رشمي راماڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
رشمي راماڻي
Rashmi Ramani
ذاتي تفصيل
پيدائش 01 اپريل 1960(1960-04-01)
وِدشا (انڊور)، هندستان
ماءُپيءُ ليلا رام ڀاڳچنداڻي

سنڌي ٻوليءَ جي ناليواري ليکڪا، شاعره، مترجم رشمي راماڻي، پهرين اپريل 1960ع تي وِدشا (انڊور) ۾ جنم ورتو. سندس والد ليلا رام ڀاڳچنداڻي ۽ ماتا لاڄونتي سنڌ جا رهاڪو هئا. پر 1947ع جي ورهاڱي ۾ پنهنجو ديس ڇڏڻو پيو هو، جنهن ڪري رشمي راماڻيءَ جو جنم هندستان جي سرزمين جي حصي ۾ آيو. هوءَ جيئن ته هندستان ۾ ڄائي وڏي ٿي، تنهن ڪري هن ايم.اي (هندي ادب) ۾ ڪئي. هوءَ هڪ ئي وقت پنجابي، بينگالي، مراٺي، اُڙيا، ڪنڙ، انگريزي ۽ سنڌيءَ ٻولين ۾ لکندڙ ليکڪا آهي، هن جون ڪوِتائون سنڌ ۽ هند جي مشهور مخزنن ۾ ڇپجي مڃتا ماڻي چُڪيون آهن. هوءَ شروع ۾ هنديءَ ۾ لکندي هئي ۽ سندس ٻن ڪتابن ”ساز چپ هين“ ۽ ”بيتي هوئي دن“ تمام گهڻي مقبوليت ماڻي هئي،

رشمي راماڻي جي سنڌي ادب ڏانهن لاڙو[سنواريو]

هن اوچتو سنڌي ٻوليءَ ڏانهن موڙ کاڌو، سنڌيت جي جذبي هن جو لاڙو سنڌي ٻوليءَ ڏانهن ڪرايو، ۽ جڏهن سنڌي ٻوليءَ کي هن پنهنجي اظهار جو ذريعو بڻايو ته وسيع پسمنظر رکندڙ هن ٻوليءَ ۾ هُن کي ڪيتريون ئي تشبيهون ٺهيل ٺُڪيل مليون ۽ ٿوري ئي عرصي ۾ هن سنڌي ٻوليءَ جي جهول ۾ شاعريءَ جا ٽي ڪتاب: ”پڃريو“ (1991ع)، ”ڪڏهن ڪڏهن“ (1991ع) ۽ ”مان هڪ سنڌڻ“ (05-2004ع) وجهي، سنڌي ادب ۾ پنهنجي هڪ جُدا حيثيت قائم ڪري ورتي. هن نه رُڳو سنڌيءَ ۾ شاعري ڪئي آهي، پر هن هنديءَ ۾ ماهر هئڻ ناتي، سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇپيل ڪيترن ڪتابن جو هنديءَ ۾ ترجمو پڻ ڪرڻ شروع ڪيو، ۽ سنڌي ٻوليءَ جي سهڻي ۽ ٻهڳڻي ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ شاعر، ڪرشن کٽواڻيءَ جا ٽي ناول ۽ در جنين ڪهاڻيون ترجمو ڪيون آهن، وٽس ترجمي جو سهڻو ڏانءُ آهي ۽ ٻنهيءَ ٻولين تي عبور هئڻ ڪري ترجمي جي ٻولي/اسلوب وڻندڙ آهي. رشمي جڏهن اڃا سنڌ کي صرف سپنن ۾ ڏٺو هو، هُن تڏهن ئي سنڌ کي شاعريءَ ۾ سُندرتا بخشي هئي، پر جڏهن هوءَ 2004ع ۾ سنڌ ياترا تي آئي هئي ۽ سنڌ جي مقدس مٽيءَ جو واس وٺي جڏهن هوءَ واپس وري هئي ته هوءَ هندستان جي اُها رشمي ڪٿي رهي هئي، جنهن کي هندي ڪوِتائن جي مڃتا طور ڪيترائي مانُ سمان مليا هئا، پر هوءَ ته سرزمين سنڌ جي اهڙي سٻاجهي ڌيءَ بڻجي واپس وري هئي، جو هُن جي دل جي هر ڌڙڪن سنڌ بڻجي وئي هئي، هُن تنبوري جي تار تي لطيف جون وايون ٻُڌيون هيون ته هُن جي اندر جي حقيقي سنڌڻ جاڳي پئي هئي، جنهن سنڌڻ ڪيترو ئي عرصو سنڌ جا سپنا پنهنجي اندر ۾ سرجيا هئا ۽ پوءِ انهن سپنن کي ساڀيان تڏهن ئي ملي هئي، جڏهن هُن سکر ۽ ساڌ ٻيلي کان گُذري موهن جي دڙي جي مٽيءَ کي سجدو ڪيو هو.

