مواد ڏانھن هلو

رابندرناٿ ٽئگور

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
گروديو
رابندر ناٿ ٽئگور
Rabindranath Tagore
رابندر ناٿ ٽئگور جي تصوير
ٽئگور 1925 ۾
مقامي ٻوليء ۾ نالو রবীন্দ্রনাথ ঠাকুর
پيدائش رابندر ناٿ ٺاڪر
07 مئي 1861(1861-05-07)
ڪلڪتو، برٽش انڊيا[1]
وفات 7 آگسٽ 1941
ڪلڪتو،برطانوي هندستان
ڌنڌو ليکڪ، ڌن ٺاھيندڙ، ڊراما نويس، مضمون نگار، پينٽر،
ٻولي بينگالي انگريزي
قوميت برٽش انڊين
ادبي تحريڪ ڪنٽيڪسچوئل ماڊرن ازم (Contextual Modernism)
مُکيه ڪم گيتاانجلي، گورا (ناول) ، جانا گانا مانا، گھر بار رابندرا سنگيت، امر شونر بنگلا، ورڪس آف رابندر ناٿ ٽئگور
ايوارڊ سانچو:Awd
جيون ساٿي مرنالني ديوي i (ش. 1883–1902)
اولاد 5 (جن مان ٻہ ننڍپڻ ۾ مري ويا )
رشتيدار ٽيگور خاندان

دستخط Close-up on a Bengali word handwritten with angular, jaunty letters.

رابندرناٿ ٽئگور:(انگريزي: Rabindranath Tagore) بنگالي زبان جي عظيم شاعر، فلسفي ۽ تعليمدان رابندرناٿ ٽئگور 7 مئي 1861ع تي ڪلڪتي (هندوستان) ۾ هڪ بنگالي ڪٽنب ۾ جنم ورتو. سندس پيءُ ديوندر ناٿ ٽئگور، برهمو سماج جي ٻن ڌڙن مان هڪ ڌڙي جو رهنما هو. لفظ ’ٽئگور‘، ٺاڪر جي بگڙيل صورت آهي.[2]

ٽيگور جي ذاتي زندگي

[سنواريو]
ٽيگور جي ننڍپڻ جي تصوير

ٽيگور پنھنجي والدين جي تيرھين ٻارن ۾ سڀ کان ننڍو ھو. گھر ۾ کيس پيار ۾ رابي سڏيندا هئا. ھن جو جنم ڪلڪتي جي موجودہ چيت پور روڊ جي دوارڪاناٿ ٽيگور ڳلي نمبر 6 ۾ واقع جوراسنڪو ٺاڪر حويلي (Jorasanko Thakur Bari) ۾ ٿيو. جوراسنڪو ٽيگور يا ٺاڪرن جو ھڪ قبيلائي شاخ جو نالو آهي جنھن نالي سان ھنن جي وڏي حويلي جي سڃاڻپ ھئي ۽ دوارڪا ناٿ ٽيگور جي ڏاڏي جو نالو ھو جيڪو ان گھٽي يا ڳلي تي پئجي ويو..ھن جي پيء جو نالو دابندرناٿ (1817–1905) ۽ ماء ساردا ديوي(1830–1875) ھئي

Black-and-white photograph of a finely dressed man and woman: the man, smiling, stands with the hand on the hip and elbow turned outward with a shawl draped over his shoulders and in Bengali formal wear. In front of him, the woman, seated, is in elaborate dress and shawl; she leans against a carved table supporting a vase and flowing leaves.
ٽيگور پنھنجي زال مرناليني ديوي سان گڏ 1883 جي نڪتل تصوير۾

