حافظ احسن چنا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

حافظ احسن چناانگريزي ( Hafiz Ihsan Channa) سنڌي ٻولي جو ڪُهنه مشق شاعر ۽ صحافي هو.

زندگي جو احوال[سنواريو]

حافظ احسن چنا جو پورو نالو حافظ محمد احسن چنا هو. هيءُ 12 اپريل 1900ء تي دادو ضلعي جي ڳوٺ ملڪاڻي شريف ۾ ڄائو. سندس پيءُ جو نالو جمع خان هو. احسن صاحب جي شاعريءَ ۾ قومي ۽ اخلاقي رنگ وڌيڪ آهي. پاڻ 18 جون 1986ء تي لاڏاڻو ڪيائين.سنڌيءَ جو مشهور شاعر ۽ صحافي، جنهن جو عروضي شاعرن ۾ اعليٰ مقام آهي. حافظ صاحب جي والد جو نالو جمعا خان هو، پاڻ ڳوٺ ملڪاڻي شريف دادو ضلعي ۾ 1900ع ۾ -جنم- ورتائين. سنڌي، فارسي ۽ عربي -تعليم- حاصل ڪرڻ کان پوءِ قرآن شريف حفظ ڪيائين. ڪجهه وقت پنهنجي قائم ڪيل مدرسي ۾ درس تدريس جو ڪم ڪيائين. 1921ع کان شاعري ڪرڻ شروع ڪيائين. حافظ صاحب گهڻو ڪري هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي آهي. نثر ۾ به ڪافي ڪتاب لکيائين، -جن- مان ”سچن تي ستم“،”سوانح مخدوم -بلاول- باغباني“،”شاهه جو پيغام“ ۽ ”قصص الانبياء“ وڌيڪ مقبول ٿيا. سندس شاعريءَ جي ڪتابن ۾ ”ديوان احسن“، ”گلزار شعر“، ”احسن الاخلاق“، ”رباعيات احسن“ ۽ ”گلدستهءِ حسن“ مشهور آهن. حافظ صاحب نامور صحافي هو. دادوءَ ۾ هڪ پريس قائم ڪري ”هفتيوار ”آواز سنڌ“ -اخبار- کي تاحيات -جاري- رکيائين. حافظ صاحب جي شاعري اخلاقي، ادب ۽ علم جي موضوعن تي مشتمل آهي. رباعيءَ جو قادر الڪلام شاعر هو. 1986ع ۾ وفات ڪيائين.[1]

حوالا[سنواريو]