راهي چنا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
راهي چنا
Rahi Channa
پيدائش جنوري 06 1950(1950-01-06)

جوهي، دادو ضلعو، سنڌ، پاڪستان
وفات 16 فيبروري 1997 (عمر 47 سال)

ڄامشورو
ڌنڌو شاعر
ٻولي سنڌي
قوميت پاڪستاني
صنف شاعر

راهي چنا (انگريزي:Rahi Channa) ( پيدائش: 6 جنوري 1950ع - وفات: 16 فيبروري 1997ع) سنڌي ٻولي جو اديب ۽ شاعر هو.

زندگي جو احوال[سنواريو]

راهي چنا 6 جنوري 1950ع تي جوهي تعلقي ، ضلعي دادو ءَ جي شهر جوهي ۾ ڄائو. سندس عمر 6 سال مس هئي جو سندس پيءُ لاڏاڻو ڪري ويو. غربت سبب ٻاروتڻ ۾ پيٽ قوت لاءِ ڇولا وڪڻڻ، بوٽ پالش ڪرڻ يا ٻي ڪا مزدوري ڪرڻ لڳو. غربت جي انهيءَ عالَم ۾ جوهي واسي سندس دوست ۽ پاڙيسري پروفيسر عبيد الله عباسي سندس سهائتا ڪئي جيڪو سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڪيمسٽري واري شعبي ۾ پروفيسر هو. هن تعليم جاري رکي ۽ پوءِ سنڌ يونيورسٽي جي ڪيميسٽري جي شعبي ۾ پنهنجي ساڳي دوست جي مدد سان 1971ع ۾ ليب اسسٽنٽ مقرر ٿيو.[1][2]

ادب ۽ شاعري[سنواريو]

راهي چنا 1965ع ۾ ادب جي ميدان ۾ پير پاتو. شروعات شاعري سان ڪيائين. هيءُ سنڌي ادبي سنگت شاخ جوهي ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ سنڌ يونيورسٽي ڪالوني ڄامشورو جو باني ميمبر به رهيو. ادبي سنگت جي ڄاڻايل شاخن جو سيڪريٽري به رهيو. سندس ڪتاب تاج جويو ترتيب ڏنا پر اهي پڌرا ٿي نه سگهيا.[1]

لاڏاڻو[سنواريو]

راهي چنا 16 فيبروري 1997ع تي ڄامشورو ۾ لاڏاڻو ڪري ويو ۽ کيس ريلوي اسٽيشن ڄامشورو پرسان قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.[1][3]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 "چنا راهي : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-01-21. 
  2. "Poets and writers". Aziz Kingrani. حاصل ڪيل 2020-01-21. 
  3. "اڄوڪو ڏينهن 16 فيبروري، تاريخ جي دري مان". SindhSalamat. حاصل ڪيل 2020-01-21.