بچپن ۾ ئي سندس ماءُ فوت ٿي وئي ۽ پيء وري اڪثر ڊگھا سفر ڪندو ھو۽ گھر کان ٻاھر ھوندو ھو جنھنڪري ٽيگور جي پرورش نوڪرن جي سنڀال ۾ ٿي. ھن جو خاندان بينگال جي جاڳرتا ۾ ھر اول صف ۾ ھو. ٽيگور جي والد پنھنجن ٻارن کي ھندي ڪلاسيڪل موسيقي سيکارڻ لاءِ پيشاور ڌروپد موسيقار گھرائي گھر ۾ رھائيندو ھو. ٽيگور جو وڏو ڀاءُ دويجيندر ناٿ ھڪ فلاسفر ۽ شاعر هو، ٻيو ڀاءُ ستيندرناٿ پھريون ھندوستاني ھو جيڪو انڊين سول سروس ۾ آفيسر ٿيو. ھڪ ٻيو ڀاءُ جيوتيرندرناٿ موسيقار، ڪمپوزر۽ ناٽڪ نويس ھيو. ھن جي ڀيڻ سوارنا ڪماري ناول نويس ھئي [3] ھن جي ڀاڄائي جيوتيرندرناٿ جي زال ڪادمبري ديوي ٽيگور کان عمر ۾ ٿوري وڏي ھئي پر ھن جي پياري دوست ھئي جنھن جو ٽيگور جي زندگيءَ تي تمام گهڻو اثر رھيو۽ ان جي 1884 ۾ اچانڪ خودڪشيءَ ھن جي زندگيءَ کي ڪيترائي سال بي حالي ۾ ڌڪي ڇڏيو [4]ھي گھڻي ڀاڱي اسڪول وڃڻ کان پاسو ڪندو هو ۽ اڪثر بولپور ، پانيھٽي ۾ زمينون گھمڻ ويندو ھو [5]سندس ڀاء ھميندرناٿ ھن کي ترڻ، ڪرتب، جوڊو ۽ ڪشتي جي سکيا ڏني. ھن ڊرائنگ، ايناٽامي، جاگرافي، تاريخ، ادب، رياضي، سنسڪرت ۽ انگريزي پڻ سکي[6]ھن کي تعليمي ادارن جي رسمي تعليم کان بيزاري ٿيندي هئي.ھي پريزيڊنسي ڪاليج ۾ داخل ٿيو پر اتي رڳو ھڪ ڏينھن پڙھڻ لاءِ ويو.بعد ۾ ھن اظھار ڪيو تہ حقيقي تعليم شين جي وضاحت نہ ڪندي آهي پر تجسس پيدا ڪندي آهي.[7] فبروري 1873 ۾ جڏھن يارھن سالن جي عمر جو ٿيو ھو تہ پيء سان گڏجي ڪلڪتي کان انڊيا جي مختلف پاسن جي ڊگھي سفر تي نڪتو جنھن ۾ ھنن کي ڪافي مھينا لڳا. ان سفر ۾ ھن پيءُ جي شانتي نڪيتن واري جائداد ۽ امرتسر، دالھوسي واري ھماليہ جي ھل اسٽيشن شھر پڻ گھميو.ان سفر دوران ھن تاريخ، علم نجوم، جديد سائنس، سنسڪرت ۽ ڪاليداس جي ڪلاسيڪي شاعريءَ جو مطالعو ڪيو [8] [9]1873 ۾ امرتسر ۾ قيام جي پھرين مھيني دوران پيء سان گڏ گولڊن ٽيمپل ويندو ھو جتي مڌر يا ترنم واري گرباني ۽ نانڪ باني راڳن کان ڏاڍو متاثر ٿيو جنھن جو ذڪر 1912 ۾ پنھنجي ڪتاب My Reminiscences ۾ پڻ ڪيو اٿائين. [10] ھن ڏک ازم تي 6 نظم لکيا ۽ بينگالي ٻارن جي رسالي ۾ کوڙ مقالا سک ازم تي لکيا [11] ڪلڪتي واپس موٽي 1877 ۾ ھي ڪافي لکي چڪو ھو جن ۾ مائٿيلي ٻوليءَ ۾ ودياپتي نظم پن شامل ھو.[12]

