو آهي ته پاڻ 29 ذوالقعد 220ھ بمطابق 835ع تي شهيد ٿيو. سندن شهادت بابت ملان مبين لکي ٿو ته: معتصم عباسي کين قيد ڪري زهر ڏئي شهيد ڪيو. امام تقي عليه السلام جي عظيم هستي ديني توڙي دينوي علمن جو سرچشمو هئي. شيخ طوسي سندس شاگردن ۽ اصحابن جو تعداد تقريباً 110 ٻڌائي ٿو، جنهن مان اها خبر پوي ٿي ته ان زماني ۾ ماڻهن جو امام سان ملڻ ڏاڍو محدود ۽ مشڪل هو. صاحب ’تحفة الازهار‘ لکي ٿو ته امام تقي عليه السّلام کي چار فرزند ابوالحسن امام علي نقي عليه السّلام، ابو احمد موسيٰ، ابو احمد حسين ۽ ابو موسيٰ عمران هئا ۽ کين نياڻيون به چار فاطمه، خديجه، ام ڪلثوم ۽ حڪيم هيون. اهو اولاد کين ’سمانه مغربيه‘ مان هو، جڏهن ته ام فضل مان ڪو به اولاد ڪو نه هو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 "تقي عليه السلام امام". انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، (جي ويب-سرزمين). سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد. حاصل ڪيل 26 نومبر 2017ع.  Check date values in: |access-date= (مدد)