شعبان
رجب المُرجّب - شعبان المعظم - رمضان المبارڪ | ||||||
ـــــــ | ـــــــ | ـــــــ | ـــــــ | ـــــــ | ـــــــ | ـــــــ |
1 | 2 | 3 | 4 | 5 | 6 | 7 |
8 | 9 | 10 | 11 | 12 | 13 | 14 |
15 | 16 | 17 | 18 | 19 | 20 | 21 |
22 | 23 | 24 | 25 | 26 | 27 | 28 |
29 | 30 |
شعبان اسلامي ڪيلينڊر جو اٺون مهينو آهي. ان تي اھو نالو اسلام جي آمد کان اڳ جو ڏنل آھي. نالي جو پسمنظر رجب جي تحريم واري مھيني کان پوءِ، جنھن ۾ جنگ منع ٿيل سمجھي ويندي ھئي، عرب ھن مھيني ۾ پاڻي جي تلاش ۾ يا جنگ يا لڙائي لاء ڦھلجي ويندا ھئا. شعبان جي معني آهي علحدگي يعني گھرن کان ماڻھن جو الڳ ٿيڻ يا گھرن کان ٻاھر نڪرڻ. ان کي شعبان المعظم بہ چيو ويندو آھي. ھن کي حضرت محمد صلي الله عيله وآله وسلم سان منسوب ڪيو ويندو آهي. ھي ھڪ متبرڪ مهينو آهي ۽ ان ۾ مسلمان نفلي روزا رکندا آهن. شعبان جي مهيني ۾ گھڻي کان گھڻا روزا رکڻ مستحب آهن، حديث ۾ بيان ڪيو ويو آهي تہ نبي صلي الله عليه و آله و سلم سڄي شعبان جا روزا رکندا ھيا:
ام سلمه بيان ڪري ٿي تہ:
مان نبي صلي الله عليه و آله و سلم ڪڏھن بہ ٻہ مھينا مسلسل روزا رکندي نہ ڏٺو، پر پاڻ صلي الله عليه و آله و سلم شعبان جي روزن کي رمضان سان ملائيندا ھيا
— ان سلمه
.
مسند احمد حديث نمبر (26022) سنن ابو داؤد حديث نمبر ( 2336 ) سنن ابن ماجه حديث نمبر ( 1648).
۽ ابوداؤد جا الفاظ ڪجهه ھن طرح آھن:
نبي صلي الله عليه و آله و سلم پوري سال ۾ ڪنھن بہ پوري مهيني جا روزا نہ رکندا ھيا، پر شعبان کي رمضان سان ملائيندا ھيا) علامه الباني سنن ابوداؤد (2048) ۾ ان کي صحيح قرار ڏنو آھي.
— ابو دائود
تنھن ڪري ھن حديث جي ظاهر مان اھو ئي معلوم ٿي ٿو تہ نبي صلي الله عليه و آله و سلم پورو شعبان روزا رکندا ھيا.
پر حديثن ۾ اھو بہ وارد آهي تہ پاڻ صلي الله عليه وسلم شعبان جي اڪثر ڏينھن جا روزا رکندا ھيا.
ام سلمه بيان ڪري ٿي تہ مان عائشه کان نبي صلي الله عليه و آله و سلم جي روزن جي باري ۾ دريافت ڪيو تہ ھو چوڻ لڳي:
پاڻ صلي الله عليه و آله و سلم روزو رکڻ لڳندا ھيا تہ اسان چونديون ھيوسين تہ توھان تہ روزا ئي رکندا آھيو، ۽ جڏھن پاڻ صلي الله عليه و آله و سلم روزو ڇوڙيندا ھيا تہ اسان چونديون ھيوسين تہ ھاڻي نہ رکندا، مان نبي صلي الله عليه و آله و سلم کي شعبان جي مهيني کان وڌيڪ ڪنھن ٻي مهيني ۾ وڌيڪ روزا رکندي نہ ڏٺو، پاڻ سڄو شعبان ئي روزا رکندا ھيا، پاڻ صلي الله عليه و آله و سلم شعبان ۾ اڪثر ڏينھن روزا رکندا ھيا
— صحيح مسلم حديث نمبر (1156)
.
عالم ڪريم انھن ٻنھي حديثن کي جمع ڪرڻ ۾ اختلاف ڪن ٿا:
ڪجهه عالم ڪريم تہ چون ٿا تہ ھي وقتن جي مختلف هجڻ جي ڪارڻ ھيو، تنھن ڪري ڪجهه سالن ۾ تہ نبي صلي الله عليه و آله و سلم سڄو شعبان ئي روزا رکندا ھيا، ۽ ڪجهه سالن ۾ شعبان جا اڪثر ڏينھن روزا رکندا ھيا.
ھن جي ٽين تاريخ تي امام حسين عليه السلام جي پيدائش ٿي ۽ 15 تاريخ ٿي اهلِ تشيع جي عقيدن جي مطابق امام مهدي عليه السلام جي پيدائش ٿي.
واقعا
[سنواريو]2ھ - 15 شعبان تي مسجد قبلتين ۾ ٻيپھري جي نماز جي دوران قبلو تبديل ڪرڻ جو حڪم آيو.
وفات
[سنواريو]عمر اسلامي تقويم جي مطابق درج ڪيل آھي. |
- 1 شعبان 204ھ، محمد بن ادريس شافعي، 54 سال، شافعي مذهب جو باني (پ-150ھ).
- 1 شعبان 1233ھ، محمد راشد شاھ، 103 سال، قادريه راشديه سلسلي جو باني (پ.1117ھ).
- 2 شعبان 1380ھ، ابو الحسناتسيد محمد احمد قادري، 66 سال، صاحب تفسير الحسنات (پ.1314ھ).
- 3 شعبان 447ھ، ابو الفرح محمد يوسف طرطوسي، صوفي
- 15 شعبان 261ھ، بايزيد بسطامي، 101 سال، لقب غوث ۽ امام العارفين (پ.160ھ).
- 16 شعبان 1358ھ، سيد جماعت علي شاه لاثاني، 82 سال، پاڪستاني صوفي (پ.1276ھ).
- 19 شعبان 650ھ، حسن بن محمد صغاني حنفي لاهوري، 123 سال، محدث، مصنف مشارق الانوار النبويه (پ.577ھ).
- 19 شعبان 1344ھ، مفتي عبد الڪريم درس ازهري قادري، 67 سال، عالم و مصنف (پ.1277ھ).
- 26 شعبان 1071ھ، سيد محمد ڪالپوي ترمذي قادري، خانقاه محمديه ڪالپويه جو باني ۽ مصنف.
- 27 شعبان 1422ھ، غلام رسول رضوي، 100سال، شيخ الحديث،باني جامعه نظاميه رضويه لاهور و شارح بخاري شريف (پ.1323ھ).
- 28 شعبان 1367ھ، محمد علي مالڪي، 80 سال، مدرس حرم، امام النحو (پ.1287ھ).