شيلائداھا (Shelaidaha) بنگلاديش ۾ ٽيگور خاندان جو گھر

دبيندرناٿ جي خواھش ھئي تہ رابندر بئريسٽر ٿئي. 1878 ۾ ھي انگلينڊ جي ايسٽ سسيڪس(East Sussex,) ، برگٽن (Brighton) پبلڪ اسڪول ۾ داخل ٿيو. انگلينڊ ۾ برگٽن(Brighton) ۽ ھوو(Hove) جي ڀرسان مدينہ ولاز ۾ ٽيگور خاندان جو ذاتي گھر ھيو جتي ڪافي مھينا رهيو. 1877 ۾ ھن جي ڀاء ستيندرناٿ جو پٽ سورين ۽ ڌيء اندرا ديوي چوڌراني ۽ انھن جي ماء بہ اتي اچي ھن سان گڏ رھڻ لڳا[13] ھي ٿورڙو وقت يونيورسٽي ڪاليج لنڊن ۾ قانون پڙھيو پر جلد ئي ڪاليج ڇڏي ڏنائين ۽ پاڻمرادو شيڪسپيئر جا ناٽڪ ڪاريولينس(Coriolanus )،اينٽوني اينڊ قلوپطرہ(Antony and Cleopatra) ۽ ٿامس برائون Thomas Browneرليجيو ميڊيڪ ([Religio Medici).زندگي سان ڀرپور انگريزي، آئرش ۽ اسڪاٽش لوڪ ڌنن ٽيگور کي ڏاڍو متاثر ڪيو[14] ھي 1880 ۾ ڊگري حاصلڪرڻ کان سواءِ بينگال موٽي آيو ان خيال سان تہ برھمو ريتن ۽ انگريزي نواڻ کي ملائي ان بھترين انتخاب ڪري [15]بنگال ۾ ھن باقاعده نظم، ڪھاڻيون ۽ ناول شايع ڪرڻ شروع ڪيا جن جي بينگال ۾ تہ مشھوري ٿي پر پوري ھندوستان ۾ ايڏي توجھ حاصل ڪري نہ سگھيا [16]ھن 1883 ۾ شادي ڪئي ان وقت سندس زال جي عمر ڏھ سال ھئي. [17] مرناليني ديوي(1873–1902) ڀاباتارني (Bhabatarini) ۾ پيدا ٿي. رابندر ناٿ کي ان مان پنج ٻار جن مان ٻہ ننڍپڻ ۾ مري ويا[18]

پدما نالي سان ٽيگور خاندان جو ذاتي ٻيڙو

1890 ۾ ھن موجوده بنگلاديش جي علائقي شيلائداھا (Shelaidaha) ۾ پنھنجي زرعي زمين سنڀالڻ شروع ڪئي جتي 1898۾ ھن جي زال ۽ ٻار بہ ساڻس گڏ رھيا. 1890 ۾ مناسي نظم جاري ڪيا[19]

Posed group black-and-white photograph of seven Chinese men, possibly academics, in formal wear: two wear European-style suits, the five others wear Chinese traditional dress; four of the seven sit on the floor in the foreground; another sits on a chair behind them at centre-left; two others stand in the background. They surround an eighth man who is robed, bearded, and sitting in a chair placed at centre-left. Four elegant window are behind them in a line
سنگوئا(Tsinghua) يونيورسٽيءَ ۾ 1924

1901 ۾ ٽيگور شانتي نڪيتن ۾ رھائش اختيار ڪئي۽ اتي ھڪ آشرم جو بنياد وڌو جنھن ۾ سنگمرمر جي فرش وارو عبادت لاءِ وڏو ھال، ھڪ تجرباتي اسڪول، وڻن جون گھاٽيون، باغ ۽ ھڪ لائبريري ٺھرائي. [20] ھن جي زال ۽ٻہ ٻار بہ اتي گذاري ويا.19 جنوري 1905 ۾ ھن جو پيءُ بہ وفات ڪري ويو. وراثت ۾ ماھوار ادائگيون ۽ مھاراجہ [تريپورہ]] کان ھن جي خانداني زيورن ۽سمنڊ ڪناري پوري واري بنگلي جي وڪري جو حصو مليو [21]

جرمني ۾ ، 1931
1941 ۾ نڪتل ٽئگور جي آخري تصوير

مئي 1932 ۾ ٽئگور عراقي رڻ پٽ ۾ بدو قبيلن جي ڪئمپ جو دورو ڪيو جتي ھڪ بدو سردار کيس حديث ٻڌائي تہ سچو مسلمان اھو آھي جنھن جي زبان۽ ھٿ کان ڪنھن ٻئي مسلمان کي ڪو نقصان نہ ٿئي. ٽئگور انھن لفظن تي پنھنجي ڊائري ۾ لکيو آهي تہ: "انھن لفظن ۾ مون کي حقيقي انسانيت جو خيال ذھن ۾ آيو "[22]

