امرتسر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

امرتسر هندستان جي رياست پنجاب جو هڪ مشهور شهر آهي. هن شهر ۾ سک مت وارن جو مقدس ۽ مذهبي مرڪز ”گولڊن ٽيمپل“ موجود آهي. هن شهر جو بنياد سکن جي چوٿين گرو رامداس (-اڪبر بادشاهه- جي دور ۾) طرفان ڏنل زمين جي -ٽڪر- تي رکيو ويو. -ان- کان پوءِ رامداس جي جاءِ نشين گرو -ارجن-، هتي هڪ عاليشان گرد وارو/ درٻار صاحب (Golden Temple) ٺهرايو، جنهن کي سکن جي وڏي عبادتگاهه جو درجو حاصل آهي. هن گولڊن ٽيمپل جو سنگ بنياد مشهور صوفي بزرگ ميان مير سنڌي سيوهاڻي وڌو، جنهن جي مزار لاهور ۾ آهي. امرتسر ۾هڪ پَوِتر -تلاءُ- به ٺهيل آهي. هن شهر تي ’امرتسر‘ نالو به هن تلاءَ جي نسبت سان پيو.گرو گوبند سنگهه، سکن جي سڀني فرقن کي ذات -پات- جي امتياز کانسواءِ انهيءَ تلاءَ ۾ وهنجڻ جو حق ڏنو هو. 1762ع ۾ گرد وارو ۽ تلاءَ، تباهه ڪيا ويا هئا، پر ڪجهه عرصي کان پوءِ سکن -تلاءُ- ۽ مندر ٻيهر تعمير ڪرائي، مذهبي رسمون ادا ڪرڻ شروع ڪيون. راجا رنجيت سنگهه جي دور ۾ هن گردواري ۾ ڪافي سڌارا آندا ويا، جنهن کان پوءِ نه رڳو هن شهر جي اهميت وڌي وئي، پر هي شهر ’-اڪالي- تحريڪ‘ جو مرڪز بڻجي ويو. هندستان جي آزاديءَ واري تحريڪ دوران جليان والا -باغ- ۾ جنرل اوڊائر جي ڪرايل فائرنگ واري خوني واقعي کان پوءِ هن شهر کي سڄيءَ دنيا ۾ وڏي شهرت حاصل ٿي. 1983ع ڌاري ڀارت جي وزيراعظم اندرا گانڌيءَ سکن جي سورش ختم ڪرڻ لاءِ گولڊن ٽيمپل تي فوجي چڙهائيءَ جي اجازت ڏني هئي، جنهن ۾ ڪيترا سک مارجي ويا ۽ گولڊن ٽيمپل کي به وڏو نقصان پهتو، انهيءَ واقعي کان پوءِ -اندرا گانڌي- تڪراري بڻجي وئي، هن واقعي بعد گردواري جي مرمت ڪرائي وئي. امرتسر شهر جي -آدمشماري- 22 لک کان وڌيڪ آهي.[1]