رتوديرو
رتوديرو Ratudero | |
---|---|
شھر | |
شاھ لطيف پبلڪ لائبريري رتوديرو | |
پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 27°48′5″N 68°18′40″E / 27.80139°N 68.31111°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | لاڙڪاڻو |
رتودیرو شھر لاڙڪاڻي ضلعي جي تعلقي رتوديرو جو صدر مقام آهي. ھي شھر لاڙڪاڻي شھر کان 28 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي آهي.
تاريخ
[سنواريو]ھن شھر جو پراڻو نالو رتن ديرو ھيو جيڪو بعد م رتوديرو ٿي ويو. ھن شھر جو بنياد ڪلھوڙن جي دور ۾ پيو. ايم.ايڇ پنھور پنھنجي مضمون ۾ سن 1701ع کان 1758ع تائين قائم ٿيل ٽن وسندين (جنھن ۾ وارھ بہ اچي وڃي ٿو). جي باري ۾ لکي ٿو[1]:
- ”ٿڌ واري زماني جي حرارت ۾ ٿوري تبديلي آئي، ڪجهہ گرمي ٿي ۽ ڪلھوڙن پوکي راهي ڏهن لکن ايڪڙن مان وڌائي ٻاويھ لک ايڪڙ تائين پھچائي ۽ ماڻهن جي آبادي 14 لکن مان وڌي وڃي 30 لکن کي رسي. نوان شھر اُسريا، جن ۾ شھدادڪوٽ، قنبر، وارھ، ميھڙ، خيرپور ناٿن شاھ، ميرپور خاص، نئون خدا آباد (هالن جي ڀرسان)، شھدادپور، نوشھروفيروز، خانڳڙھ (جيڪب آباد)، فتح ڳڙھ، جوهي، دوست علي، رتن ديرو (رتو ديرو) ۽ وڳڻ شامل هئا.“
ھن شھر جي مونسپالٽي جو بنياد 1862ع ۾ پيو پر شروع ۾ ان جي ميمبرن کي نامزد ڪيو ويندو ھو پر 1935 واري گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ ھيٺ بالغ راءِ دھي جي بنياد تي 1938ع ۾ چونڊون ڪرايون ويون.[2] سال 1939ع ۾ ھڪ خانگي ڪمپني رتيديري ۾ پاور هائوس لڳايو جنھن مان شھر جي وڏن رستن تي بجليءَ جا بلب ٻرندا هئا ۽ ڪجهہ سرندي وارن کي بہ بجلي فراهم ٿيل ھئي. ان کان اڳ شھر ۾ رستن تي گاسليٽ تي ٻرندڙ فانوس لڳل ھيا جيڪي اسٽريٽ لائيٽ جو ڪم ڪندا ھئا.[3]
بينڪاري نظام
[سنواريو]رتوديري ۾ ھيٺيون بينڪون موجود آھن:
مشھور شخصيتون
[سنواريو]- ذوالفقار علي ڀٽو
- بينظیر ڀٽو
- ممتاز ڀٽو
- میر مرتضيٰ ڀٽو سربراھ پاڪستان پیپلز پارٽي (شھيد ڀٽو)
- بشير قريشي سربراھ (جسقم)
ذريعا
[سنواريو]- توھان جي گورنمينٽ آرڪائيو ڪيا ويا 2007-10-08 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
- رتوديرو ھوم پيج آرڪائيو ڪيا ويا 2016-09-16 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
ٻاھريان ڳنڍڻا
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ پنھور، ايم.ايڇ (1996ع)، ٽماهي ”مھراڻ“صہ 35، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو.
- ↑ يادن جي ڳڙکيءَ مان (يادگيريون) از: عبدالرزاق سومرو؛ ترتيب: خالد چانڊيو؛ پبلشر: رائيٽرس ڪلب لاڙڪاڻو؛ ايڊيشن :2011ع، صہ 22.
- ↑ يادن جي ڳڙکيءَ مان (يادگيريون) از: عبدالرزاق سومرو؛ ترتيب: خالد چانڊيو؛ پبلشر: رائيٽرس ڪلب لاڙڪاڻو؛ ايڊيشن :2011ع، صہ 24.