سائرس اعظم جو مقبرو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(سائرس جو قبو کان چوريل)
سائرس اعظم جو مقبرو
فارسي: آرامگاه کوروش بزرگ
مقام پاسارگاد، ايران
ٺھيو ڇھين صدي ق.م

سائرس اعظم جو مقبرو ((فارسي: آرامگاه کوروش بزرگ, انگريزي: The Tomb of Cyrus)) ايران جي قديم هخامنشي يا اھڪيمنيد سلطنت (Achaemenid Empire) جي باني سائرس ٻئي (Cyrus II) جي آخري آرامگاھ آھي. سائرس ٻئي کي ايراني تاريخ ۾ ڪوروش بزرگ يا ڪوروش ڪبير جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. ھن کي عام طور تي سائرس اعظم (Cyrus the Great) جي نالي سان بہ ياد ڪيو وڃي ٿو. ھن بادشاھ جو مقبرو ايران جي فارس صوبي ۾ پاسارگاد (Pasargadae ) جي کنڊرن ۾ موجودھ شيراز شھر کان اٽڪل 60 ميل اتر اولھ ۾ موجود آھي.

ھن مقبري جو ذڪر مشھور يوناني تاريخدان آرين (Arrian) جي قديم لکڻين ۾ ملي ٿو. انھن لکڻين جي مدد سان انگريز ليکڪ جيمس جسٽينين مورئر (James Justinian Morier) ھن جي وڌيڪ تحقيق ڪئي[1]. ھن مقبري جي خاص ڳالھ ھيءَ آھي تہ ھن جو بنياد ايترو تہ مضبوط ٺاھيو ويو آھي جو وڏا وڏا زلزلا بہ ھن کي لوڏي نہ سگھيا آھن[2]. ھي ايران جي مکيہ ثقافتي ورثي وارو ھنڌ آھي[3]. سائرس اعظم جي وفات کان اٽڪل 200 سال پوءِ سڪندراعظم بہ ھن مقبري جو دورو ڪيو ھو. يوناني تاريخ نويس اسٽرابو (Strabo) لکي ٿو تہ سڪندراعظم تخت جمشيد تي حملو ڪري ان کي نيست ۽ نابود ڪرڻ کان پوءِ سائرس جي مقبري جو دورو ڪيو. ھن پنھنجي ھڪ جنگجو سالار ارسطوبلس کي حڪم ڏنو تہ مقبري ۾ اندر گھڙي وڃي. جڏھن ھو اندر داخل ٿيو تہ ھن کي مقبري اندر ھڪ سونو بسترو، ھڪ ميز جنھن تي پاڻي پيئڻ جو سامان رکيل ھو، ھڪ سون جي ٺھيل ميت جي ڏولي، ڪجهه قيمتي زيور ۽ مقبري تي لکيل ڪجهه تحريرون ڏسڻ ۾ آيون[4]. روايتن مطابق مقبري اندر ھڪ ڪتبي تي لکيل ھو تہ ”اي واٽهڙو! آءٌ اهو ايشيا جو عظيم بادشاهه آهيان جنهن پرشن سلطنت جوڙي. ان ڪري منهنجي هن معمولي مقبري تي حسد نه ڪر جنهن جي مٽيءَ هيٺ منهنجو لاش دٻيل آهي“[5]،[6]. اھو ڪتبو ھن وقت غائب ٿي ويو آھي.

سڃاڻپ[سنواريو]

ماضيءَ ۾ ھن مقبري کي ماڻھو مادرِِ سليمان (سليمان جي ماءُ) جو قبو سمجھندا ھئا. ڪن ماڻھن جي خيال ۾ اھا مشھور پيغمبر حضرت سليمان عليہ الاسلام جي والدھ جي آخري آرامگاھ آھي جڏھن تہ ڪي وري انھيءَ کي خليفي سليمان ابن عبدالملڪ جي امڙ سان منسوب ڪن ٿا. سڀ کان پھريائين اٽليءَ جي سياح گيو سيفيت باربارو (Giosafat Barbaro) ھن مقبري جو ذڪر پنھنجي سفرنامي ۾ ڪيو. ان بعد جرمنيءَ جي سياح جوھان البريٽ ڊي مانڊيلسلو (Johan Albrecht de Mandelslo) پڻ ھن مقبري جي باري ۾ لکيو آھي[7].

ھن مقبري جو برطانيہ جي ليکڪ جيمس جسٽينين مورئر (James Justinian Morier) ڪافي تفصيل سان ذڪر ڪيو آھي. بعد ۾ اسڪاٽلينڊ جي سياح رابرٽ ڪير پورٽر(Robert Ker Porter) پڻ مرئر جي لکڻين جي تصديق ڪئي آھي[8].

