ربيع الثاني

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ربيع الاول  -  ربيع الثاني  -  جمادي الاول
ـــــــ ـــــــ ـــــــ ـــــــ ـــــــ ـــــــ ـــــــ
1 2 3 4 5 6 7
8 9 10 11 12 13 14
15 16 17 18 19 20 21
22 23 24 25 26 27 28
29 30

ربيع الثاني اسلامي ڪيلينڊر جو چوٿون مھينو آھي. ھن مھيني تي اھو نالو اسلام کان اڳ پيو ھيو ۽ ان جي ڪري پيو جو اھو نالي رکڻ وقت ربيع الاول کان بعد وارو مھينو ھيو. ان کي ربيع الآخر مھينو بہ سڏيندا آهن. ربيع الاول تي اھو نالو ان ڪري پيو جو اھو بھار شروع ٿيڻ واري موسم ۾ شروع ٿيندو ھو[1][2]. ربيع الثاني بھار واري موسم ۾ ايندڙ ٻيون ۽ آخري مھينو ھيو شروع ۾ 2 ھجري کان اڳ ھر ٽئين سال ھڪ مھينو وڌائي ان سال کي تيرھن مھينن جو ڪيو ويندو ھو، جنھن سان قمري ۽ شمسي سال جي وچ ۾ ھر سال ٿيندڙ 10 ڏينھن جو فرق ختم ٿي ويندو هو. تنھن ڪري ھي مھينو ھر سال ان ساڳي بھار جي موسم ۾ ايندو ھيو پر سن 2 ھجري ۾ سورة التوبة جي آيت نمبر 36 نازل ٿيڻ کان پوء (جنھن ۾ سال ۾ صرف ٻارھن مھينن کي لازمي ڪيو ويو) ان تيرھين مھيني شامل ڪرڻ جو سلسلو بند ڪيو ويو جنھن ڪري ربيع الثاني ھاڻي مستقل ان ساڳي بھار جي پوئين موسم ۾ نہ ايندو آهي.

  1. [مرجع ويب|عنوان=Sheikh Muhyiddin Ibn Al-Arabi (RA) - URS 22 Rabi al-Thani|مسار=http://www.lovemeditation-naqshbandi.com/sheikh-muhyiddin-ibn-al-arabi-ra-urs-22-rabi-al-thani/%7Cموقع=LoveMeditation-Naqshbandi | Maida Vale Naqshbandi Rabbani Group | Islamic History | Sufi Events | Sufi Saints History|تاريخ=29 January 2016| مسار أرشيف = https://web.archive.org/web/20180725045357/http://www.lovemeditation-naqshbandi.com/sheikh-muhyiddin-ibn-al-arabi-ra-urs-22-rabi-al-thani/ | تاريخ أرشيف = 25 يوليو 2018 ]
  2. Umm al-Qura calendar of Saudi Arabia آرڪائيو ڪيا ويا 21 December 2017[Date mismatch] حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.