مواد ڏانھن هلو

سوڀو گيانچنداڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي
پيدائش مئي 03 1920(1920-05-03)
ڳوٺ ٻنڊ لاڙڪاڻو، برٽش انڊيا
وفات ڊسمبر 08 2014(2014-12-08)
لاڙڪاڻو، پاڪستان
ڌنڌو دانشور، سياستدان، وڪيل
ٻولي اردو، سنڌي
قوميت  پاڪستانپاڪستاني
مادرِ علمي شانتي نڪيتن

ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي:(انگريزي: Comrade Sobho Giyanchandani) سنڌ جو مشھور دانشور ۽ ترقي پسند تحريڪ جو ڪميونسٽ اڳواڻ ۽ ھڪ مشھور وڪيل ھيو جنھن کي رابندر ناٿ ٽئگور دي مين فرام موهن جو درو سڏيندو ھيو. ھي موهن جي دڙي لڳ ھڪ ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو ۽ لاڙڪاڻي جي جاڙل شاھ محلي ۾ رھندو ھو.

زندگي جو احوال

[سنواريو]

تاريخ 3 مئي سال 1920ع تي دنيا جي سڀ کان وڏي مهذب ثقافتي ماٿري موهن جي دڙي ڀرسان ماڻڪ ملهار جهڙي پياري ڳوٺ ”ٻنڊ“ اڳوڻو تعلقو ”لب دريا“ هاڻي ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ديوان تنورمل جي گهر ۾ ڄائو. هن مادري ٻولي (پرائمري) ڳوٺ بگيءَ جي اسڪول ۾ ماڻي. انگريزي تعليم لاءِ پهريان اي- وي اسڪول قمبر، تنهن بعد گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو ۽ پوءِ 1935 ۾ بمبئي يونيورسٽي سان لاڳاپيل اين جي وي هاءِ اسڪول ڪراچيءَ ۾ پڙھيو جتان ميٽرڪ پاس ڪيائين. ڪراچي ۾ پڙهڻ دوران هوبندر روڊ ”چداڪاشي“ مندر ۾ رهندو هيو. اسڪول جي ڪتابن بجاءِ علم ادب جا ڪتاب رسالا شوق سان پڙهندو هيو. سوڀو 1936ع دوران تحقيق ۽ ادب ڏانهن مائل ٿيو ۽ پهريون دفعو سندس اسڪول مئگزين ۾ مضمون گرديو ٽئگور بابت شايع ٿيو. جون 1937ع ۾ ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچي ۾ داخلا ورتي. جتان 1939ع ۾ انٽر پاس ڪيائين پوءِ ٽئگور جي ڪاليج ”شانتي نڪتين“ ۾ داخلا ورتائين. سال 1941ع ۾ بي اي پاس ڪيائين[1].ڪامريڊ سوڀراج گيانچنداڻي سال 1941ع ۾ تعليم مڪمل ڪري سنڌ پهتو ۽ ساڳي سال ۾ سندس شادي ٿي. سال 1942ع سوڀو صاحب ايس ايم لا ڪاليج ڪراچي ۾ ايل ايل بي ۾ داخلا ورتي جيڪا مسلسل تحريڪن ۽ جيلن سبب مڪمل ڪري نه سگهيو ۽ پوءِ 1970ع ۾ لا ڪاليج لاڙڪاڻو مان پاس ڪيائين. ڪامريڊ سوڀو صاحب جي ذهن ٽئگور ڪاليج جي تعليمي عرصي ۾ مارڪسواد ڏانهن لاڙو کاڌو هن سنڌ اچڻ بعد پروڪميونسٽ مضمون لکڻ شروع ڪيا. هن دور ۾ مهاتما گانڌي ۽ جواهر لعل نهرو جون آتم ڪٿائون ۽ ٽئگور جا گيت سنڌي ٻولي ۾ ترجمو ٿي ”سنڌ ساهت“ وسيلي نوجوانن تائين پهچايا ويندا هئا، هڪ نئين قسم جي دنيا جنم وٺي رهي هئي. روس واري انقلاب جي علم ادب شاگردن جي دلين ۾ هلچل مچائي ڇڏي هئي، سندن ذهن کي ڪجهه ڪرڻ لاءِ مجبور ڪري ڇڏيو هيو. سوامي وويڪا نند ۽ راجا رام تيرٿ راءِ ”هندومت“ کي سوشلزم طور پيش ڪيو. ڪامريڊ سوڀي جي ذهن تي به مهاتما گانڌي جي سوچ ۽ شخصيت جو اثر هيو. ڪامريڊ سوڀي جي مائٽن جي تمنا هئي ته هو ڪو اعليٰ سرڪاري عهدو ماڻي پر سوڀو صاحب ته پنهنجي لاءِ سورن ڀريل سماج جي تباهي لاءِ بغاوت جو جهنڊو سنڀاليو. ڪراچي پهچڻ بعد سوڀو صاحب شاگرد هلچل ۾ سرگرم ٿي ويو ۽ جلد ئي ان وقت ”سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن“ جو جنرل سيڪريٽري چونڊيو. هي اهو زمانو هيو جڏهن ڪانگريس پاران مهاتما گانڌي انگريزي سرڪار کي 8 آگسٽ 1942ع ”هندستان خالي ڪيو“ تحريڪ جو اعلان ڪيو هيو. سوڀو صاحب پڻ سيڪريٽري سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي حيثيت ۾ تمام شاگرد ساٿين سان گانڌي جي آزادي واري تحريڪ ۾ نروار ٿيو. نتيجي ۾ 11 آگسٽ 1942ع تي سندس گرفتاري جا وارنٽ جاري ٿيا. پر ڪامريڊ سوڀو گرفتار ٿيڻ بدران زير زمين هليو ويو. انگريز حاڪم وٺ پڪڙ شروع ڪئي. جلسا جلوس هڙتالون، لاٺي چارج ۽ گولي روزانو جو رواج بڻجي ويو هيو. سوڀو صاحب انهن انقلابي ڪمن ۾ انڊر گرائونڊ ٿي ڀرپور حصو وٺندو رهيو ۽ سنڌ جي نوجوان کي هن سامراج دشمن تحريڪ لاءِ تيار ڪندي آخر پاڻ به گرفتار ٿي پيو ۽ 24 جنوري 1943ع کان جولائي 1944ع تائين جيل ۾ رهيو. هتي سندس قيد واري عرصي ۾ هيمون ڪالاڻي کي ڦاهي تي چاڙهيو ويو. سوڀو صاحب کان علاوه گوبند مالهي، ڪيرت ٻاٻاڻي، سيتل درياڻي ۽ حيدرآباد، سکر، نوابشاهه، شڪارپور جا دوست به گرفتار ٿيا. حيدرآباد جيل ۾ سوڀو صاحب سان جيرا مداس دولترام، هريداس لالجي، نارائڻ داس پيچر، محمد امين کوسو ۽ نرائڻداس رتن مل ملڪاڻي ساڻ ملاقات ٿي. جيل ۾ هنن هڪ علمي مرڪز به قائم ڪيو ۽ جيل ۾ ذهني اوسر لاءِ پاڻ کي تيار ڪيو. 18 مهينن بعد جيل مان آزاد ٿيڻ شرط سوڀو صاحب سماجي ڀلائي جا ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. ان وقت ڪسان مزدور پارٽي ۽ ڪميونسٽ پارٽيون روشن خيال انقلابين لاءِ واحد سياسي پارٽيون هيون.

