اسراريت
Part of a series on |
Spirituality |
---|
Spiritual experience
|
Spiritual development
|
Influences |
Western
General
Antiquity Medieval Early modern Modern |
Asian
Pre-historic
Iran India East-Asia |
Research |
Part of a series on |
Universalism |
---|
فلسفياڻو
|
ٻيا مذھب
|
Category |
اسراريت يا ،باطنيت' (انگريزي: Mysticism) مذھبي وجد(انگريزي: ecstasy) يا حواسن جي متبادل ڪيفيت جو نالو آهي جن سان مختلف نظريا، اخلاقيات، مذھبي رسمون، ڏند ڪٿائون، روايتي قصا ۽ جادو وغيره لاڳاپيل ھوندا آھن. اھا لڪل ۽ مڪمل سچ اندر بصيرت جي حاصلات ۽ مختلف مشاھدن ۽ عملن جي تائيد سان ايندڙ مڪمل انساني تبديلي جو حوالو ڏيندي آھي. انگريزي لفظ مسٽس ازم اصل يوناني لفظ μυω :'مان نڪتل آهي. جنھن جي معني آھي مان لڪايان ٿو،' اڄوڪي دور م ان جو مطلب ڏاڍو محدود پر ان جو اطلاق وسعت وارو آھي. ان جي معني آهي جز جو ڪل(انگريزي: absolute) , عظيم ھستي يا خدا سان وصال(انگريزي: union) باطنيت جو تصور ھر مذھب ۾ ملي ٿو. باطني مشاھدو درحقيقت اسراريت جو مکيه جز آهي.ول ڊيورنٽ لکي ٿو تہ:هاڻي تائين اسان رڳو تصور پرستن جي حواسن تي ڪيل حملي جو بچاءُ ٿي ڪيو ۽ هاڻي اسان منطق جي حوالي سان زندگيءَ جي مسئلن بابت ڳالهائينداسين. پر ان کان اڳ اسان کي عقل تي اسراريت جي حملي جي ڳالهه ڪرڻي آهي. هيوم چيو آهي ته عقل انسان جو مخالف ٿيندو ته انسان به عقل جي خلاف ٿي ويندو. عقل خواهشن جي پورائيءَ لاءِ ڪو جواز پيدا نه ڪندو ته خواهشون عقل جي خلاف ٿي پونديون. خواهشن تي ٻڌل زندگي جنهن جو عقل سان واسطو ڪونهي ان لاءِ چئي سگهجي ٿو ته اها عقل کان مٿانهون منطق ايجاد ڪندي جيڪو اسان جي خواهشن ۽ خوابن جو جواز هوندو. ان مقصد لاءِ ڊيموڪريٽس تصور پرستيءَ جو بنياد وڌو. ايليا جي شڪ پرست فلاسافر زينو اسراريت Mysticism جي واٽ ڪڍي. سقراط کان هڪ صدي اڳ هن پنهنجن مونجهارن سان عقل تي اهڙيون چٿرون ڪيون جو عقل بي عقلي نظر اچڻ لڳو. ايڪيلينز ڪُميءَ جي ڪڍ ٿو وڃي پر جيئن ته ڪُمي هن کان اڳ پنهنجيءَ جاءِ تان هلي هئي انڪري هو ڪُميءَ کي پڄي نٿو سگهي. هو جڏهن پنهنجيءَ جاءِ تان ڪُميءَ واري هنڌ تائين پڄي ٿو ته ڪُمي اڳتي وڌي ٿي وڃي. هو وري جڏهن ڪُمي واري هنڌ پڄي ٿو ته ڪُمي وري اڳتي وڌي ٿي وڃي ۽ اهو سلسلو ختم نٿو ٿئي. اسين جيستائين اهو محسوس نه ڪيون ته عقل سڀ ڪجهه ثابت ڪري سگهي ٿو، معنيٰ ته عقل ڪجهه به ثابت نٿو ڪري سگهي. ساڳئي طرح ڇٽل تير هڪ هنڌ بيٺل مڃيو ٿو وڃي. ڇٽل تير هڪ پل ۾ هڪ هنڌ آهي انڪري اهو ان پل ۾ ساڪن آهي ۽ اهڙيءَ ريت هو پنهنجي رفتار ۾ هرهڪ پل ۾ ساڪن آهي. اناطول فرانس ان مان اهو نتيجو ٿو ڪڍي ته دليلن سان هر شيءِ ثابت ٿي سگهي ٿي. ايليا جي زينو ثابت ڪري ڏيکاريو هو ته اڏامندڙ تير هڪ هنڌ بيٺل آهي. دليلن سان اسان ان جي ابتڙ ڳالهه به ثابت ڪري سگهون ٿا پر حقيقت هي آهي ته ابتڙ ڳالهه کي ثابت ڪرڻ ڏکيو آهي.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب جو نالو: فلسفي جون راحتون ؛ليکڪ: وِل ڊيورانٽ ؛سنڌيڪار: آغا سليم ايڊيشن؛ 2016 ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو