ارجن حاسد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ارجن حاسد (انگريزي ٻولي:Arjun Hasid) برطانوي هندستان ۾ سنڌ ۾ جنم وٺندڙ سنڌي ٻولي جو ناميارو شاعر آهي. سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن.

زندگي جو احوال[سنواريو]

ارجن حاسد جو اصل نالو -ارجن- ڄيٺانند تنواڻي آهي. هو جيڪو 7 -جنوري- 1930ع تي سنڌ جي شهر ڪنڊياري، ضلعي نوشهري فيروز ۾ ڄائو ۽ چوٿين -جنوري- 1948ع تي هند لڏي ويو. 8 ڊسمبر 1948ع کان پوسٽ کاتي، -احمد آباد- ۾ ملازم ٿيو، جتان 31 -جنوري- 1988ع تي رٽائر ٿيو.[1]

تعليم ۽ ادب[سنواريو]

ڪنڊياري شهر جي پنچائتي هاءِ اسڪول مان 1947ع ۾ مئٽرڪ (-بمبئي- يونيورسٽيءَ مان) پاس ڪيائين. 1956ع کان شاعري شروع ڪيائين. ’حاسد‘ تخلص ڪتب آڻيندو آهي. ’حاسد‘، غزل تمام گهڻا لکيا آهن ۽ ’غزل گو‘ شاعر طور ڄاتو وڃي ٿو. سندس ڇهه شعري مجموعا ’سواسن جي سرهاڻ‘ (1966ع)، ’-پٿر- پٿر ڪنڊا ڪنڊا‘ (1974ع)، ’ميرو سج‘ (غزل: 1984ع)، ’موڳو‘ (غزل: 1992ع) ۽ ’اُڃ“ (1999ع) ۽ ”.... ساهي پٽجي“ (2008ع) ۾ شايع ٿيل آهن. 1985ع ۾ ڪتاب ’ميرو سج‘ تي کيس ’مرڪزي ساهتيه اڪادمي اوارڊ‘ مليو. هندي شاعر ’جئه شنڪر پرساد‘ تي لکيل -انگريزي- مونوگراف پڻ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو اٿس، جيڪو 1995ع ۾ ’ساهت اڪادمي‘ شايع ڪيو آهي.’حاسد‘ جا سؤ کان وڌيڪ گيت مختلف ڪلاڪارن ڳايا آهن، جيڪي -انڊيا- جي مختلف ريڊيو اسٽيشنن -تان- نشر ٿيا آهن. ’حاسد‘ جا شعري مجموعا -انڊيا- جي يونيورسٽين ۾ ٽيڪسٽ بوڪ طور منظور ڪيا ويا آهن. هُري دلگير جي ساهتڪ رچنا ۽ حياتيءَ سان واسطو رکندڙ ڪتاب ’هجن هوت حيات‘، ترتيب ڏنل اٿس. ’حاسد‘ جون رچنائون گجراتي، هندي، -اردو- ۽ انگريزيءَ ۾ به ترجمو ٿينديون رهن ٿيون. سندس فن تي ”-ارجن- حاسد: هڪ اڀياس“ (1996ع) ڪتاب پريم پرڪاش ترتيب ڏئي ڇپايو آهي. -ان- کان اڳ شيام رام رکياڻيءَ پڻ -ارجن حاسد- جي ادب ۾ خدمتن تي ”ادبي ڇنڊڇاڻ“ نالي ڪتابڙو 1996ع ۾ ئي ڇپائي پڌرو ڪيو هو.’حاسد‘، نئشنل ساهتيه اڪادميءَ‘ جي سنڌي ائڊوائيزري ڪاميٽيءَ جو ڏهه سال ميمبر رهيو آهي، جڏهن ته ’مرڪزي اڪادمي اَوارڊس، لاءِ جج طور پڻ فرض نڀائيندو رهيو آهي. تازو ”آزاديءَ کان پوءِ سنڌيء غزل جي ائنٿالاجي“ (2008ع) ڪتاب ڇپيو اٿس. -احمد آباد- (ڀارت) ۾ رهائش پذير آهي.

وفات[سنواريو]

ارجن حاسد 26 ڊسمبر 2019ع تي ڀارت ۾ وفات ڪري ويو.[2]

حوالا[سنواريو]

  1. "ارجن حاسد : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2019-12-27. 
  2. "هند ۽ سنڌ جو ناليوارو شاعر ارجن حاسد ديهانت ڪري ويو". Awami Awaz (ٻولي ۾ Urdu). حاصل ڪيل 2019-12-27.