       سال 1945ع ۾ جڏهن سيد جمال الدين بخاري ڪراچي پهچي مزدور راڄ لاءِ ڪم شروع ڪيا ته ان وقت ڪراچي نوجوان ڪامريڊن جو مضبوط ڳڙهه هيو. بيگم شاني بخاري جي گهر ۾ شام جو سڀ نوجوان ڪارڪردگي رپورٽ ڏيڻ لاءِ پهچندا هيا. مزدور تحريڪ ۾ اڳواڻي ڪامريڊ جمال الدين بخاري ڪندو هيو. جڏهن ته ٻيا نوجوان گوبند مالهي رسالو ”نئين دنيا“ سوڀي صاحب تنظيم ۽ تقرير، موهن پنجابي، وپنو ڀارتي، نارائڻ داس ٻيجر ۽ علي احمد بروهي تي هڪ گروپ ڪراچي جي مختلف چوراهن تي ڪاٺيءَ جا اسٽول رکي تقريرن ذريعي عوام ۾ مزدور راڄ ۽ مزدور انقلاب جو درس ڏيندا هئا.[1]ادب جي دنيا ۾ سوڀو سال 1944ع کان ”سنڌي ادبي سنگت“ جو باني ميمبر آهي. هن گهڻو ڪري مختصر ڪهاڻيون، تحريڪن، تنظيمن بابت لکيون. ڪامريڊ سوڀي جي جيلن، گرفتاري يا نظربندي واري دور جو رڪارڊ شاندار آهي، سڀ کان اول 1943ع ۾ گرفتار ٿيو. پوءِ نيوي تحريڪ ۾ فيبروري 1946ع ۾ گرفتار ٿيو.

پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سوڀو صاحب اپريل 1948ع ۾ گرفتار ٿيو. هن موقعي تي تمام گهڻيون گرفتاريون ٿيون ۽ سمورا ٽريڊ يونين ليڊر ۽ ڪميونسٽ پارٽي ورڪر جيل ۾ هليا ويا، سوڀو صاحب وري لڳاتار چئن سالن بعد مارچ 1952ع ۾ فيڊرل ڪورٽ جي فيصلي عنوان سوڀو گيانچنداڻي... ڪرائون مطابق آزاد ٿيو، لڳاتار اذيت ۽ تڪليفن خراب کاڌو ملڻ سبب سوڀو صاحب بيمار ٿي پيو.[1]. سال 1953ع ۾ سنڌ صوبي اندر صوبائي اسيمبلي جون چونڊون منعقد ٿيون، ڪامريڊ سوڀو سنڌي عوامي محاذ پاران اسيمبلي جي چونڊن ۾ حصو ورتو. ان وقت لاڙڪاڻو، دادو، نوابشاهه ۽ سانگهڙ چار ضلعا هڪ هندو تڪ هيو. ان وقت سنڌ جي جاگيردارن ۽ وڏيرن خلاف هاري ورڪرن ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي پليٽ فارم تان جدوجهد ۽ جاڳرتا شروع ٿي چڪي هئي، وڏيرن جي مقابلن ۾ غريب مزدور ۽ هارين جا نمائندا به بيهڻ لڳا هيا، سنڌي عوامي محاذ پاران 24 کن اميدوار صوبائي اسيمبلين ۾ بيٺا جڏهن ته محترم جي ايم سيد گروپ جا اٽڪل 8 اميدوار بيٺا. ڪامريڊ سوڀي جي مقابلي ۾ هڪ گبر سيٺ سيرو مل ڪرپال داس ٻيراڻي وارو پير صاحب پاڳارو ۽ مسلم ليگ جي حمايت سان بيٺو هيو. ڪامريڊ سوڀي جا لاڙڪاڻي ۾ اليڪشن نگران مولوي نذير حسين جتوئي ۽ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ايڊووڪيٽ دوست محمد ابڙو وڪيل نبي بخش کوسو، غلام نبي کوسو هيا. جڏهن ته ڪراچي کان اڄ جا مشهور سرجن ڊاڪٽر هاشمي، ڊاڪٽر خواجه معين ۽ ڊاڪٽر اديب الحسن رضوي ڊائو ميڊيڪل ڪاليج جا ترقي پسند شاگرد هيا اهي به سوڀي صاحب جي ورڪ ۾ هزارين رپيا ۽ سائيڪلون کڻي پهتا، سڄي سنڌ جي هاري ورڪرن محنت ڪئي پر اليڪشن ۾ داخل 18 هزار ووٽن مان سوڀو صاحب 6 هزار ووٽ کنيا ۽ اليڪشن سرمائيدار کٽي ويا.[1].ڪميونسٽ پارٽي تي بندش پوڻ بعد وري جولائي 1954ع کان مارچ 1956ع تائين جيل ۾ رهيو. 1958ع ۾ صدر جنرل محمد ايوب خان واري مارشل لا لڳڻ بعد کيس گرفتار ڪري حيدرآباد جيل ۾ فيبروري 1959ع تائين رکيو. پوءِ شاهي قلعي لاهور جي اونداهي ڪال ڪوٺڙي ۾ مهمان رهيو، جتان لاهور هاءِ ڪورٽ کيس آزاد ڪيو. جون 1959ع کان مارچ 1964ع تائين پنهنجي ڳوٺ ٻنڊي ۾ نظر بند رهيو، جتي سرڪار هڪ اسڪول ماستر منگي کي پگهار ڏئي مٿس نظر داري لاءِ مقرر ڪيو، جڏهن هو نظر بند هيو تڏهن ان وقت جمال ابڙو صاحب ۽ تاج محمد ابڙو صاحب وٽس آيا ته ۽ گذارش ڪيائون ته هندستان ۽ چين جي وچ ۾ هلندڙ جنگ بابت وچٿرو بيان ڏيو ته اوهان کي آزادي ملي سگهي ٿي، ليڪن سوڀي صاحب کين جواب ڏيندي چيو ته ”اها بي ايماني ٿيندي اهڙي آزادي ڪو نه گهرجي“ پوءِ ان وقت جي وزير خارجه ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جي ڪوششن سان کيس آزادي ملي. جڏهن ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ جنگ لڳي ته سيپٽمبر 1956ع ۾ سوڀو صاحب کي گرفتار ڪيو ويو ۽ 1967ع ۾ وري آزادي ملي. هن لاڙڪاڻي لا ڪاليج مان 1970ع ۾ وڪالت پاس ڪري محترم عبدالرزاق سومرو وڪيل سان وڪالت شروع ڪئي. سال 1972ع ۾ سنڌي ٻولي واري بل جي سلسلي ۾ هلچل هلي ۽ سوڀو صاحب کي لاڙڪاڻو بدر ڪيو ويو، هو مير غوث بخش خان بزنجو گورنر بلوچستان جو مهمان ٿيو.[1].[2]

حوالا

[سنواريو]
  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 ڪتاب جو نالو ؛ لاڙڪاڻو ليڊرن جي ڌرتي: مصنف؛ عبدالستار ڀٽي: ايڊيشن؛ پهريون جنوري 1998ع ڇپائيندڙ؛ لاڙڪاڻو، ريسرچ اڪيڊمي
  2. "سوڀو گيانچنداڻي : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-10-03.