سرمد ڪاشاني

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

سرمد ڪاشاني
(فارسي ۾: سرمد کاشانی خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقامي ٻولي ۾ نالو (P1559) وڪي ڊيٽا تي
معلومات شخصيت
ڄم سال 1590[1]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
موت سال 1661 (70–71 سال)  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
رهائش دهلي
لاهور
حيدرآباد ھند
ٺٽو  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو رهائش (P551) وڪي ڊيٽا تي
شھريت Flag of Iran.svg ايران  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي
عملي زندگي
پيشو شاعر،واپاري  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي
مادري ٻولي فارسي ٻولي  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو native language (P103) وڪي ڊيٽا تي
ڪم جي ٻولي فارسي ٻولي،عربي ٻولي  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي

سرمد __(Sarmad):

سرمد جو مطلب آهي هميشه رهندڙ، دائم. سرمد ڪاشاني (1519-1661ع)، مغل حڪمران اورنگزيب جي زماني ۾ تمام وڏو صوفي ٿي گذريو آهي. جنهن کي قتل ڪرايو ويو. اڀيچند سان کيس عشق هو. سرمد جو فڪر ۽ نالو سنڌي ادب ۾ وڏي اهميت رکي ٿو..[2]

ذاتي زندگي[سنواريو]

سرمد ڪاشاني جيڪو تاريخ ۾ سرمد جي نالي سان مشهور آھي اصل ۾ فارس جو صوفي ۽شاعر هو ۽ ھجرت ڪري مستقل ھندوستان ۾ اچي رھيو. ھي 1590 ۾ آرمينيا جي ھڪ فارسي ڳالهائيندڙ يھودي واپاري جي گهر ۾ پيدا ٿيو ۽ بعد ۾ مسلمان ٿيو . ھندوستان ايندي ٺٽي ۾ پڻ رھيو جتي ھڪ روايت آهي تہ پاڻ اڀئي چند نالي ھڪ ھندو نوجوان جو عاشق ٿي فقير بڻجي ويو. اڀئي چند سان گڏجيلاھور ۽ پوءِ دھلي آيو. ان وقت ھندوستان ۾ مغلن جي بادشاھي ھئي. دھليءَ ۾ کيس ايڏي مشھوري ملي جو مغل شھزادي کيس درٻار ۾ دعوت ڏئي گھرايو ۽ کائنس متاثر ٿي سندس معتقد ٿيوⁿ

خدمتون[سنواريو]

فارسي ٻوليءَ ۾ کيس وڏي مھارت ھئي . توريت جو فارسي ۾ ترجمو پڻ ڪيائين..[3]

شخصيت[سنواريو]

مولانا عبدالڪلام آزاد اظھار جي آزادي واري خيال ۾ پنھنجي تشبيهه سرمد سان ڪندو ھو..[4]

موت[سنواريو]

سندس موت 1661 ۾ واقع ٿيو جنھن تاریخ ۾ ھن کي امر بڻائي ڇڏيو. دھليءَ جيسلطنت جي تخت تي اورنگزيب ۽ ان جي ڀاءُ داره شڪوه جي وچ ۾ لڙائيءَ ۾ اورنگزيب کي ڪاميابي ملي. سرمد ۽ داره شڪوه جو پاڻ ۾ تعلق رھيو ھو. اورنگزيب کيس لادينيت جي الزام ۾ گرفتار ڪرايو.

"اورنگزيب جي دؤر ۾ سرمد کي هڪ ديني عدالت فتويٰ ڏيندي واجب القتل قرار ڏنو. مٿس الزام هو ته هُن جي هڪ رُباعيءَ مان معراج جي واقعي جو انڪار ثابت ٿئي ٿو. مُلي طرفان کيس سزا ٻُڌائڻ جي ٻئي ڏينهن تي هُن کي دهليءَ جي جامع مسجد جي سامهون قتل ڪرڻ لاءِ وٺي ويا. سرمد اُن وقت گد گد ٿي نظر آيو.جلاد جڏهن سرمد جو سِرُ قلم ڪرڻ لاءِ هن جي سامهون آيو ته هن مُرڪي (فارسيءَ ۾) چيو ته، ”توتي گهور وڃان! اَچُ، اَچُ! تون جنهن به صورت ۾ اچين ٿو، مان توکي چڱيءَ طرح سڃاڻان ٿو.“ ۽ پوءِ هيٺيون شعر پڙهي، تلوار جي هيٺان پنهنجو ڪنڌ رکي ڇڏيائين: ”شور ٿيو ۽ مون عدم جي خواب مان اک کولي، ڏٺم ته اڃا فتني جي رات باقي هئي، وري سُمهي پيس!“ (ترجمو)".[5]

سرمد جو مقبرو جامعہ مسجد دھليءَ جي ڀر ۾ آھي.

حوالا[سنواريو]

  1. http://www.apnaorg.com/columns/majid/col2.html
  2. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
  3. Fishel, Walter. “Jews and Judaism at the Court of the Mugal Emperors in Medieva India,” Islamic Culture, 25:105-31
  4. Votary of freedom - Maulana Abul Kalam Azad and Sarmad by V. N. Datta, Tribune India, October 7, 2007
  5. ڪتاب جو نالو: سيڪيولرزم۽ عقليت پسندي; مترجم :محمد ابراهيم جويو; ايڊيٽر:جامي چانڊيو؛ايڊيشن:پهريون 2007ع؛ ڇپيندڙ: سينٽرفار پيس اينڊ سول سوسائٽي