مھراڻ (رسالو)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مهراڻ‘ جو سنگ بنياد ان وقت رکيو، جڏهن سنڌي ادبي بورڊ جي موجوده هيئت ڪا نه هئي، ۽ ’سنڌي مرڪزي صلاحڪار بورڊ‘ جي اڃا ابتدائي تشڪيل مس ٿي چڪي هئي، جنهن جو مکيه روح روان به انصاري صاحب پاڻ هو. ’مهراڻ‘ جي ابتدا مارچ 1946ع ۾ ٿي. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب عثمان علي انصاري، مولانا دين محمد وفائي، پروفيسر هرومل سدارنگاڻي ۽ مسٽر لالچند امرڏنو مل جڳتياڻي هئا. ان جو ٻيو دور 1955ع ۾ شروع ٿيو، جو باقاعدي ۽ مسلسل هن وقت تائين قائم ۽ دائم آهي. اِن دور ۾ جويو صاحب، علامه دائود پوٽو مرحوم، ڊاڪٽر بلوچ صاحب ۽ سيد حسام الدين راشدي صاحب، يڪي بعد ديگر ’مهراڻ‘ جي ادارت ڪئي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. تبصرا ؛ رسالو:مهراڻ؛ ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ؛ 1962ع