نوبل پرائيز ۽ خطاب

[سنواريو]
1930 ۾ آئن اسٽائن سان گڏ
Group shot of dozens of people assembled at the entrance of an imposing building; two columns in view. All subjects face the camera. All but two are dressed in lounge suits: a woman at front-center wears light-coloured Persian garb; the man to her left, first row, wears a white beard and dark-coloured oriental cap and robes.
ايراني پارليامينٽ يا مجلس ايران، تھران ۾ 1932 ۾ [23]

نومبر 1913 ۾ ٽيگور کي خبر پئي تہ کيس سوڊيش اڪيڊمي ادب جو نوبل انعام ڏنو آهي جيڪو کيس سندس ڪتاب گيتا انجليءَ تي مليو جنھن جو 1912 ۾ انگريزي ۾ ترجمو ٿيو ھو. 1915 ۾ ڪنگ جارج پنجين جي جنم ڏينھن تي کيس سر جو خطاب (knighthood) مليو جيڪو ھن 1919 ۾ جليانوالا باغ واري قتل عام تي واپس ڪري ڇڏيو.[24]کيس 1913ع ۾ سندس شاعري جي ڪتاب ”گيتانجلي“ جي انگريزي ترجمي تي نوبل انعام ڏنو ويو هو. هن ڪتاب جو انگريزي ترجمو پاڻ ڪيو هئائين.1915ع ۾ ئي جليانوالا قتل عام تي احتجاج طور انگريزن کي موٽائي ڏنو.[25]

اوسر ۽ خدمتون

[سنواريو]
رابندرناٿ ٽئگور۔

ٽئگور بنيادي طور برهمڻ هو، جن وٽ علم ۽ دانش جي هڪ ڊگھي روايت موجود رهي آهي. کيس گهرو ماحول ئي اهڙو مليو، جنهن ۾ هن جو ذهن اعليٰ قدرن واري سماج ڏانهن راغب ٿيو ۽ سندس سوچ اعليٰ شعور جي روپ ۾ اُسري. مغربي دنيا ۾ ٽئگور فلسفيءَ کان وڌيڪ شاعر جي حيثيت ۾ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. ٽئگور بنگالي ادب ۾ ڪلاسيڪي سنسڪرت بجاءِ عوامي ٻولي بنگاليءَ جو استعمال ڪيو ۽ هندستاني معاشري جي ڪن خاص پهلوئن کي مغرب سان متعارف ڪرايو. ٽئگور جو فڪر مذهب ۽ فلسفي جي ميلاپ مان وجود ۾ آيل آهي. سندس ادبي سرمائي ۾ شاعريءَ جو وڏو حصو آهي، جيڪو لڳ ڀڳ ٻن هزارن کان مٿي گيتن تي مشتمل آهي ۽ سندس گيتن کي بنگالي ادب ۾ خاص جاءِ ڏني ويئي ۽ انهن گيتن کي ’رابندر سنگيت‘ جو نالو ڏنو ويو. پوءِ به هن ناول، افسانا، سفرناما، ڊراما ۽ ٻيا کوڙ مضمون لکيا آهن. رابندر ناٿ ٽئگور جو ڏاڏو دوارڪا عربي ۽ فارسي دانيءَ ۾ پنهنجي وقت ۾ ڏاڍو مشهور هو. سندس خاندان ۾ سنسڪرت ۾ لکيل قديم ڌرمي ڪتابن سان گڏ اسلامي روايتن ۽ فارسي ادب سان گھري دلچسپي قائم رهندي آئي. اهو ئي سبب آهي، جو ٽئگور جي لکڻين ۾ ننڍي کنڊ جي مختلف ڌرمن ۽ تمدني روايتن جون جھلڪيون چٽيون نظر اچن ٿيون. سندس نثر ۾ سماجي سوالَ، سياسي خيال ۽ تعليمي تصورن سان گڏ عالمي ڀائيچاري جي جھلڪ ملي ٿي، جڏهن ته سندس شاعريءَ ۾ مذهب ۽ روحانيت سان گڏوگڏ فطرت ۽ زندگي جي سُرور جو عڪس موجود آهي. سندس شاعريءَ جون جڙون حب الوطني ۽ عالمي ڀائيچاري ۾ کتل نظر اچن ٿيون. ادبي تاريخ ۾ ٽئگور جي اهميت جو اندازو ان حقيقت مان لڳائي سگھجي ٿو ته هندوستان ۽ بنگلاديش ٻنهي ملڪن سندس گيتن کي پنهنجي قومي تراني ۾ شامل ڪيو آهي. سندس ڪارنامن ۾ هڪ وشوا ڀارتي (Vishva-Bharti) يونيورسٽيءَ جو قيام ۽ ٻيو مغربي بنگال ۾ ”شانتي نڪيتن“ آشرم جو قيام آهي، جيڪو ادب، سنگيت، مصوريءَ ۽ سنگتراشيءَ جي علم جو وڏو مرڪز رهيو آهي. شانتي نڪيتن جهڙي درسگاهه جي قيام ۾ سندس پيءُ جو ساڻس وڏو ساٿ رهيو، جو هن پنهنجي وسيع جاگير مان زرعي زمين جو ڪافي حصو هن اداري لاءِ وقف ڪيو. هن اداري جي شاگردن مان 1922ع جي آسڪر ايوارڊ يافته فلم ساز ستيه جيت راءِ، 1998ع ۾ نوبل انعام حاصل ڪندڙ امرتاسين ۽ اڳوڻي هندوستاني وزيراعظم اندرا گانڌي کان سواءِ سنڌ جو مشهور سياستدان ۽ دانشور سوڀو گيانچنداڻي شامل آهن.[26]