مورئر ھن مقبري جي باري ۾ لکيو آھي تہ ھن مقبري جو بنياد چوڪنڊو آھي ۽ اھو بنياد سنگمرمر جي وڏن وڏن بلاڪن تي رکيو ويو آھي. قبي جي شڪل مصر جي اھرامن وانگر آھي ۽ ستن تھن تي مشتمل آھي، ھن قبي جي ھر حصي تي خوبصورت چٽسالي ٿيل آھي. البت قبي جي اڏاوت قديم فارس (ايران) ۽ عرب تھذيب سان مشابھت نٿي رکي. مقامي ماڻھو ھن قبي کي سليمان جي امڙ جي آخري آرامگاھ سمجھن ٿا. فقط عورتون ھن قبي اندر وڃي سگھن ٿيون ۽ مردن کي اندر وڃڻ جي اجازت ناھي، ايتري قدر جو قبي جي چاٻي بہ عورتن وٽ آھي.

پورئر وڌيڪ لکي ٿو تہ، ”ماڻھن ھن مقبري سان ڪجهه عجيب و غريب ڪھاڻيون ۽ توھمات منسوب ڪري ڇڏيا آھن. مثال طور مقبري جي ڀرسان پاڻيءَ بابت چون ٿا تہ جيڪڏھن ڪنھن ماڻھوءَ کي ڇتو ڪتو ڏاڙھي وجھي ۽ ھو ٽيھن ڏينھن اندر ھي پاڻي پيئي تہ چڱو ڀلو ٿي پوندو. جيتوڻيڪ ماڻھو ھن کي سليمان جي ماءُ جي مزار سمجھن ٿا پر منھنجو دماغ اھو مڃڻ لاءِ تيار ناھي ڇاڪاڻ جو ھي قبو فارس، ترڪيءَ ۽ ايشيا مائنر ۾ موجود سمورن بزرگن جي مزارن کان بنھ مختلف آھي“[8].

قديم يوناني تاريخدان آرين جي لکڻين جي ڀيٽ ڪندي مورئر لکي ٿو تہ ھي سائرس اعظم جي آخري آرامگاھ ٿي سگھي ٿي.

مقبري جي بناوت[سنواريو]

سائرس جو مقبرو پاسارگاد جي شاھي پارڪ جي ڏاکڻين ڪنڊ ۾ تعمير ٿيل آھي. . ھي مقبرو زردي مائل اڇي رنگ جي چن جي پٿر مان ٺاھيو ويو اھي. ھي مقبرو ايترو تہ مضبوط آھي جو 2500 سالن جي گرمين، سردين ۽ زلزلن بہ ھن جي بناوت تي ڪو گھڻو اثر نہ وڌو آھي ۽ ھي اڄ بہ پنھنجي اصلوڪي حالت ۾ موجود آھي. ھن جي پيڙھ مستطيلي شڪل جي سنگمرمري پٿر جي پليٽفارم تي ٻڌل آھي جنھن جي ڊيگھ 13.35 ميٽر ۽ ويڪر 12.30 ميٽر آھي. ھن عمارت جا ٻہ حصا آھن. ھڪ ڇھن ڏاڪن وارو پٿر جو چبوترو ۽ ڇھين ڏاڪي تي ھڪ ڇت وارو ڪمرو. عمارت جي ڪل اوچائي 11 ميٽرن کان ٿورو وڌيڪ آھي. پھرئين ڏاڪي جي اوچائي 165 سينٽي ميٽر، جڏھن تہ ٻئي ۽ ٽئين ڏاڪي جي اوچائي 105 سينٽي ميٽر آھي. چوٿين، پنجين ۽ ڇھين ڏاڪي مان ھرھڪ جي اوچائي 57.5 ميٽر آھي. مقبري جي ڪمري جو بنياد ڇھين ڏاڪي واري پليٽفارم تي رکيل آھي جنھن جي پکيڙ اٽڪل 6.40×5.35 چورس ميٽر آھي. قبي جو ڪمرو 3.17 ميٽر ڊگھو، 2.11 ميٽر ويڪرو ۽ 2.11 ميٽر اوچو آھي. ڪمري جون ڀتيون 1.5 ميٽرن تائين ٿلھيون آھن ۽ ھر ڀت سٺي نموني ٽُڪِيَل پٿرن جي چئن قطارن مان ٺھيل آھي. پھرين ۽ ٻي قطار ٽئين ۽ چوٿين قطار کان وڌيڪ ڊگھي آھي. ايئن ٿو لڳي تہ ساڄي پاسي کان ھڪ ٻٽو دروازو ھو جنھن کي ساڄي يا کاٻي پاسي ڇڪي کولي سگھبو ھو. اھو دروازو ھاڻي موجود ناھي. موجودھ دروازو 78 سينٽي ميٽر ويڪرو ۽ 150 ميٽر اوچو آھي.