”رشمي راماڻي پنهنجي شاعريءِ جي سفر ۾ سنجيدگيءَ پختگيءَ ۽ گنڀيرتا سان اڳتي وڌي رهي آهي، هن جي شاعريءَ ۾ خيال جي اصليت، اظهار جي تخليقيت، احساسن جي سچائي ۽ صبح جي ڪرڻن واري تازگي موجود آهي، هن وٽ مٺا مٺا، سهڻا ۽ سرها لفظ گهڻا آهن ۽ وٽس هڪ خاص لفظيات (شبداولي-Vocabulary ) به آهي، جنهن ۾ خوبصورت خواب/سپنا، گل، شبنم، لڙڪن جي آلاڻ، خاموش سڏڪا، ستارا، چنڊ، رات، اُفق، شفق، سج، سج جا نرم ۽ ملائم ڪرڻا، سرءُ پکي، لاتيون، پيار، مرڪ، انتظار، وڇوڙو، ننڊ، بادل، سمنڊ، سنگيت، ڪروڻا، اڇا، وشواس، روشني، انڌيرو، زندگي، موت خاموشي، برسات، اتهاس، تاريخ، جاگرافي، ورهاڱو، ناسور، اڪيلائي، رستا ۽ ٻيا لفظ شامل آهن، جن جو ورجاءُ ڪٿي ته ڏاڍو وڻندڙ ۽ موهيندڙ لڳي ٿو، پر ڪٿي ڪٿي اُنهن جو لڳاتار استعمال ۽ تفصيلي اظهار ساڳيائپ جو احساس اُڀاري ٿو، جنهن کان کيس پاسو ڪرڻ گهرجي“.

اهڙيون ڪيتريون ڪوِتائون سندس ڪتاب ’مان هڪ سنڌڻ‘ ۾ ڇپيل آهن، جنهن ۾ سنڌ سان محبت ۽ عقيدت جو اظهار ٿيل آهي. هيءُ ڪتاب جيتوڻيڪ پهريون ڀيرو هندستان ۾ 2005ع ۾ ڇپيو هو، پر هوءَ جڏهن ڊسمبر 2004ع ۾ سنڌ آئي هئي ته هن ڪتاب جون 20 ڪاپيون تيار ڪرائي کڻي آئي هئي، جنهن جو مهورت 17 ڊسمبر 2004ع تي، سنڌ ميوزيم حيدرآباد ۾ سنڌي ٻوليءَ جي سگهاري شاعر ارجن حاسد هٿان ٿيو هو. اهو سنڌ جو سڀاڳ چئجي يا رشمي جو عقيدو، جو هن ڪتاب جو مهورت سنڌ جي حصي ۾ آيو. ان کانسواءِ سندس ڪيتري شاعري ٽه ماهي مهراڻ، سرتيون ۽ ٻين رسالن ۾ ڇپجي چُڪي آهي. کيس هند ۾ مڃتاطور ڪيترائي اعزاز ۽ اوارڊ ملي چُڪا آهن جن ۾: سنمان: ورڻ مالا، اُڙيسا طرفان اُديه ڀارتي راشٽريه ڪويتا پرسڪار، 1994ع، سنڌُوتن، يُوا سنڌي ليکڪ سنمان، هرومل ريجهواڻي حير، سنڌي ليکڪ سنمان 1998ع، ڪيندريه هندي نديشاليه جو غير هندي ليکڪ جو راشترپتيءَ طرفان سنمان، راشتريه سنڌي ڀاشا وڪاس پريشد، ڀارت سرڪار جو اَوارڊ اهم آهن. ان کانسواءِ هوءَ ڪيترن ادارن جي ميمبر پڻ رهي چُڪي آهي، جن ۾: مڌيه پرديش سنڌي ساهتيه اڪيڊميءَ جي ميمبر، ساهتيه اڪيڊمي نئين دهليءَ جي سنڌي ائڊوائيزري بورڊ جي ميمبر شامل آهن.

هوءَ هن وقت سرورديه نگر، انڊور (مڌيه پرديش) ۾ رهائش پذير آهي.