ڪتاب

[سنواريو]

سندس ڪتابن جي هڪ ڊگھي لسٽ آهي، جنهن مان ڪي ڪتاب هيٺ ڏجن ٿا.[27]:

(1)ڪبي ڪهني (1878:A poets tale)،
(2)سنڌيا سنگيت (1882ع)،
(3)پرڀات سنگيت (1883ع)،
(4) راجشاهي (1887ع)،
(5) راجا اوراني (1889ع)،
(6) وسرگان (1890ع)،
(7) مناسي (نظم:1890ع)،
(8) چتر لگدا (ڊراما:1892ع)،
(9) يورپ جاتر ڊائري (93-1891ع)،
(10) والميڪي پرتيا (1893)،
(11) سونارتاري (شاعري: 1894ع)،
(12)ڪٿا (1900ع)،
(13) ڪلپنا (1900ع)،
(14)نئه وديا (1901ع)،
(15) نشتنير (ٽٽل آکيرو-1901ع)،
(16)شرڻ (1902ع)،
(17) ڇوڇر بالي (اک سور: 1905ع)،
(18) گورا(ناول: 09-1907ع)،
(19)گال پگوڇا (ڪهاڻيون: 1912ع)،
(20) چناپترا (1912ع)،
(21)گيتانجلي (نثري نظم:1912ع)،
(22) جبان سمرتي (1912)،
(23) ڊاڪ گهر (1912ع)،
(24)دي ڪريسنٽ مون ( The Crescent Moon )، (1913)
(25)گلمپسز آف بينگالي لائيف، ،(Glimpses of Bengali Life)، (1913)،
(26)د ھنگري اسٽونز اينڊ اڌر اسٽوريز، The Hungry stones and other) stories), ,(1913)،
(27)چترا (1914ع)،
(28) سڌنا(1914ع)،
(29)چترنگا (1916)،
(30) اسٽوريز فرام ٽيگور ,( Stories from Tagore) ،
(31) جپان جاتري (1919ع)،
(32)گريٽر انڊيا ,( Greater India), (1921)،
(33)ليٽرز فرام ابراڊ ,(Letters from Abroad ), ,(1924)،
(34)بروڪن ٽائز اينڊ اڌر اسٽوريز، (Broken ties & other stories)، ،(1925)،
(35) رابندر ناٿ ٽئگور: 22 پوئمز (Rabindranath Tagore:22 poems), (1925)،
(36) ناتر پوجا (1926ع)،
(37)ليٽرز ٽو آ فرينڊ٫ (Letters to a friend )٫ (1928)،
(38) شيشر ڪويتا (1929ع)،
(39) جاتري (1929ع)،
(40) ياگا يوگ (1929ع)،
(41)د ريليجن آف مئن, ( The religion of man ), (1940)،
(42)مھاتمائي اينڊ ڊپريسڊ ھيومنٽي (Mahatmahi and Depressed Humanity) (1932)،
(43)دي گولڊن بوٽ (The Golden Boat) (1932)،
(44) چار اڌيايہ (1934ع)،
(45) شيش سپتڪ (1935ع)،
(46) پترا پُوت (1936ع)،
(47)ڪليڪٽيڊ پوئمز اينڊ پليز Collected Poems and Plays ( 1936)،
(48) سيمجوتي (1938ع)،
(49) پرانتڪ (1938ع)،
(50) سياما (1939ع)،
(51) آڪاس پرديپ (1939ع)،
(52) نباجاتڪ (1940ع)،
(53) جنم دني (1941ع)،
(54) لاسٽ پوئمز (Last Poems), (1941)،
(55)ڪرسس ان سولائيزيشن (Crisis in Civilization) (1950)،
(56)مور اسٽوريز فرام ٽيگور (More Stories form Tagore) (1951)،
(57)آ ٽيگورس ٽيسٽمينٽ(A Tagores’ Tastement) (1955)،
(58)ونگز آف ڊيٿ (Wings of Death) (1960)،
(59)آن آرٽ اينڊ ايسٿيٽڪس (On Art and Aesthetics (1961)،
(60) رابندر رچنا بلي (27 جلدن ۾ ) (37-1934ع)،
(61) رابندر ناٿ ٽئگور: سليڪٽيڊ پوئمز (Rabindranath Tagore: Selected Poems) (1985)،
(62)سليڪٽيڊ شارٽ اسٽوريز: رابندر ناٿ ٽئگور(Rabindranath Tagore Selecte Short Stories) (1991).