مقبري جي ڪمري جي سامھون دروازي جي مٿئين ٽڪنڊي ۾ ھڪ سھڻو گل اڪريل ھو. ھن وقت انھيءَ گل جو فقط اڌ وڃي بچيو آھي. يورپي سياح جوھن البريٽ وان مينڊلسلو (Johann Albrecht von Mandelslow) سن 1638ع ۾ اھو گل ڏٺو ھو ۽ انھيءَ کي ھن مقبري جي پينٽنگ ۾ ڏيکاريو. ان کان پوءِ ھڪ ڊگھي عرصي تائين ھي گل ماڻھن جي ذھن تان ميسارجي ويو. 1964ع ۾ ڊيوڊ اسٽرونيچ (David Stronach) انھيءَ گل کي ٻيھر پينٽنگ ۾ ظاھر ڪيو. گل ۾ 12 وڏيون پنکڙيون آھن ۽ انھن مان 24 ننڍيون پنکڙيون اندرئين ۽ 24 ٻاھرئين پاسي ڦٽي نڪرن ٿيون[9]. ھي گل سج جي عڪاسي آھي. ھي گل ٻڌائي ٿو تہ ايراني سائرس جي ڪردار ۽ شخصيت کي سج سان تشبيہ ڏين ٿا.

مقبري جي ڇت اندرئين پاسي کان سنئين سڌي ۽ سادي آھي جڏھن تہ ٻاھرئين پاسي کان عربي عدد اٺ (8) وانگر آھي. ڇت ٻن قيمتي پٿرن مان ٺھيل آھي، جن جي مٿان ھڪ اھرام جي شڪل جھڙو پٿر رکيل آھي. انھيءَ پٿر جي بنياد جي پکيڙ 6.25×3 چورس ميٽر آھي ۽ ان جي ٿولھ اڌ ميٽر آھي. ڇت جي مٿئين ۽ اندروني حصي جي وچوارو حصو ھڪ خالي ٽڪنڊي وانگر نظر اچي ٿو.

ھن مقبري جي ٻہ ڀيرا مرمت ٿي چڪي آھي. پھريون ڀيرو 1972ع ۾ ۽ ٻيو ڀيرو 2002ع ۽ 2009ع جي وچ واري دور ۾.

سائرس اعظم جو ڏھاڙو[سنواريو]

ھر سال 29 آڪٽوبر تي سائرس اعظم جو ڏھاڙو سندس مقبري تي ملھايو وڃي ٿو. ھن ڏھاڙي کي فارسيءَ ۾ ”روز ڪوروش بزرگ“ ڪوٺيو وڃي ٿو[10]. ايران جي نئين سال کي نوروز ڪوٺيو وڃي ٿو. ان ڏينھن بہ ھزارين ايراني ھن مزار تي گڏ ٿي پھنجي عقيدت جو اظھار ڪندا آھن.

گيلري[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. Briant P., From Cyrus to Alexander: A History of the Persian Empire, Eisenbrauns, 2002, p.85, ISBN 0-19-813190-9
  2. Masoumi, Mohammad Mehdi (2016-03-31). "[=18377 Ancient Base Isolation System in Mausoleum of Cyrus the Great]" (en ۾). International Journal of Earthquake Engineering and Hazard Mitigation (IREHM) 4 (1): 13–18. doi:10.15866/irehm.v4i1.8147. ISSN 2533-1698. https://www.praiseworthyprize.org/jsm/index.php?journal=irehm&page=article&op=view&path[]=18377. 
  3. Butler, Richard; O'Gorman, Kevin D.; Prentice, Richard (2012-07-01). "Destination Appraisal for European Cultural Tourism to Iran". International Journal of Tourism Research. 14 (4): 323–338. doi:10.1002/jtr.862. ISSN 1522-1970.
  4. Strabo، "The Geography of Strabo. Literally translated, with notes, in three volumes", W. Falconer, H.C. Hamilton (trl.), T.3, London: George Bell & Sons, 1889, Strb. XV.3.8, p.134
  5. Life of Alexander, 69, in Plutarch: The Age of Alexander, translated by Ian Scott-Kilvert (Penguin Classics, 1973), p. 326.; similar inscriptions give Arrian and Strabo.
  6. الطاف شيخ: ايران ڏي اڏام، روشني پبليڪاشنس، ڪنڊيارو، سنڌ، پاڪستان، 2008.
  7. (en ۾) The Classical Journal. A. J. Valpay.. 1819. https://books.google.com.pk/books?id=TEut9UinfxIC&pg=PA354&redir_esc=y#v=onepage&q&f=false. 
  8. 8.0 8.1 Porter, Robert Ker (1821). Travels in Georgia, Persia, Armenia, ancient Babylonia, &c. &c. : during the years 1817, 1818, 1819, and 1820. Tisch Library. London : Longman, Hurst, Rees, Orme, and Brown. http://archive.org/details/travelsingeorgia01port. 
  9. Arrian, Anabasis I. IX; cf. M. A. Dandamaev Cyrus II, within Encyclopaedia Iranica
  10. "منشور کورش بزرگ". web.archive.org. حاصل ڪيل 2021-12-29.