رمضان (قمري مهينو)
Jump to navigation
ڳولا ڏانهن هلو
رمضان اسلامي ڪيلينڊر جو نائون مهينو آهي۔ مسلمان هن مهيني کي "رمضانالمبارڪ" ڪوٺيندا آهن. اسلامي مهينن جو حساب چنڊ ڏسي ٿيندو آهي. هيءُ قمري مهينن ۾ نائون مهينو آهي- مسلمانن جي لاء هن پوري مهيني ۾ روزا رکڻ فرض آهن. انهي ۾ هڪ رات اهڙي آهي جنهن کي شب قدر چيو ويندو آهي. قرآن جي مطابق جنهن جي عبادت هزار مهينن جي عبادت کان بهتر آهي۔
رمضان جا اهم واقعا[سنواريو]
- 01 رمضان، پيدائش شيخ عبدالقادر جيلاني
- 2 رمضانالمبارڪ تي حضرت موسيٰ کي تورات عطا ڪيو ويو هيو۔
- 10 رمضانالمبارڪ ، وفات خديجہ بنت خويلد – محمد جي پهرين گهر واري
- 15 رمضان المبارڪ ، پيدائش حضرت حسن بن علي
- 17 رمضان، وفات حضرت سيّدنا عائشه بنت ابي بڪر – محمد جي ٽين گهر واري
- 17 رمضان تي غزوه بدر مسلمان کٽي ويا.
- 18 رمضان، زبور (پالم) (داؤد) تي نازل ٿي.
- 19 رمضان تي دشمن حضرت علي تي تلوار سان وار ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ هو شديد زخمي ٿيو.
- 20 رمضان، محمد مڪو فتح ڪيو.
- 21 رمضان تي علي ابن ابي طالب تلوار جي زخمن جا تاب نہ صحيح سگهيو ۽ رحلت ڪري ويو.
- 27 رمضان، اسلامي جمهوريہ پاڪستان جو قيام وجود ۾ آيو 14 آگسٽ 1947ع تي (27 رمضان 1366 اسلامي ڪيلينڊر ۾)[1]
پڻ ڏسندا[سنواريو]
حوالا[سنواريو]
![]() |
وڪيميڊيا العام ۾ رمضان (قمري مهينو) سان لاڳاپيل ابلاغي مواد ڏسو. |