رابندرناٿ جو سمورو شعري ذخيرو، ڪيترا ناول ۽ ڪهاڻيون ورهاڱي کان اڳ سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿي چڪيون هيون. ٽئگور جا شعري مجموعا ”گيتانجلي“ ۽ ”پريت جا گيت“ منگهارام ملڪاڻي جهڙي عالم منظوم سنڌي ترجمو ڪيا هئا، جيڪي 41-1940ع ۾ ڇپيا. سندس ڪيترا ناول جن ۾ ’گورا‘ ۽ ’اک‘ سور شامل آهن، نه رڳو ورهاڱي کان اڳ پر پوءِ به سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿي ڇپيا آهن. ’اک سور‘ ته ساهتيه اڪادمي دهليءَ ڇپايو آهي. سنڌيءَ جي وڏي شاعر ڪشنچند بيوس ٽئگور جي شاعريءَ جي اڀياس لاءِ انگريزي سِکي ۽ ڪيترن سالن تائين لاڙڪاڻي ۾ ٽئگور ڪلاس هلايا. ٽئگور جي شعر ۽ نثر جو سنڌي ادب تي وڏو اثر آهي.[28]

مڃتا

[سنواريو]
جواھر لال نھرو سان گڏ

بنگالي ادب جي هزار سالا تاريخ ۾ ٽئگور جھڙو قدآور شخص نظر ڪونه ٿو اچي. سندس گيتن کي اڄ به لکين بنگالي جيءَ ۾ جايون ڏيندا آهن. مارچ 1913ع ۾ گيتانجليءَ جو انگريزي ترجمو لنڊن مان ڇپيو هو. نومبر ۾ ان کي انعام جو مستحق قرار ڏنو ويو. انهي وچ ۾ ان جا ڏهه ڇاپا ڇپجي چڪا هئا. ٽئگور وٽ ماڻهن جي آزاد زندگيءَ ويچارن کي وڏي اهميت رهي آهي. ٽئگور، هندستان جي عظيم رهنما گانڌيءَ جو وڏو پرستار هو، هن ڪڏهن به گانڌيءَ جي قوم پرستيءَ کي شڪ جي نظر سان نه ڏٺو. سندس گانڌيءَ سان ڪيترن نڪتن تي اختلاف به رهيو، پر هو گانڌيءَ جي سياسي صلاحيتن جو هميشه متعرف رهيو. هن ئي گانڌيءَ کي ”مهاتما“ جو لقب ڏنو ۽ ان کي مقبول بنايو. زندگيءَ جي آخري گھڙين ۾ هو هندوستان جي مستقبل مان مايوس ٿي چڪو هو.[29]

ٽئگور ۽ سنڌ

[سنواريو]

