ذوالحج

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ذوالقعد  -  ذوالحج  -  محرم الحرام
ـــــــ ـــــــ ـــــــ ـــــــ ـــــــ ـــــــ ـــــــ
1 2 3 4 5 6 7
8 9 10 11 12 13 14
15 16 17 18 19 20 21
22 23 24 25 26 27 28
29 30

ذوالحج اسلامي ڪيلينڊر جو ٻارھون ۽ آخري مھينو۔ ان مھيني تي اھو نالو اسلام جي آمد کان اڳ پيو ھو. ان مھيني پوري عربستان مان ماڻھو مڪي ۾ حج ڪرڻ ايندا هئا. اھو مھينو اسلام کان اڳ بہ تحريم وارو مقدس مھينو سمجھيو ويندو ھو جنھن ۾ جنگ يا لڙائي منع ٿيل ھوندي ھئي.

واقعا[سنواريو]

  • 6ھ - صلح حديبيہ
  • 9 ذوالحج 10ھ - محمد صلي الله عليه و آلهٖ وسلم ﷺ جو حجۃ الوداع جي دوران آخري خطبو
  • 23 ذوالحج - حضرت عثمان مسند خلافت تي تشريف فرما ٿيا.
  • 2ھ - غزوۂ سويق واقع ٿي-
  • 7 ذوالحج - غزوۂ بني قريظہ کان حضور ﷺ جي واپسي-

وفاتون[سنواريو]

18 ذوالحج 35ھ بروز جمعو - حضرت عثمان جي شھادت-

موڪلون ۽ ڏڻ[سنواريو]

10 ذوالحجي تي عيد الاضحٰي ملھائي ويندي آھي۔ 18 ذوالحج تي اھل تشيع عيد غدير ملھائيندا آھن۔

حوالا[سنواريو]