ٽئگور ۾ حيرت انگيز جامعيت هئي. سندس فن ۾ مشرق ۽ مغرب جو حسن و جمال سمايل هو. ٽئگور شاعر هو، اديب هو، مصور هو، صوفي هو، رقاص هو، انشاپرداز هو، افسانه نگار هو، ليڊر هو، رفارمر هو: مڪمل طرح هڪ آدرشي انسان هو. سندس ”شانتي نڪيتن“ دل ۽ دماغ، جسم ۽ روح جي زندگيءَ ۽ تربيت جو جڳ مشهور مثالي ادارو آهي، ۽ سندس تحريرون انساني وحدت ۽ عرفانءِ خوديءَ جون اهي سدا حيات نهرون آهن، جي اڄ به روان آهن، ۽ اڃايل روحن کي سيراب ڪري رهيون آهن. ٽئگور فطرت جي حسن و جمال جو عاشق، ڪائنات جي مترنم ۽ نغمه ريز ڪَلا جو نقاش، حسن ۽ حق جو متلاشي، عالمگير محبت جو مبلغ، ۽ سونهن ۽ ورونهن جو پريمي هو. ٽئگور جو روح، مولانا روميءَ جي روح وانگر، ’فراق‘ جو پيغامبر هو. سندس روح ۾ ڪا ازلي اُڃ هئي. سندس روح هن شر ۽ فساد جي پيچ درپيچ ۽محدود دائرن ۾ ائين پَرَ هڻي رهيو هو، جيئن پرندو ڪنهن رنگين ۽ حسين پڃري ۾ ڦاسي، وسيع ۽ آزاد دنيا لاءِ پيو واجهائي ۽ پَرَ ڦڙڪائي. ٽئگور پنهنجيءَ وجدآور ۽ قربائتيءَ شخصيت سان پوريءَ دنيا کي موهي وڌو. مغرب سندس سنگيت ۽ مصوريءَ ۾ پنهنجي فن جو ڪمال ڏٺو؛ مشرق سندس حسن آفرين ۽ نغمه ريز انشا ۽ تحريرن ۾ الهام جو رنگ مطالع ڪيو. ٽئگور اسلام ۽ ان جي صوفيانه نقطه نظر، خاص طور وحدت الوجود جي فلاسافيءَ کي گهڻو ساراهيو آهي، ۽ ان کي انساني وحدت لاءِ هڪ بهترين وسيلو قرار ڏنو اٿس؛ هندو ويدانت، خاص طور اُپنشد فلاسافيءَ جو شائق هو. ٽئگور سنڌ ۾ به آيو. حيدرآباد ۾ به پير پاتائين ۽ هت تقريرون به ڪيائين. گدو بندر تي سج اڀرڻ جو نظارو ڏسي چيائين: ”سج جي اڀرڻ جو ههڙو نظارو ٻيو ڪٿي به ڪين نظر آيو اٿم!“ سنڌ ۽ سنڌي قوم، سنڌي سنگيت ۽ شاعريءَ جو دل کولي داد ڏنو اٿس[30][31]

وفات

[سنواريو]

هن 17 آگسٽ 1941ع تي ڪلڪتي ۾ وفات ڪئي.[32]ھن جي زندگيءَ جا آخري پنج سال سخت بيماري ۽ سور ۾ گذريا. 1937جي پوئين دؤر ۾ بيماري جي ڪري ڪجهه وقت ڪوما وانگر بيھوشي ۾ ھليو ويو ۽ مرڻينگ ٿي ويو. وري ٻيھر 1940 جي پڇاڙي ۾ ڪوما ۾ ھليو ويو ھوش ۾ تہ پوء اچي ويو پر صحتياب نہ ٿي سگھيو اھڙي طرح جوراسنڪو حويليءَ جي پھرين منزل جي ھڪ ڪمري ۾ 17 آگسٽ 1941 ۾ وفات ڪري ويو.[33]

حوالا

[سنواريو]
  1. "Rabindranath Tagore - Facts". NobelPrize. 
  2. "ٽئگور رابندرناٿ". انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جي-ويب سرزمين). سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد. حاصل ڪيل 26 نومبر 2017ع.  Check date values in: |access-date= (مدد)
  3. Sree, S. Prasanna (2003). Woman in the novels of Shashi Deshpande : a study (1st ed.). New Delhi: Sarup & Sons. p. 13. ISBN 8176253812. https://books.google.com/books?id=-bXCWuy8ccMC&pg. Retrieved 12 April 2016. 
  4. Paul, S. K. (1 January 2006) (en ۾). The Complete Poems of Rabindranath Tagore's Gitanjali: Texts and Critical Evaluation. Sarup & Sons. p. 2. ISBN 9788176256605. https://books.google.com/books?id=IproIa_rIv8C&pg. Retrieved 12 April 2016. 
  5. {}
  6. {Sfn|Dutta |Robinson|1995|pp=48–49}
  7. {Sfn|Dutta|Robinson|1995|pp=50}
  8. (Dutta & Robinson 1995, pp. 55–56).
  9. (Stewart & Twichell 2003, p. 91).
  10. literature.com/tagore rabindranath/myreminiscences/14/ "A journey with my Father" Check |url= value (مدد). My Reminiscences. 
  11. Dev, Amiya (2014). "Tagore and Sikhism". Mainstream weekly. http://www.mainstreamweekly.net/article5261.html. 
  12. (Stewart & Twichell 2003, p. 3).
  13. {Sfn|Dutta |Robinson|1995|p=68}
  14. {Sfn|Thompson|1926|p=31}
  15. {Sfn|Tagore |Dutta|Robinson|1997|pp=11–12}
  16. Guha, Ramachandra (2011). Makers of Modern India. Cambridge, Massachusetts: Belknap Press of Harvard University. pp. 171. 
  17. Dutta, Krishna; Robinson, Andrew (1997). Selected Letters of Rabindranath Tagore. Cambridge University Press. p. 13. ISBN 978-0521590181. https://books.google.com/books/about/Selected_Letters_of_Rabindranath_Tagore.html?id=v08xxlHuWtUC. Retrieved 27 April 2016. 
  18. {Sfn|Dutta|Robinson |1995|p=373 }
  19. {Sfn|Scott |2009|p=10}
  20. {Sfn|Dutta|Robinson|1995|p=133}
  21. {Sfn|Dutta|Robinson |1995|pp=139–140}
  22. {Sfn|Dutta|Robinson|1995|p=317}
  23. Flickr 2006.
  24. "The Rowlatt Satyagraha". Our Pasts: Volume 3, Part 2 (Revised 2014 ed.). India: NCERT. 2014. p. 148. ISBN 9788174508386. 
  25. "ٽئگور رابندرناٿ". انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جي-ويب سرزمين). سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد. حاصل ڪيل 26 نومبر 2017ع.  Check date values in: |access-date= (مدد)
  26. "ٽئگور رابندرناٿ". انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جي-ويب سرزمين). سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد. حاصل ڪيل 26 نومبر 2017ع.  Check date values in: |access-date= (مدد)
  27. "ٽئگور رابندرناٿ". انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جي-ويب سرزمين). سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد. حاصل ڪيل 26 نومبر 2017ع.  Check date values in: |access-date= (مدد)
  28. "ٽئگور رابندرناٿ". انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جي-ويب سرزمين). سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد. حاصل ڪيل 26 نومبر 2017ع.  Check date values in: |access-date= (مدد)
  29. "ٽئگور رابندرناٿ". انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جي-ويب سرزمين). سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد. حاصل ڪيل 26 نومبر 2017ع.  Check date values in: |access-date= (مدد)
  30. {عظيم فنڪارن ۽ دانشورن جون ورسيون: مھراڻ رسالو 1961 جلد ڏھون: مولانا گرامي جا ٽيگور تي تاثرات}
  31. http://www.sindhiadabiboard.org/Catalogue/mehran/Book5/Book_page2.html.  Missing or empty |title= (مدد)
  32. "ٽئگور رابندرناٿ". انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جي-ويب سرزمين). سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد. حاصل ڪيل 26 نومبر 2017ع.  Check date values in: |access-date= (مدد)
  33. {Sfn|Dutta|Robinson|1995|p=363 -367}

حوالي جي چڪ: <ref> tag with name "FOOTNOTEThompson192621–24" defined in <references> is not used in prior text.

حوالي جي چڪ: <ref> tag with name "FOOTNOTEDas2009" defined in <references> is not used in prior text.